Saturday , April 27 2024

شهيد جان محمد مهر ۽ شهيد فاطمه ڦرڙو جو قتل؛ چيف جسٽس احمد علي شيخ نوٽيس وٺو _ اصغر آزاد

شهيد جان محمد مهر ۽ شهيد فاطمه ڦرڙو جو قتل؛ چيف جسٽس احمد علي شيخ نوٽيس وٺو _ اصغر آزاد

محترم چيف جسٽس سنڌ هاءِ ڪورٽ، جسٽس احمد علي شيخ صاحب !

ملڪ جي جشن آزادي جي مناسبت سان هاءِ سيڪيورٽي الرٽ واري ڏينهن يعني 13 ۽ 14 آگسٽ جي وچ واري رات جو سکر شهر جي مصروف علائقي ڪوئينس روڊ تي سنڌ جي سڀ کان وڏي ميڊيا هائوس ڪي ٽي اين نيوز ۽ ڪاوش اخبار جي آفيس ڀرسان دهشتگرد آساني سان اچن ٿا؛ بنا خوف جي سنڌ جي هڪ بهادر ۽ دلير صحافي جان محمد مهر کي ماهراڻي انداز (شارپ شوٽرز جيان) سان  نشانو بڻائي بنا ڪنهن رنڊ روڪ جي هليا وڃن ٿا.

جڏهن جان محمد مهر سندس دوست ۽ ساٿي زخمي حالت ۾ اسپتالن ۾ کڻي سندس جان بچائڻ لاءِ ڀٽڪندا وتن ٿا ته پوليس گم، سول اسپتال ۾ ڊاڪٽر ۽ ايمرجنسي عملو گم، جان محمد مهر کي سندس ساٿي هتان کان هُتي ۽ هُتان کان ٻئي هنڌ کڻي وڃن ٿا، ان دوران سندس رت ايترو وهي چڪو هجي ٿو جو ڊاڪٽرز ۽ آپريشن ٿيٽر جي سهولت واري جنهن اسپتال ۾ کيس پهچايو وڃي ٿو ۽ ڊاڪٽر سندس جان بچائڻ جي ڪوششن ۾ لڳي وڃن ٿا ته ايستائين پاڻي سکر بئراج جي دروازن مان وهي چڪو هو، مطلب ته جو بهادر شخص اسپتالن ۾ سهولتن جي کوٽ، امن امان جي خراب صورتحال سميت اهڙن انيڪ مسئلن تي عوام جو آواز بڻيل هو اُهو پاڻ هڪ سکر سول اسپتال اندر ڊاڪٽرن ۽ ٻئي عملي جي غيرموجودگي (ديرسان پهچڻ) ۽ سهولتن جي اڻاٺ سبب موت سان جهيڙيندي جام شهادت نوش ڪري ڇڏيو.

محترم چيف جسٽس سنڌ هاءِ ڪورٽ، جسٽس احمد علي شيخ صاحب !

انتهائي تعجب ۾ وجهندڙ ڳالهه اها آهي ته ان وقت جي وڏي وزير مراد علي شاهه ۽ آءِ جي سنڌ توڙي گهرو کاتي اهڙي وڏي مجرماڻي نااهلي، لاپرواهي تي ايس ايس پي سکر، اسپيشل برانچ، ايس پي يا لاڳاپيل ڪو به ٻيو پوليس آفيسر، ٿاڻي جو ايس ايڇ خلاف ڪا به ڪارروائي ته نه ٿي پر سکر پوليس خاص طور ايس ايس پي سنگهار ملڪ کي هيرو ڪري پيش ڪيو پيو وڃي، سول اسپتال جي ايم ايس ته وڏي ڳالهه آهي پر ڪنهن پٽيوالي کي ڇڙٻ به ناهي ڏني وئي.

محترم چيف جسٽس سنڌ هاءِ ڪورٽ، جسٽس احمد علي شيخ صاحب !

شهيد جان محمد مهر جي بي رحماڻي قتل وارو معاملو رڳو شهيد جي وارثن، سندس اداري يا دوستن جو نه پر سڄي سنڌ جو مسئلو آهي، شهيد جان محمد مهر جو قتل، سنڌ جي شعور، حق سچ لاءِ کڄندڙ قلم، بي پهچ ۽ مسڪين ماڻهن آواز بڻيل ذهن، سوچ جو قتل آهي ۽ اهو معاملو سنڌ جي شعور تي ڪيل ٻين حملن جيان هڪ حملو آهي، چيف  جسٽس صاحب؛ هن معاملي جو هاڻي اوهان کي نوٽيس وٺي عدالتي جاچ يا جيئن سندس وارث ۽ ادارو چون ان مطابق گهڻ رخي جاچ ڪرائي وڃي. شهيد جي وارثن سڀ کان پهريان، پوءِ صحافتي تنظيمن ۽ سڄاڻ ڌرين سنڌ حڪومت پاران جوڙيل جي آءِ ٽيءَ جَي سربراهه ايس ايس پي سکر سنگهار ملڪ تي بي اعتمادي جواڌ اظهار ڪندي کيس هٽائڻ جو مطالبو ڪيو آهي، هنن جو مطالبو آهي ته ڪنهن به سينيئر ۽ سٺي ساک رکندڙ پوليس آفيسر کي جي آءِ ٽي جو سربراهه مقرر ڪيو وڃي.

محترم چيف جسٽس سنڌ هاءِ ڪورٽ، جسٽس احمد علي شيخ صاحب !

محترم چيف جسٽس سنڌ هاءِ ڪورٽ، جسٽس احمد علي شيخ صاحب !

هڪ ٻيو سانحو!!

راڻيپور جي پيرن جي حويلي ۾ دهشتگردي ٿي آهي؛ هڪ معصوم نياڻي سان ريپ ڪري کيس سخت تشدد ڪري قتل ڪيو ويو آهي، نياڻي فاطمه ڦرڙو جي جيڪا وڊيو شيئر ٿي آهي ان سان دهشت پکڙجي وئي آهي. هن معاملي جي جيڪا ايف آءِ آر داخل ٿي آهي، اها کوڙ سارين ڪمزورين سان ڀريل آهي، هن ۾ اينٽي ٽيررزم ايڪٽ سيون اَي تحت داخل ٿيڻ گهرجي ها. چيف جسٽس سنڌ هاءِ ڪورٽ جسٽس احمد علي شيخ کي اپيل ڪيون ٿا ته معاملي جو نوٽيس وٺي هاءِ ڪورٽ جي نگراني ۾ ايف آءِ آر داخل ڪرائي وڃي. راڻيپور جا پير پيپلزپارٽي ۾ آهن ۽ 15 سالن کان پ پ جو راڄ رهيو آهي، ايس ايس پي سميت خيرپور ضلعي جي سموري انتظاميا پيپلزپارٽي جي ڳيجهو آحي، سيد قائم علي شاهه، منظور وساڻ سميت خيرپور جا سمورا ايم پي ايز ۽ ايم اين ايز پنهنجو پورو پورو زور لڳائي متاثر ڪٽنب کي خاموش ڪرائڻ لاءِ هاڻي کان ئي ڪوششون شروع ڪري ڇڏيون آهن، اهو امڪان رد نه ٿو ڪري سگهجي ته ڪجهه ئي ڏينهن ۾ متاثر مسڪين ڪٽنب کي ڪيس تان هٿ کڻڻ لاءِ مجبور نه ڪيو وڃي، بلڪل ائين ئي جيئن ناظم جوکيو قتل ڪيس ۾ ڪيو ويو هو، شهيد ناظم جوکيو جي قتل ۾ به پيپلزپارٽي ئي ملوث هئي ۽ پ پ قيادت توڙي سنڌ حڪومت معاملو لئي مٽي ڪرڻ ۾ مک ڪردار ادا ڪيو هو.راڻيپور ۾ شهيد فاطمه ڦرڙو جي قتل ۾ پيپلزپارٽي جا اڳواڻ ئي شامل آهن. جيڪڏهن شهيد فاطمه جو قتل لوڙهيو ويو ته اهو سڄي سنڌ لاءِ وڏو هاڃو هوندو، ۽ حويلين ۾ ائين ئي نياڻين جو ريپ ٿيندو رهندو، مٿن تشدد ڪري قتل ڪيو ويندو.

محترم چيف جسٽس سنڌ هاءِ ڪورٽ، جسٽس احمد علي شيخ صاحب !

نياڻي شهيد فاطمه جو قاتل اسد شاهه دعويٰ ڪري رهيو آهي ته هنن جي درگاهه تي مُئل ماڻهن کي جيئرو ڪيو ويندو آهي، هن جي اهڙي دعويٰ توهين اسلام جي زمري ۾ اچي ٿي، هن خلاف ته توهين اسلام جو الڳ سان ڪيس داخل ٿيڻ گهرجي.

محترم چيف جسٽس سنڌ هاءِ ڪورٽ، جسٽس احمد علي شيخ صاحب؛ جڏهن اوهان کي سپريم ڪورٽ ۾ ميرٽ تي مقرر نه ڪيو ويو ته سڄي سنڌ اوهان لاءِ آواز اٿاريو، هاڻي اوهان جو به فرض آهي ته راڻيپور واري سانحي جو نوٽيس وٺي معاملي جي رپورٽ طلب ڪيو ۽ ان رپورٽ کي آئيني درخواست/ پٽيشن ۾ تبديل ڪري معاملي جي روزاني بنيادن تي نگراني ڪيو.

About Ahmedbilal

Check Also

سنڌ جي تاريخي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي زمين تي والار جاري

ٺٽو ( خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) سنڌ جي تاريخي ورسي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *