Saturday , April 27 2024

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها ڳالهه اها ته هن چيف جسٽس جي عهدي جو قسم کڻڻ وقت پاڻ سان گڏ بيهاريو، اصل منڊيءَ تي ٽِڪ جهڙو عمل هو.

بلوچستان سان واسطو رکندڙ، سپريم ڪورٽ جي جج قاضي فائز عيسيٰ جي؛ چيف جسٽس سپريم ڪورٽ آف پاڪستان ٿيڻ تي اسان جي سنڌي ساڃاهه وندن ۽ وڪيل برادري پاران هو جمالو هلائي وڏيون هنبوشيون هنيون پيون وڃن، اهو انهن جو بنيادي انساني حق آهي ته اُهي ڪنهن کي اصول پرست ۽ حق تي سمجهن ٿا ۽ ان جي حمايت ۾ هنبوشيون هڻن ٿا. آءُ گهڻي بحث ۾ وڃڻ نه ٿو چاهيان پر انهن سڀني هنبوشي هجوم مان سينيئر توڙي جونيئر وڪيلن کي صلاح ٿو ڏيان ته اُهي، سپريم ڪورٽ ۾ هڪ درخواست داخل ڪن ته، 1973 جي آئين (جنهن کي ذاتي طور مان نه ٿو مڃيان) معدني وسيلا، معدني وسيلن جِي پيداوار، تعليم، صحت، ماحوليات وارا سبجيڪٽ صوبائي سبجيڪٽ آهن، سمنڊ جيئن ته سنڌ ۽ بلوچستان ۾ آهي ان تي به انهن صوبن جو حق آهي، انڪري اُهي صوبن جي حوالي ڪيان وڃن، وفاق ۾ موجود انهن جون سموريون وزارتون، ڊويزنز ۽ اهڙا سمورا ٻيا ادارا جيڪي صوبائي سبجيڪٽ آهن انهن کي ختم ڪري، مڪمل اختيار واپس صوبن جي حوالي ڪيو وڃي، روڊس/هاءِ ويز صوبن جي ملڪيت آهن ته موٽرويز جي نالي تي انهن جي روينيو اوڳاڙي صوبن جي حوالي ڪئي وڃي، تيل ۽ گئس سڀ کان پهريان صوبن جي گهرج پوري ڪرڻ لاءِ انهن جي حوالي ڪيا وڃن. انهن کانسواءِ اهڙا ٻيا به کوڙ سارا معاملا آهن اُهي صوبن جي حوالي ڪري وفاق جو قبضو/ اختيار ختم ڪيو وڃي. جيڪڏهن اوهان کي چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي ڪورٽ مان به، آيان شايا بايان، هيئن آهي، ائين ته پوءِ، اهو ڪئين ٿيندو، ائين ته ممڪن ناهي، ان جو ڪو ٻيو حل ڪڍيو وڃي، حالانڪه بشرطيقه…..وغيره وغيره جا آواز نه اچن ته آءُ ۽ مون جهڙا اڌ پڙهيا، ڳوٺاڻا چريا ماڻهو نه رڳو هنبوشي هجوم پر اوهان جي آئين ۽ سپريم ڪورٽ جا ڏوهي، سزا تجويز ڪري ڇڏجو.

ڏسنداسين ته چيف جسٽس، جسٽس قاضي فائز عيسيٰ رياستي ادارن پاران کنڀي گم ڪيل ماڻهن واري ڪيس جي به پي ٽي وي ذريعي سڌي نشريات/لائيو ڪوريج جو بندوبست ڪرائڻ جي تڪليف ڪندو. کنڀي گم ڪيل ماڻهن واري ڪيس ۾ رليف رڳو ڪي پي ۽ پنجاب جي ماڻهن کي ملندو يا چيف جسٽس جي پنهنجي صوبي بلوچستان ۽ سنڌ مان کنڀي گم ڪيل ماڻهن جي ڪيسز ۾ به ٻڌڻيون سڌي ريت ڏيکاريون وينديون؟

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها ڳالهه اها ته هن چيف جسٽس جي عهدي جو قسم کڻڻ وقت پاڻ سان گڏ بيهاريو، اصل منڊيءَ تي ٽِڪ جهڙو عمل هو.

About Ahmedbilal

Check Also

سنڌ جي تاريخي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي زمين تي والار جاري

ٺٽو ( خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) سنڌ جي تاريخي ورسي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *