Saturday , May 4 2024

سنڌ حڪومت جي سرپرستي ۾ بحرياٽائون وڌيڪ400ايڪڙ زمين والاري ڇڏي

پيپلزپارٽي جي قيادت ۽ سنڌ حڪومت جي مدد سان بحريا ٽائون وڌيڪ زمين تي والار ڪري ڇڏي

پنجن سئو سالن کان وڌيڪ قديمي ڪاڇيلو قبرستان تي به قبضو، جلد ڊاهڻ جون تياريون

ڪراچي( رپورٽ آفاق ڀٽي   سنڌسماءَچار) سنڌ جي زمينن تي والار تيزي سان جاري، ڪراچي مان چونڊيل پيپلزپارٽي جي ايم اين ايز، ايم پي ايز ۽ ٻيلي کاتي جي عبلدارن جي مدد سان ملير ۾ سرڪاري ۽ خانگي زمينن تي والار رڪجي نه سگهي، 400 ايڪڙن کان وڌيڪ زمين تي قبضو، قديمي قبرستان به ڊاهڻ جون تياريون.

تفصيلي رپورٽ موجب سنڌ حڪومت ۽ پيپلزپارٽي جي قيادت جي مدد سان ملير ۾ قديمي ڳوٺن، ٻيلي کاتي جي زمين ۽ قديمي ماڳن تي بحريا ٽائون پاران قبضي جو سلسلو تيز ٿي ويو آهي. ملير جي زمينن تي قبضا ڪري قائم ڪيل بحرياٽائون جي  مالڪ ملڪ رياض پاران سنڌ حڪومت وڌيڪ زمين تي قبضو ڪيو ويو آهي. ٻيلي کاتي، خانگي ماڻهن، ڳوٺن ۽ قبرستان جي زمين به بحريا ٽائون کي وڪرو ڪئي وئي آهي، جنهن تي باضابطا طور والار شروع ٿي وئي آهي.

ان سلسلي ۾ ملير جي زمينن تي قبضن خلاف ۽ ماحولياتي تباهڪارين خلاف جدوجهد ڪندڙ ۽ عوامي ورڪرز پارٽي جي اڳواڻ حفيظ بلوچ سنڌسماءَچار کي ٻڌايو ته “تازو قبضو ڪيل 400 ايڪڙن کان وڌيڪ زمين ۾ ڪجهه قديمي آباديون ۽ ڪاڇيلا برادري جو 500سئو سالن کان وڌيڪ قديمي قبرستان به شامل آهي”، هن ٻڌايو ته ٻيلي کاتي جا ڪامورا ۽ ڪاڇيلا برادري جو بااثر ۽ کاتي جو انسپڪٽر عظيم ڪاڇيلو، ملير ضلعي جي ديهه ڪاٺوڙ اٽڪل 400 ايڪڙن کان وڌيڪ زمين جنھن اندر قديمي قبرستان، ٻيلو، توڙي کيرٿر نيشنل پارڪ جو ٻاھريون پاسو شامل آھي، بحريا ٽائون کي وڪرو ڪري ڏئي ڇڏيو آھي ۽ والاريل زمين تي هيوي مشينري ذريعي تيزي سان ڪم جاري آهي”.

ان سلسلي ۾ اهو به معلوم ٿيو آهي ته، ڪراچي مان چونڊيل پيپلزپارٽي جي ايم اين ايز ۽ ايم پي ايز سميت پ پ ملير جا اڳواڻ مقامي ماڻهن کي مختلف طريقن سان لالچائي ۽ موتمار ڌمڪيون ڏئي خاموش رهڻ تي مجبور ڪري رهيا آهن. بحريا ٽائون پاران ڪجهه ڏينهن اندر ئي ڪاڇيلو قبرستان کي به ڊاهڻ جي تياري ڪئي وئي آهي.

About Ahmedbilal

Check Also

بحريا ٽائون ڪراچي پاران سنڌ جي زمينن جي رقم وفاق ۽ سنڌ جي خزاني ۾ جمع ڪرائڻ جو حڪم

بحريا ٽائون وڌيڪ زمينن تي قبضو ڪري رهيو آهي، بحريا ٽائون نه رڳو ادائگيون بند …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *