Saturday , April 27 2024

سنڌ سوال ڪري ٿي!! سنڌسماءَچار اليڪشن سيل2024

سنڌ سوال ڪري ٿي!! سنڌسماءَچار اليڪشن سيل2024

سنڌ تي بنا ساهي جي وڏي اڪثريت سان پيپلزپارٽي سنڌ تي حڪمراني ڪندي رهي آهي، هر پنجن سالن جي پڄاڻي تي قائم ٿيندڙ نگران صوبائي حڪومت به پيپلزپارٽي جي حڪومت جو پاڇو هوندي آهي. سنڌسماءَچار جي پليٽفارم تان مختصر سوال ڪيون ٿا، جيڪي سوال سنڌ جي هر ماڻهو جا سوال آهن، اهو امڪان ضرور آهي ته هنن سوالن ۾ ڪجهه ڳالهيون اهڙيون آهن جيڪي شايد ڪجهه ماڻهن جي سوچ، نظر کان اوجهل هجن، ان سان گڏ اسان کان به ڪي معاملا رهجي وڃن. (اصغر آزاد)

ڇا سنڌ جي ماڻهن کي گذريل 15 سالن دوران صحت، پيئڻ جي صاف پاڻي، تعليم صفائي سميت بنيادي مسئلا حل ٿيا آهن؟

ڇا اوهان جي علائقن ۾ 15 سالن دوران ٿيل ترقياتي ڪم معياري آهن جيڪي پائيدار هجن يا نه؟

اوهان جي علائقن ۾ ٻوڏ متاثرن جي بحالي لاءِ ڪهڙا ڪهڙا عملي ڪم ٿيا آهن؟

2008 کان سنڌ حڪومت پاران بي زمين هارين کي زمين ڏيڻ واري پروگرام تحت اوهان جي علائقن ۾ ڪنهن ڪنهن کي مفت زمين ملي آهي؟

هي ڪجهه سوال آهن، جن جا جواب تفصيل سان اسان کي  ڏياري موڪليو، ان سان گڏ اوهان انهن جا ثبوت به اسان کي ڏياري موڪليو ته اُنهن کي عوام تائين پهچائي سنڌ تي حڪمراني ڪندڙن ۽ هاڻي واري اليڪشن ۾ اوهان وٽ ووٽ لاءِ ايندڙن کان به سوال ڪري سگهجي. اليڪشن سياستدانن جو جمهوري ۽ آئيني طريقي سان احتساب جو بهتگرين موقعو هوندو آهي، پوءِ وري پنج سال اوهان کي انتظار ڪرڻو پوندو.

عوام کي پنهنجي حقن لاءِ اميدوارن ۽ پندرنهن سالن دوران اقتدار ۾ رهندڙن کان آڏي پڇا جو حق آهي.

اوهان انهن کان سنڌ جي اجتماعي مسئلن بابت به سوال ڪرڻ جو حق رکو ٿا؛ مثال طور: ڇا گذريل15سالن دوران سنڌ1991واري پاڻي ٺاهه تحت پنهنجي حصي جو پاڻي مليو؟

ڪوٽڙي ڊائون اسٽريم جي زرعي، ماحولياتي بچاءَ، انسانن سميت چوپائي مال ۽ ٻين ساهه وارن جي تحفظ لاءِ، سامونڊي پٽي کي سمنڊ جي پائڻ کان بچائڻ لاءِ روزانو5000ڪيوسڪس پاڻي بنا ڪنهن وٿي جي پورو سال ملڻ گهرجي؛

ڇا پيپلزپارٽي جي سنڌ حڪومت اهو پاڻي ڪوٽڙي ڊائون اسٽريم ۾ ڇڏڻ / پاڻي وهائڻ کي يقيني بڻايو؟ (جاري).

About Ahmedbilal

Check Also

سنڌ جي تاريخي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي زمين تي والار جاري

ٺٽو ( خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) سنڌ جي تاريخي ورسي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *