Saturday , April 27 2024

نيون تڪبنديون، سنڌ جي چئن ضلعن ۾ قومي ۽ صوبائي اسيمبلي جون4 سيٽون گهٽجي ويون

ڊجيٽل آدمشماري ۾ سنڌ جي آبادي تي هنيل ڌاڙي ۽ پيپلزپارٽي جي اقتداري لالچ جا شروعاتي نتيجا سامهون اچڻ شروع ٿي ويا

اسلام آباد (خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) ڊجيٽل آدمشماريءَ جي بنياد تي ڪيل نين تڪبندين ۾ قومي ۽ صوبائي اسيمبلي جي سنڌ ۾ مجموعي سيٽون برقرار، ڪراچي ڊويزن کانسواءِ سنڌ جي ٻين ضلعن ۾ 4 سيٽون گهٽايون ويون آهن. ايندڙ عام چونڊن کان اڳ ۾ گذريل ڊجيٽيل آدمشماري مطابق سموري ملڪ ۾ نين تڪبندين جو پهريون مرحلو مڪمل ڪيو ويو آهي، پهرين مرحلي ۾ سنڌ ۾ صوبائي اسيمبلي جي مجموعي سيٽن 130 ۽ قومي اسيمبلي جي مجموعي 61 سيٽن جو انگ برقرار رکيو ويو آهي، جنهن جو اليڪشن ڪميشن ڊرافٽ به تيار ڪري ڇڏيو آهي. اليڪشن ڪميشن پاران نين تڪبندين جي تيار ڪيل ڊرافٽ مطابق سنڌ ۾ سکر، لاڙڪاڻي، حيدر آباد ۽ شهيد بينظير آباد ڊويزنن جي چئن ضلعن؛ خيرپور، ٺٽو، سانگهڙ، شڪارپور ۾ سنڌ اسيمبلي ۽ قومي اسيمبلي جون چار سيٽون گهٽايون ويون آهن، سنڌ ۾ نين تڪبندين جي ڊرافٽ مطابق ڪراچي ڊويزن ۾ سنڌ اسيمبلي ۽ قومي اسيمبلي جون چار سيٽون وڌايون ويون آهن.نين تڪبندين مطابق ڊجيٽل آدمشماري ۾ آبادي جي بنياد تي خيرپور، ٺٽو ۽ سانگهڙ ضلعن ۾ سنڌ اسيمبلي جي هڪ هڪ ختم ڪئي پئي وڃي.

ڪراچي ڊويزن ۾ مجموعي طور سنڌ اسيمبلي جي ٽِن سيٽن ۾ واڌ ڪئي ويندي، جنهن ۾ ڪراچي اولهه ضلعو، ڪراچي اوڀر ۽ ڪراچي سينٽرل ضلعي ۾ سنڌ اسيمبلي جي هڪ هڪ سيٽ وڌائي پئي وڃي. شڪارپور ضلعي مان قومي اسيمبلي جي هڪ سيٽ گهٽ ڪرڻ جو ڊرافٽ تيار ڪيو ويو آهي. نين تڪبندين ۾ سنڌ اسيمبلي جي سيٽ4لک28هزار431جي آبادي تي جوڙي ويندي. قومي اسيمبلي جي سنڌ ۾ هڪ سيٽ9لک13هزار51جي آبادي تي مشتمل هوندي. اليڪشن ڪميشن تڪ بندين جي شروعاتي فهرست27سيپٽمبر تي جاري ٿيندي،28سيپٽمبر کان27آڪٽوبر تائين تڪ بندين تي اعتراض اليڪشن ڪميشن ۾ جمع ڪرائي سگهبا، اليڪشن ڪميشن پاران30نومبر تي تڪبندين جي حتمي فهرست جاري ڪئي ويندي.

About Ahmedbilal

Check Also

سنڌ جي تاريخي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي زمين تي والار جاري

ٺٽو ( خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) سنڌ جي تاريخي ورسي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *