Wednesday , May 1 2024

سنڌ جي تاريخي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي زمين تي والار جاري

ٺٽو ( خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) سنڌ جي تاريخي ورسي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي زمين تي بااثر ۽ سياسي پٺڀرائي رکندڙ ماڻهن پاران والار ڪري سنوت شروع ڪري ڇڏي آهي، روينيو کاتي جي ملي ڀڳت سان ڪيل والار تي ثقافت سياحت کاتي خاموشي اختيار ڪري ڇڏي. ٺٽي ضلعي ۾ صدين کان قائم ثقافتي، تاريخي ۽ سياحتي ماڳ مٺي پاڻي جي ڍنڍ ڪينجهر سان لاڳاپيل زمين تي سنڌ جي هڪ انتهائي بااثر شخصيت جي پٺڀرائي سان والار ڪئي پئي وڃي. علائقي واسين جو چوڻ آهي  ته ڪينجهر سان لاڳاپيل 600 ايڪڙن کان وڌيڪ انتهائي قمتي زمين تي والار ڪئي وئي آهي.مقامي ماڻهن کان مليل ڄاڻ مطابق والار هيٺ آيل زمين ۾ برساتي پاڻي جي قدرتي وهڪرن واري ندي ۽ ٻيا ننڍا وڏا نالا پڻ شامل آهن، جن جي ذريعي برساتي پاڻي ڪينجهر ڍنڍ ۽ ان جي ڀرپاسي جي زمينن کي مهيا ٿيندو آهي.

نوٽ: هن وڊيو ۾ آواز سنڌسماءَچار جي خاص نمائندي جو نه پر مقامي ماڻهوءَ جو آهي، جنهن وٽان اها وڊيو ملي آهي، فوٽو به ان وڊيون مان ڪڍيا آهن_ادارو

والاريل زمين ۾ بيٺل وڻن جي واڍي شروع ڪري هيوي مشينري ذريعي زمين سنوت ۾ آندي پئي وڃي، زمين تي قبضي بابت ڊي سي ٺٽو، بورڊ آف روينيو انيڊ لينڊ يوٽيلائيزيشن کاتو، ثقافت ۽ سياحت کاتو توڙي ٻيلي کاتي جون اختياريون ڪي به تفصيل ڏيڻ لاءِ تيار نه آهين، ان سلسلي ۾ سنڌسماءَچار جي رپورٽر، بورڊ آف روينيو جي جي هڪ ذميوار آفيسر سان رابطو ڪيو ته هن نالو نه لکڻ جي شرط تي ٻڌايو ته سنڌ ۾ سرڪاري زمينن جا معاملا خاص طور تي ٺٽو، ڪراچي، ڄامشورو ۽ حيدر آباد ضلعن جي معاملن کي سڌي ريت پيپلزپارٽي جو ايم پي اي حاجي علي حسن زرداري ڊيل ڪندو آهي، بورڊ آف روينيو صرف حڪمن تي عمل ڪندو آهي.

ان سلسلي ۾ اهو به معلوم ٿيو آهي ته ملير، ٺٽو ۽ ڄامشوري ضلعي جي لکين ايڪڙ زمين تي بحريا ٽائون ۽ ڊي ايڇ اي سٽي جي طرز تي هڪ نئون شهر سيٽلائيٽ ٽائون اڏڻ جون تياريون به هلندڙ آهن، جنهن لاءِ سال 2021 جي آخر کان ڪم شروع ڪيو ويو هو، جهن لاءِ پڻ لکين ايڪڙ سرڪاري توڙي خانگي کاتن واري زمين تي پڻ والار ٿيندي رهي ٿي، جنهن ۾ سوين ننڍا وڏا ڳوٺ ۽ تاريخي ماڳ پڻ شامل آهن.

About Ahmedbilal

Check Also

بحريا ٽائون ڪراچي پاران سنڌ جي زمينن جي رقم وفاق ۽ سنڌ جي خزاني ۾ جمع ڪرائڻ جو حڪم

بحريا ٽائون وڌيڪ زمينن تي قبضو ڪري رهيو آهي، بحريا ٽائون نه رڳو ادائگيون بند …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *