Saturday , April 27 2024

ڪراچي ۾ دهشتگردي، سينيئر وڪيل اڪرم ابڙو پٽ سميت قتل,2 ڄڻا مرڻينگ

ڪراچي (رپورٽ: اصغر آزاد سنڌ سماچار) ڪراچي جي ڊفينس واري علائقي ۾ دهشتگردن جي فائرنگ، سينيئر وڪيل، اڪرم ابڙو پٽ سميت مارجي ويو، 2 ڄڻا مرڻينگ، دهشتگرد آساني سان ڀڄي ويا. ڊفينس فيز 7 واري علائقي ۾ سپريم ڪورٽ جي سينيئر وڪيل، جيڪب آباد شهري اتحاد جي صدر ۽ ايم پي اي اسلم ابڙو جي ڀاءُ اڪرم ابڙو جي گاڏي تي دهشتگردن هٿيارن جا منهن کولي ڇڏيا، دهشتگردن جي فائرنگ ۾ سينيئر وڪيل اڪرم ابڙُ، سندس پٽ شهريار ابڙو ٿڏي تي مارجي ويا.

دهشتگردن جي فائرنگ ۾ اڪرم ابڙو سان گڏ موجود ٻه ڄڻا گوليون لڳڻ جي  نتيجي ۾ مرڻينگ ٿي پيا، اڪرم ابڙو سندس پٽ شهريار ابڙو جا لاش ۽ ٻن زخمين کي اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي، واقعي جو اطلاع ملڻ شرط ڊي آءِ جي واقعي واري هنڌ پهچي ويو، ڊي آءِ جي ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته اڪرم ابڙو جي گاڏي تي ٻن پاسن کان دهشتگردن فائرنگ ڪئي، واقعي واري هنڌ تان نائين ايم ايم پسٽل ۽ ٽرپل ٽو / 222 رائيفل جي گولين جا خول به مليا آهن، معاملي جي وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي. اڪرم ابڙُ ۽ سندس پٽ جي قتل واري وقعي جو اطلاع ملندي ئي جيڪب آباد ۾ ڏک جي لهر پکڙجي وئي آهي.

About Ahmedbilal

Check Also

هُنن جي چاهڻ سان نه پر جڏهن مان چاهيان اليڪشن ٿيندي،معاشيات جو وڏو مطالعو ڪيو آهي: آصف زرداري

ڪراچي ( مانيٽرنگ ڊيسڪ   سنڌسماءَچار) “مان 14 سال جيل ۾ معاشيات جو وڏو مطالعو ڪيو …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *