Sunday , April 28 2024

سنڌ ۾ هڪ ڏينهن دران ڪارنهن ۽ قبيلائي دهشتگردي ۾ 9 ماڻهو قتل

ڪراچي  ( سنڌسماءَچار نيوز ) سنڌ ۾ 9 جولاءِ تي هڪ ڏينهن دوران سنڌ جي مختلف علائقن ۾ قبيلائي ۽ ڪارنهن دهشتگردي ۾ هڪ نينگري سميت 9 ماڻهو مارجي ويا. گهوٽڪي شهر جي انور آباد پاڙي ۾ ساوند ۽ سندراڻي برادري جي ٻن ڌرين ۾ هلندڙ پراڻي قبيلائي دهشتگردي تان سندراڻي برادري واري ڌُر جي دهشتگردن حملو ڪري ٽِن ڄڻن کي قتل ڪري ڇڏيو، دهشتگردن دڪان تي حملو ڪري جديد هٿيارن سان فائرنگ ڪري ڏني، جنهن جي نتيجي ۾ 14 ورهين جي نينگري بشرا ساوند، دوست علي ساوند ۽ هڪ واٽهڙو علي اصغر ٿهيم به مارجي ويا، فائرنگ ۾ هڪ ڄڻو زخمي به ٿي پيو، مارجي ويلن جا لاش ۽ زخمي کي اسپتال منتقل ڪيو ويو، واقعي بعد علائقي ۾ ڇڪتاڻ ۽ ڏهڪاءَ پکڙيل آهي. علائقي واسين ۽ پوليس واقعي واري هنڌ پهچي قبيلائي دهشتگردي ۾ مارجي ويل ٽِن ڄڻن جا لاش اسپتال منتقل ڪري ڇڏيا، جتان پوسٽ مارٽم کانپوءِ مڙهه وارثن جي حوالي ڪيا ويا.

خيرپور ۾ ٻن ڌار ڌار واقعن ۾ به قبيلائي دهشتگردي ۾ 2 ڄڻا مارجي ويا، قبيلائي دهشتگردن هڪ اوطاق تي فائرنگ ڪري هڪ نينگر وارث موهل کي قتل ڪري ڇڏيو، خيرپور جي ڳوٺ بهرام خان ۾ چانڊيا برادري جَي ٻِن ڌرين ۾ زمين جي مالڪيءَ واري دهشتگردي تان فائرنگ ڪري مٺل چانڊيو کي قتل ۽ ميهر چانڊيو کي زخمي ڪري ڇڏيو. خيرپور ناٿن شاهه ۾ ڳوٺ بٺي ۾ ڍوري جي مالڪي واري دهشتگردي تان ملاح برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙي دوران فائرنگ ۾ نياز ملاح مارجي ويو. ميان صاحب ويجهو بکراڻي ۽ جعفري برادري جي ٻن ڌرين ڪارنهن دهشتگردي هڪ ڌر جي دهشتگردن فائرينگ ڪري ڌڻي بخش کي قتل ڪري ڇڏيو، گوليو لڳڻ جي نتيجي ۾ ڄڻو زخمي به ٿي پيو. کپرو ويجهو ٻه ڌنار به پاڻ ۾ وڙهي پيا، جنهن ۾ هڪ ڌنار فياض راڄڙ مارجي ويو، شهدادڪوٽ  ويجهو ڳوٺ گبر ڪلهوڙو ۾ هٿياربندن ڪارنهن دهشتگردي ۾ فائرنگ  ڪري خادم حسين مگسي کي قتل ڪري ڇڏيو.

About Ahmedbilal

Check Also

سنڌ جي تاريخي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي زمين تي والار جاري

ٺٽو ( خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) سنڌ جي تاريخي ورسي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *