Saturday , April 27 2024

ڪارونجهر جي نيلامي ۽ ڪٽائي معاملي، سنڌ حڪومت کي نوٽيس جاري

حيدرآباد ( رپورٽر  سنڌسماءَچار ) ڪارونجهر جي ڪٽائي ڪري گرينائيٽ ۽ ٻيون معدنيات ڪڍڻ واري معاملي تي سنڌ هاءِ ڪورٽ، سنڌ حڪومت کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا، پهرين آگسٽ تي جواب ڏيڻ جي هدايت. پيپلزپارٽيءَ جي سنڌ حڪومت پاران سنڌ جي تاريخي ورثي ڪارونجهر جي جون مختلف ليز تي ڏيڻ لاءِ نيلامي جو اشتهار ڏيڻ خلاف چيف سيڪريٽري معرفت سنڌ حڪومت، معدني وسيلن واري کاتي جي ڊائريڪٽر جنرل، سيڪريٽري سميت لاڳاپيل اختيارين کي  ڌر بڻائي سنڌ هاءِ ڪورٽ حيدرآباد ۾ داخل ڪيل آئيني درخواست تي ٻڌڻي ٿي.

سنڌ هاءِ ڪورٽ سرڪٽ بئنچ حيدر آباد ۾ جسٽس خادم حسين تنيو ۽ جسٽس ارباب علي هڪڙو تي ٻڌل ڊويزنل بئنچ ڪارونجهر جي نيلامي ۽ ڪٽائي خلاف داخل درخواست تي ٻڌڻي دوران درخواستگذار جا دليل ٻڌڻ بعد، سنڌ حڪومت کي نوٽيس جاري ڪندي جواب طلب ڪيو، عدالت چيف سيڪريٽري سنڌ، معدني وسيلن واري کاتي جي سيڪريٽري مائينز، ڊي جي سميت لاڳاپيل ڌرين کي پهرين آگسٽ تي پيش ٿي جواب داخل ڪرڻ جي هدايت ڪرڻ جو حڪم جاري ڪيو.

ڪارونجهر جي ڪٽائي لاءِ نيلامي وارو اشتهار جاري ڪرڻ خلاف ٿرپارڪر سان تعلق رکندڙ وڪيل شنڪر لعل ذاتي حيثيت ۾ درخواست داخل ڪرائيندي موقف اختيار ڪيو ته ڪجهه ڏينهن اڳ ڊائريڪٽر جنرل ليزنگ اٿارٽي مائينز ۽ منرلز ڪارونجهر جي نيلامي لاءِ ٽينڊر جاري ڪيو هو. سنڌ واسين جي شديد رد عمل کانپوءِ ٽينڊر رد ڪيو. وڪيل عدالت کي آگاهي ڏني ته سنڌ سرڪار هڪ پاسي ٽينڊر رد ڪرڻ بابت سرڪيولر جاري ڪري ڇڏيو آهي، هن عدالت کي آگاهي ڏيندي چيو ته ٻئي طرف واري صوبائي وزير پريس ڪانفرنس ڪري ڪارونجهر مان پٿر ڪڍڻ جي ڳالهه پيا ڪن جنهن سان ڪارونجهر جي سونهن سميت ماحوليات تي تمام گهڻا اثر پوندا ڇاڪاڻ ته ٿر واسين جا ڪارونجهر سان مذهبي ۽ ثقافتي لاڳاپا آهن.

About Ahmedbilal

Check Also

سنڌ جي تاريخي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي زمين تي والار جاري

ٺٽو ( خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) سنڌ جي تاريخي ورسي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *