Sunday , April 28 2024

مونکي ڦاسائڻ جون ڪوششون ڪيون پيون وڃن: آصف زرداري

نوابشاهه( خاص نمائندو  سنڌسماءَچار) اڳوڻ  ي صدر ۽ پيپلز پارٽي جي صدر آصف علي زرداري چيو آهي ته، نيب جي سخت قانون ۽ ڪاررواين سبب ڪير به ڪم ڪرڻ لاءِ تيار ناهي، مونکي ڦاسائڻ جون ڪوششو ڪيون پيون وڃن. نواب شاهه ۾ سيد هائوس تي ٿيل پ پ جي ڪارنر گڏجاڻي کي خطاب ڪندي پ پ پ جي شريڪ چيئرمين آصف علي زرداري چيو ته، مونکي ماضي ۾ به ڪوڙن ۽ هٿ ٺوڪين ڪيسن ۾ قيد ڪيو ويو ۽ سمورن ڪيسن کي عدالتن ۾ منهن ڏنو، منهنجي مٿان ڪو به الزام ثابت نه ٿيو. هن چيو ته هاڻي به مونکي ڦاسائڻ لاءِ گهڻيون ئي ڪوششون ڪيون پيون وڃن، پر اُهي ماضي جيان ناڪام ٿي وينديون. اڳوڻي صدر جو چوڻ هو ته، نيب جي سخت قانون ۽ سنڌ ۾ ڪاررواين سبب ڪو به سياستدان توڙي آفيسر ڪم ڪرڻ لاءِ تيار نه آهي، جن هن سبب ڪيترائي ڪم رولڙي جو شڪار آهن. آصف زرداري تقريب کي خطاب ڪندي چيو ته، هُو شهيد بينظير ڀٽو جو مشن منزل طرف کڻي هلندو، شهيد بي بي جي مشن تحت بيروزگار نوجوانن کي روزگار ڏنو؛ جيڪڏهن روزگار ڏيڻ گناهه آهي ته مان اهڙُ گناهه ڪندو رهندس.

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ جي تاريخي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي زمين تي والار جاري

ٺٽو ( خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) سنڌ جي تاريخي ورسي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *