Saturday , April 27 2024

پوليس بيوس بڻيل، قبيلائي دهشتگردي تان اغوا ڪيل 2عورتون ۽ هڪ ٻارڙي راڄوڻي بعد واپس

پوليس بيوس بڻيل، قبيلائي دهشتگردي تان اغوا ڪيل 2عورتون ۽ هڪ ٻارڙي راڄوڻي بعد واپس، سردار علي گوهر مهر پنهنجي برادري جي قبيلائي  دهشتگردن کي تحفظ ڏياري ورتو

پنوعاقل / ڪراچي ( خاص نمائندو/ چيف رپورٽر   سنڌسماءَچار) ٻه ڏينهن اڳ مهر ۽ ڪلهوڙا برادري وچ ۾ ڪارنهن دهشتگردي تان ٻه ڄڻا قتل ڪري ٻارڙي ۽ ٻن عورتن کي اغوا ڪندڙ دهشتگرد گرفتار نه ٿيا، ايس ايس سنگهار ملڪ، قبيلائي دهشتگردي ۾ ملوث مهر برادري جي دهشتگردن وٽان راڄوڻي ذريعي اغوا ڪيل ٻن عورتن ۽ هڪ ٻارڙي کي وٺي دهشتگردن کي ڇڏي ڏنو. ايس ايس  پي سکر سنگهار ملڪ وڏي پوليس  نفري سان گڏ، مهر قبيلي جي سردار علي گوهر مهر جي سفارش تي قبيلائي دهشتگردي ۾ ڪهلوڙا برادري جي ٻن ڄڻن کي قتل ڪري هڪ معصوم ٻارڙي ۽ ٻن عورتن کي اغوا ڪندڙ دهشتگردن وٽان ڇڏائي انهن کي گرفتار ڪرڻ کانسواءِ  واپس موٽي آيو.

ايس ايس پي سکر سنگهار ملڪ دعويٰ ڪئي آهي ته ڪچي ۾ مهرن جي ڳوٺن تي چڙهايون  ڪري اغوا ڪيل ٻن عورتن ۽ ٻارڙيءَ کي اغوا ڪندڙن وٽان ڇڏائي ورتو آهي، ٻنهي عورتن ۽ ٻارڙيءَ کي پاڻ وارثن جي حوالي ڪيو آهي، ايس ايس پي سکر سنگهار ملڪ جو چوڻ هو ته ٻن ڄڻن کي قتل ڪندڙ ۽ عورتن کي اغوا ڪندڙ جوابدارن خلاف پوليس جون ڪارروائيون جاري آهن، هن دعويٰ ڪندي چيو ته عورتن کي  ڇڏائڻ لاءِ پوليس ڪابه راڄوڻي نه ڪئي آهي، ڪنهن به جوابدار کي نه ڇڏينداسين پنوعاقل مان ناري امام زادي مهر جي نوجوان وسيم ڪلهوڙو سان پرڻي لاءِ گهران نڪرڻ بعد گذريل ڏينهن هٿياربندن امير بخش ڪلهوڙو ڳوٺ تي حملو ڪيو هو جنهن ۾ 2 ڄڻا مارجي ويا هئا ۽ 6 زخمي ٿي پيا هئا، هٿياربندن قتل ڪيل مرتضيٰ ڪلھوڙو جي ڌيءُ مسڪان، ڀاڄائي امام خاتون ۽ ٻن ورھين جي ڀائيٽي کي اغوا به ڪيو هو.

ذريعن موجب پوليس راڄوڻي ڪوششن ذريعي ٻنهي عورتن ۽ ٻارڙيءَ کي بازياب ڪرايو آهي، پوليس پاران عورتن ۽ ٻارڙيءَ جي بازيابيءَ لاءِ سردار علي گوهر مهر سان به رابطا ڪيا ويا هئا ايس ايس پي سنگهار ملڪ جو چوڻ آهي ته عورتن ۽ ٻارڙيءَ جي بازيابيءَ لاءِ ڪچي ۾ آپريشن شروع ڪيو ويو هو.

ان سلسلي ۾ گهوٽڪي، پنوعاقل ۽ سکر مان مليل ڄاڻ مطابق ڪارنهن دهشتگردي ۾ ملوث مهر برادري جا دهشتگرد سردار علي گوهر مهر جا خاص ماڻهو آهن، جن کي تحفظ ڏيڻ ۽ پوليس مقابلي ۾ مارجڻ کان بچائڻ جون ڪوششون پڻ ڪيون پيو وڃن، عورتن کي به هڪ ٺاهه ۽ سماجي رابطن تي معاملي بابت وڌندڙ دٻاءَ کي ٿڌو ڪرڻ لاءِ فوري طور عورتن کي ڇڏائي دهشتگردي ۾  ملوث ماڻهن کي تحفظ جو رستوڳ ڏنو ويو آهي.

About Ahmedbilal

Check Also

هُنن جي چاهڻ سان نه پر جڏهن مان چاهيان اليڪشن ٿيندي،معاشيات جو وڏو مطالعو ڪيو آهي: آصف زرداري

ڪراچي ( مانيٽرنگ ڊيسڪ   سنڌسماءَچار) “مان 14 سال جيل ۾ معاشيات جو وڏو مطالعو ڪيو …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *