Saturday , April 27 2024

هاڻي جنهن به ملڪ وڃون ٿا ته منهن ڏسي سمجهي ٿا وڃن ته پئسا وٺڻ آيا آهن: وزيراعظم شهباز شريف

ڪراچي (مانيٽرنگ ڊيسڪ   سنڌسماءَچار) اسان کي پنڻ جو سلسلو بند ڪرڻو پوندو، هاڻي جنهن به ملڪ جي دوري تي وڃون ٿا ته اُهي سمجهي وڃن ٿا ته اسان هنن وٽ پئسا وٺڻ آيا آهيون، اسان کي هاڻي پنڻ ڇڏڻو پوندو، سعودي حڪومت 2 ارب ڊالرز ڏنا آهن، هاڻي صورتحال بهتر ٿي رهيون آهن. پشاور ۽ اسلام آباد ۾ ڌار ڌار تقريبن کي خطاب ڪندي چيو آهي ته هاڻي اسان کي پنڻ وارو سلسلو بند ڪرڻو پوندو، مان پاڻ، ڪو وفاقي وزير يا ڪو به حڪومتي وفد ڪنهن ملڪ جي دوري تي پهچي ٿو ته اُن ملڪ جا سربراهه يا رياستي عملدار سمجهي ويندا آهن ته اسان کائن پئسا وٺڻ آيا آهيون، اسان به انهن جا چهرا ڏسي سمجهي ويندا آهيون ته هي به سمجهي ويا آهن ته اسان قرض يا مدد وٺڻ آيا آهيون. وزيراعظم چيو ته اسان کي پنڻ ڇڏڻو پوندو، پر عالمي مالياتي اداري جو قرض پروگرام وٺڻ مجبوري ۾ قبول ڪرڻو پيو آهي، پريشاني جي ڳالهه ناهي ملڪي معاشي صورتحال ۾ بهتري اچي رهي آهي.

شهباز شريف چيو ته سعودي عرب ٻه ارب ڊالر اسٽيٽ بئنڪ ۾ جمع ڪرائي ڇڏيا آهن، ڏکئي وقت ۾ پاڪستان جو ساٿ ڏيڻ تي سعودي عرب جو ٿورائتو آهيان.

شهباز شريف چيو ته سعودي عرب ٻه ارب ڊالر اسٽيٽ بئنڪ ۾ جمع ڪرائي ڇڏيا آهن، ڏکئي وقت ۾ پاڪستان جو ساٿ ڏيڻ تي سعودي عرب جو ٿورائتو آهيان.

وزيراعظم چيو ته ناڻي واري وزير اسحاق ڊار ۽ آرمي چيف جنرل عاصم منير جو به ٿورائتو آهيان، هنن به ان سلسلي ۾ وڏي محنت ڪئي. ماضي مان سبق سکڻو پوندو، روئڻ پٽڻ سان ڪو مُلڪ ترقي نٿو ڪري سگهي، ترقي لاءِ محنت ڪرڻي پوندي، مهانگائي ۾ هوريان هوريان لاٿ آڻينداسين. ايندڙ ڪجهه سالن ۾ پاڪستان خطي جو خوشحال مُلڪ هوندو، مُلڪي معاشي صورتحال ۾ بهتري اچي رهي آهي.

About Ahmedbilal

Check Also

هُنن جي چاهڻ سان نه پر جڏهن مان چاهيان اليڪشن ٿيندي،معاشيات جو وڏو مطالعو ڪيو آهي: آصف زرداري

ڪراچي ( مانيٽرنگ ڊيسڪ   سنڌسماءَچار) “مان 14 سال جيل ۾ معاشيات جو وڏو مطالعو ڪيو …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *