Tuesday , March 19 2024

امريڪي پابندين جو اسان تي فرق نه پوندو،ڀوڳڻو آمريڪا کي پوندو: ايراني پرڏيهي وزير

تهران (سنڌسماءَچار  مانيٽرنگ ڊيسڪ) آمريڪا پاران ايران تان ختم ڪيل پابنديون ٻيهر بحال ڪرڻ تي، ايران سخت موقف اختيار ڪندي پنهنجي موقف تان نه هٽڻ جو اعلان ڪيو آهي. امريڪي پابنديون بحال ٿيڻ بعد ايران جي پرڏيهي وزير جواد ظريف چيو آهي ته، امريڪي پابندين کي ايران ڪيترن ئي ڏهاڪن کان منهن ڏئي رهيو آهي. وڏي عرصي کان لڳايل پابندين مٿان ايراني پرڏيهي وزير جواد ظريف سماجي رابطن جي ويب سائيٽ ٽويٽر تي جاري ڪيل پيغام ۾ چيو آهي ته، آمريڪي پابندين جا ابتا اثر ظاهر ٿي رهيا آهن، ايران تي پابنديون لڳائڻ سان عالمي سطح تي آمريڪا پاڻ اڪيلو ٿيندو پيو وڃي، جواد ظريف چيو ته آمريڪي پابنديون گڏيل قومن جي اعليٰ ترين عدالت ۽ سلامتي ڪائونسل جي ٺهرائن خلاف آهن. ايراني پرڏيهي وزير چيو آهي ته، جيڪي عام ايراني شهرين کي هدف بڻائي رهيون آهن. ان کان اڳ ايراني صدر حسن روحاني جو چوڻ هو ته اسان فخر واري انداز سان انهن آمريڪي پابندين جي ڀڃڪڙي ڪنداسين. ٽي وي تي خطاب ڪندي حسن روحاني چيو ته ايران تي لاڳو ڪيل آمريڪي پابنديون عالمي قانونن ۽ ضابطن جي ڀڃڪڙي جي زمري ۾ اچن ٿيون.

About Asghar Azad

Check Also

هُنن جي چاهڻ سان نه پر جڏهن مان چاهيان اليڪشن ٿيندي،معاشيات جو وڏو مطالعو ڪيو آهي: آصف زرداري

ڪراچي ( مانيٽرنگ ڊيسڪ   سنڌسماءَچار) “مان 14 سال جيل ۾ معاشيات جو وڏو مطالعو ڪيو …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *