Saturday , April 27 2024

ڪراچي ۾ جولاءِ16تي موسمياتي تبديلي بابت آگاهي مارچ جون تياريون جاري

ڪراچي( چيف رپورٽر   سنڌسماءَچار) 16 جولاءِ تي موسمياتي تبديدلين ۽ ان جي نقصانن جي ۽ نقصانن کان بچڻ بابت آگاهي مارچ جون تياريون عروج تي پهتل، ڪراچي شهر جي مختلف علائقن ۾ ڪارنر گڏجاڻين جو به سلسلو جاري، ماحولياتي تبديلين، انهن جي اثرن ۽ نقصانن کان بچڻ لاءِ ضروري قدمن کڻڻ تي ڪم ڪندڙ تنظيم دريا ليب پاران پهريون ڀيرو سول سوسائٽي پاران وڏي پئماني تي ڪلائيميٽ مارچ ڪيو ويندو، جنهن ۾ مختلف سماجي تنظيمون به حصو وٺي رهيون آهن، مارچ فريئر پارڪ کان ڪراچي پريس ڪلب تائين ٿيندو، آبهوا مارچ جي جاڳرتا لاءِ شهر جي مختلف علائقن ۾ سجاڳي لاءِ ڪارنر گڏجاڻين جو به سلسلو جاري آهي.

دريا ليب جي اڳواڻن ياسر دريا، آفاق ڀٽي ۽ ٻين چيو آهي ته آبهوا مارچ ۾ سنڌ سميت خاص طور تي ڪراچي شهر ۽ انن جي ڀرپاسي وارن علائقن ۾ ٿيندڙ ماحولياتي گدلاڻ جي ڪارڻن بابت سجاڳي پيدا ڪئي ويندي، ان سان گڏ ماحولياتي گدلاڻ جو سبب بڻجندڙ مامرن کي به عوامي سطح تي اجاگر ڪيو ويندو، دريا ليب جي ياسر دريا، آفاق ڀٽي ۽ ٻين اڳواڻن جو چوڻ آهي ته، لياري ندي، ملير ندي، ٿڌو ڊيم سميت ٻيا ننڍا وڏا برساتي نالا تباهه ٿيڻ جي نتيجي ۾ نه رڳو ڪراچي شهر جي آبهوا تباهه ٿي وئي آهي پر ان سان سنڌ جو سمنڊ به گدلاڻ جي ور چڙهي  ويو آهي، سمنڊ ۾ گلداڻ جي نتيجي ۾ سامونڊي جيوت جي به نسل ڪشي ٿي رهي آهي، سمنڊ ڪناري تي قدرتي تمر جي ٻيلن کي فيڪٽرين جي زهريلي پاڻي سبب تباهه ٿي رهيا آهن ته ٻئي پاسي ڪجهه مافيائون تمر جا ٻيلا وڍي تباهه ڪري رهيون آهن، جنهن جي روڪٿام تمام ضروري آهي.

ياسر دريا ۽ آفاق ڀٽي جو چوڻ آهي ته ڪوٽڙي ڊائون اسٽريم ۾ گهربل پاڻي جو ڇوڙ نه ٿيڻ جي نتيجي ۾ ڪوٽڙي کان هيٺ سمنڊ تائين نه رڳو ڪچي پر پڪي جون لکين ايڪڙ زمينون به کاري پاڻي جي ور چڙهي ويون آهن. زرعي زمينون تباهه ٿيڻ سبب وڏي تعداد ۾ انساني آبادي معاشي طور تباهي جي ڪناري تي پهچي وئي آهي.

ياسر دريا، آفاق ڀٽي ۽ ٻين شهرين کي اپيل ڪئي آهي ته 16 جولا تي آبهوا / ماحولياتي آگاهي مارچ ۾ وڌ کان وڌ شرڪت ڪري ان کي ڪامياب بڻائين. مارچ 16 جولاءِ 2023 تي منجهند 3 وڳي فريئر هال ڪراچي کان نڪرندو جيڪو مختلف رستن تان ٿيندو ڪراچي پريس ڪلب آڏو پهچندو. هنن چيو آهي ته هي مارچ آبهوا جي تبديلي تي عمل ڪرڻ جي تڪڙي ضرورت بابت آگاهي پيدا ڪرڻ لاءِ آهي. سنڌ صوبو پاڪستان ۾ موسمياتي تبديليءَ جي اثرن کان متاثر ٿيندڙ صوبن مان هڪ آهي ۽ اسان کي پنهنجي صوبي ۽ پنهنجي مستقبل کي بچائڻ لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي. ڪراچي پريس ڪلب آڏو مقرر موسمياتي تبديليءَ جا سنڌ تي پوندڙ اثرن تي تفصيل ٻڌائيندا.

About Ahmedbilal

Check Also

سنڌ جي تاريخي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي زمين تي والار جاري

ٺٽو ( خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) سنڌ جي تاريخي ورسي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي …

One comment

  1. Good work. Do it

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *