Saturday , April 27 2024

سنڌ حڪومت 4 آگسٽ تي ڪارونجهر سميت مختلف ضلعن ۾ معدني وسيلا نيلام ڪندي

ڪراچي ( رپورٽ: آفاق ڀٽي    سنڌسماءَچار) سنڌ حڪومت پاران سنڌ جي تاريخي ورثي ڪارونجهر سميت مختلف ضلعن ۾ معدني وسيلن جي کوٽائي/ مائننگ جي نيلامي 4 آگسٽ تي ڪئي ويندي، سمورا انتظام مڪمل، ٻيهر اشتهار به جاري. پيپلزپارٽي جي سنڌ حڪومت پاران سنڌ جي تاريخي ورثي ڪارونجهر جي نيلامي جون سموريون تياريون مڪمل ڪري ورتيون آهن، سنڌ حڪومت جي مائينز اينڊ منرلز کاتي پاران مختلف اخبارن ۾ اشتهار جاري ڪيو ويو آهي، جنهن ۾ واضح طور چيو ويو آهي ته، ٻاويهين ۽ ٽيويهين جولاءِ تي مختلف اخبارن ۾ سنڌ اندر معدني وسيلن جي کوٽائي/مائيننگ لاءِ لائسنسز جاري ڪرڻ لاءِ پهرين آگسٽ تي نيلامي ڪئي ويندي، جيڪا ڪجهه سببن جيڪري ملتوي ڪئي وئي هئي. نئين ڪجاري ڪيل اشتهار ۾ ڪارونجهر جو نالو لکڻ کانسواءِ  مائننگ لاءِ لائنسز/ليز جاري ڪرڻ لاءِ 4 آگسٽ جي تاريخ مقرر ڪئي وئي آهي.

معاملو ٿڌو ڪرڻ لاءِ جاري ڪيل پبلڪ نوٽيس

سنڌ حڪومت 22هين ۽ 23هين جولاءِ تي ڪارونجهر سميت سنڌ جي مختلف ضلعن ۾ معدني وسيلن جي کوٽائي / مائننگ ڪرڻ جي نيلامي لاءِ اشتهار جاري ڪيو ويو هو، اهڙو اشتهار جاري ڪرڻ کانپوءِ ٽويٽر ۽ فيس بڪ سميت سماجي رابطن جي مختلف ويب سائيٽس، سنڌ جي عام ماڻهن پاران ڪيل احتجاجي مظاهرن کانپوءِ سنڌ حڪومت پاران ڪارونجهر جي نيلامي وارو معاملو عارضي طور ملتوي ڪرڻ لاءِ هڪ شڪي قسم جو پبلڪ نوٽيس جاري ڪيو هو، جنهن کي به سنڌ جي سڄاڻ ڌرين سنڌ حڪومت ۽ پيپلزپارٽي پاران ،معاملي کي ٿڌو ڪرڻ جي سازش قارار ڏنو ويو هو.

ياد رهي ته سنڌسماءَچار سنڌ حڪومت پاران ڪارونجهر جي نيلامي بابت سنڌ حڪومت پاران جاري ڪيل پبلڪ نوٽيس جي شڪي هجڻ واري خبر هلائي چڪي آهي.

About Ahmedbilal

Check Also

سنڌ جي تاريخي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي زمين تي والار جاري

ٺٽو ( خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) سنڌ جي تاريخي ورسي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي …

One comment

  1. ذوالفقار راڄپر

    پيپلزپارٽي کي مرحوم ڀٽي ۽ مرحوم بينظير ڀٽو وانگر صرف ڪرسي کپي، هي ته سڄي سنڌ وڪڻڻ لاءِ تيار آهن، ٻڌو آهي ته فوجين جي کاتي ايف ڊبليو او کي ٺيڪو ملي رهيو آهي، عوام کي سخت مزاحمت جي تياري ڪرڻي پوندي، سواء عوامي تحريڪ جي ٻي ڪابه تنظيم ان مسئلي ۽ سنڌ جي زمينن تي قبضن خلاف سنجيده نه آهن

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *