Friday , May 3 2024

“صدين کان آباد پنهنجا ڳوٺ خالي ڪيو”، ملير جي ڳوٺاڻن کي نادر شاهي حڪم

“صدين کان آباد پنهنجا ڳوٺ خالي ڪيو”، ملير جي ڳوٺاڻن کي نادر شاهي حڪم

 

 

ڪراچي (رپورٽ: اصغر آزاد      سنڌسماءَچار) ڌرتي ڌڻين کي بي گهر ڪري صدين کان آباد ملير جو ڳوٺاڻن کي عسڪري اداري پاران اباڻا اجها خالي ڪرڻ جو حڪم، ٻن هفتن اندر 20ڳوٺ خالي نه ڪرڻ جي صورت ۾ نتيجا ڀوڳڻ جي ڌمڪي،  پيپلزپارٽي جا ملير مان چونڊيل ايم اين ايز، ايم پي ايز ۽ مڪاني ادارن جا چونڊيل نمائندا خاموش تماشامائي بڻيل. بحريا ٽائون کان پوءِ سنڌ جي سرڪاري، خانگي زميون زبردستي خريد ڪري ۽ صدين کان آباد ڳوٺن تي قبضا ڪري ملير ۽ ٺٽي ضلعي جي ڪجهه ديهن تي مشتمل  ”سيٽلائيٽ ٽائون“ جي نالي سان نئون شهر آباد ڪرڻ لاءِ سنڌ جي لکين ايڪڙ زمين تي والار ڪئي پئي وڃي. ٺٽي ضلعي جي ڌاٻيجي سميت ملير ضلعي جي 14 کان وڌيڪ ديهن کي شامل ڪيو ويو آهي، جن ۾ 20 وڏا ڳوٺ ۽ ڪيترائي ننڍا ننڍا ڳوٺ به شامل آهن.

علائقي واسين جو چوڻ آهي ته عسڪري اداري جي عملدار ڪجهه سويلن ماڻهن سان گڏجي سمندري بابا چيڪ پوسٽ تي گهرائي کين سختي سان حڪم ڏنو آهي ته ”ٻن هفتن اندر پنهنجا ڳوٺ ۽ ٻيون زمينون خالي ڪري هليا وڃون، ٻي صورت ۾ نتيجن جا ذميوار اهوان پاڻ هوندا“، علائقي واسين جو چوڻ آهي ته هنن علائقي مان چونڊيل ايم پي ايز، ايم اين ايز توڙي مڪاني ادارن جي چونڊيل نمائندن جن کي هنن ئي ووٽ ڏئي ڪامياب ڪرايو آهي، انهن کي دانهن ڏني آهي پر ڪير به ٻڌڻ وارو ناهي، سڀني بي يارو مددگار ۽ لاوارث ڪري ڇڏي ڏنو آهي، اسان هتي صدين کان آباد آهيون، ڳوٺن توڙي زمينن جا قانوني مالڪ آهيون پر اسان کي ائين گهرائي تڙي ڪڍڻ جون تياريون ڪيون پيو وڃن. علائقي واسين چيف جسٽس سپريم ڪورٽ کي اپيل ڪئي آهي ته معاملي جو پاڻ مرادو نوٽيس وٺي تحفظ ڏنو وڃي.

ڳوٺاڻن جو چوڻ آهي ته جن ڳوٺن کي فوري طور خالي ڪرن جو حڪم ڏنو ويو آهي آهي انهن ۾ ڳوٺ دودو ڪبير محمد سالار، ڳوٺ وليداد سالار، ڳوٺ محمد خان سالار، ڳوٺ منگھن جوکيو شامل آهن، ڳوٺ سجاول جوکيو، ڳوٺ آدم سالار، ڳوٺ حاجي ڀائي خان سالار، ڳوٺ محمد مراد سالار، ڳوٺ دودو گهنور جوکيو، ڳوٺ ناٿو موسا بلوچ کي به خالي ڪرڻ جو حڪم ڏنو ويو آهي، هنن ٻڌايو ته ڳوٺ حاجي عيسب جوکيو، ڳوٺ محمد خان جوکيو، حاجي فتح محمد جوکيو، ڳوٺ محمد علي جوکيو مريداڻي، ڳوٺ عبدالرحمان جوکيو، ڳوٺ ڪريم بخش جوکيو، ڳوٺ حاجي احمد جوکيو، ڳوٺ دينار جوکيو، ڳوٺ مورو جوکيو مريداڻي کي به فوري طور خالي ڪرڻ جو حڪم ڏنو ويو آهي.

سيٽلائيٽ ٽائون شامل ديهن ۾ ديهه الله ڦحائي، ديهه شاهه مريد، ديهه ماهيو، نار ٿر، ديهه ٿَورِي، شاهي چب، لوهار ڪولنگ، مٺا گهر، ٻولهاري، لنگيجي، ڪونڪر، کارکڙو، ڪاٺوڙ، ڌاٻيجي، گهگر ۽ ديهه ڊانڊو شامل آهن.

سيٽلائيٽ ٽائون بابت سنڌسماءَچار جي گذريل سال آگسٽ مهيني ۾ ڇپيل هڪ اسٽوري

پيپلزپارٽي اسٽبلشمينٽ سان گڏجي سنڌ ۾ هڪ وڌيڪ فلسطين ٺاهڻ رٿابندي ڪري ورتي

 

About Ahmedbilal

Check Also

بحريا ٽائون ڪراچي پاران سنڌ جي زمينن جي رقم وفاق ۽ سنڌ جي خزاني ۾ جمع ڪرائڻ جو حڪم

بحريا ٽائون وڌيڪ زمينن تي قبضو ڪري رهيو آهي، بحريا ٽائون نه رڳو ادائگيون بند …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *