Saturday , May 4 2024

ماحولياتي تبديلين کي سمجهڻ لاءِ ميڊيا اهم ڪردار ادا ڪري سگهي ٿي

ماحوليات بابت رپورٽنگ ڪندڙ صحافين جي لاءِ فورم ھجڻ جي سخت ضرورت آھي، تقريب کي صحافين جو خطاب

ڪراچي(رپورٽ:آفاق ڀٽي   سنڌسماءَچار )ڪراچي جي سينيئر صحافين چيو آھي ته ماحوليات بابت رپورٽنگ ڪندڙ صحافين جي لاءِ فورم ھجڻ جي سخت ضرورت آھي، تقريب کي صحافين جو خطاب، تفصيل موجب ڪلائيميٽ ايڪشن سينٽر ڪراچي پاران منعقد ڪيل فڪري ويھڪ ۾ پرنٽ، اليڪٽرانڪ ۽ ڊجيٽل ميڊيا جي صحافين ملڪ ۾ موسمياتي صحافت جي حوالي سان خيالن جي ڏي وٺ ڪئي، گڏجاڻي ۾ سي اي سي سربراھھ ياسر حسين، سينيئر صحافين آفاق ڀٽي، محمد يونس مھر، نور محمد ڪلھوڙو، جمشيد بخاري، ماريھ اسماعيل، لياقت عباسي، سيد شاهد شاهه، ڪرم علي شاهه، محمود عالم خالد، مريد ڄامڙو، محمد علي سومرو ۽ ٻين شرڪت ڪئي.

ان موقعي تي ماحولياتي چيلينجز جي حوالي سان سرڪار پاران ڊيٽا جي کوٽ ۽ تحقيقي رپورٽس جي اڻھوند تي خيالن جو اظھار ڪندي ڳڻتي ظاھر ڪئي وئي، گڏجاڻي ۾ شرڪت ڪندڙ چيو تھ ماحولياتي ۽ موسمياتي تبديلي جي موضوعن کي اڪثر نظر انداز ڪيو ويندو آھي ۽ ان کي گھٽ سرگرم بيٽ ۾ شامل صحافين کي ڏني ويندي آھي، گڏجاڻي ۾ نشاندھي ڪئي وئي تھ ماحوليات بابت ماھراڻھ تربيتي سھولتن جي گھٽتائي اھم رڪاوٽ آھي جنھن جي ڪري رپورٽرن کي موسمياتي صحافت ۾ مھارت حاصل ڪرڻ کان لنوائي ٿو ۽ ان جي نتيجي ۾ ھو مواد جي لاءِ پريس رليز ۽ ايونٽس تي ڀاڙڻ تي زور ڏئي ٿو، گڏجاڻي ۾ شڪت ڪندڙ صحافين جو واضح موقف ھو تھ موسمياتي تبديلي جي مسئلن تي اثرائتي طريقي سان ڪور ڪرڻ جي لاءِ اليڪترانڪ ۽ پرنٽ ميڊيا جي صحافين کي ضروري مھارتن سان ليس ڪرڻ جي لاءِ تربيتي پروگرامن جي فوري ضرورت آھي، ان موقعي تي ڪلائيميٽ ايڪشن سينٽر جي ڊائريڪٽر ياسر حسين ميڊيا جي اثرائٿي ڪردار تي زور ڏنو تھ ھو موسمياتي ڪاروائي کي متحرڪ ڪرڻ ۽ ملڪ جي لاءِ پائيدارحل کي ھٿي ڏيڻ ۾ مدد ڪري سگھي ٿو، ھن فوسل فيول مان ٺھندڙ بجلي پيدا ڪندڙن کي پيغام ڏنو تھ ھو قابل تجديد توانائي منصوبن طرف اچن تھ جيئن صاف ۽ منصفاڻي توائي طرف منتقلي کي يقيني بڻائي سگھجي، ياسر حسين عوام کي درپيش ٻن رستن مان ھڪ ڏکيائي کي اجاڳر ڪيو تھ عوام يا تھ فوسل فيول مان پيدا ٿيندڙ مھانگي بجلي جو بار کڻندو رھي يا سستي، صاف توانائي جي فراھمي جو مطالبو ڪري، ھن ميڊيا تي زور ڏنو ھو ھو اھو اھم پيغام عوام تائين پھچائي ۽ ان ڳالھھ تي زور ڏنو تھ موجودھ فوسل فيول مان ٺھندڙ بجلي جي رسد کي برقرار رکڻ جا اگرا نتيجا ھوندا، موسمياتي رپورٽ کي مرڪزي ميڊيا ۾ سامھون آڻڻ جي لاءِ ياسر حسين موسمياتي صحافين جي لاءِ ھڪ مخصوص پليٽ فارم جي قيام جي تجويز پيش ڪئي، اھو قدم علم ۽ بھترين طريقن تي ٻڌل ھڪ تعاون وارو ماحول فراھم ڪرڻ جو مقصد آھي، گڏجاڻي ۾ اتفاق ڪيو ويو تھ موسمياتي رپورٽ ۾ دلچسپي رکندڙ صحافي ھر ھفتي ڪلائيمٽ ايڪشن سينٽر ۾ گڏ ٿيندا، تھ ڪيئن مخصوص پليٽ فارم جي ترقي کي وڌيڪ اڳتي وڌائي سگھجي.

About Ahmedbilal

Check Also

بحريا ٽائون ڪراچي پاران سنڌ جي زمينن جي رقم وفاق ۽ سنڌ جي خزاني ۾ جمع ڪرائڻ جو حڪم

بحريا ٽائون وڌيڪ زمينن تي قبضو ڪري رهيو آهي، بحريا ٽائون نه رڳو ادائگيون بند …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *