Sunday , April 28 2024

ڪارونجهر جي نيلامي، سنڌ حڪومت جي ”پبلڪ نوٽيس“ جي قانوني حيثيت شڪي بڻيل

ڪارونجهر جي نيلامي، سنڌ حڪومت جي ”پبلڪ نوٽيس“ جي قانوني حيثيت شڪي بڻيل

ڪراچي( رپورٽ: آفاق ڀٽي    سنڌسماءَچار) سنڌ حڪومت پاران نيلامي جي اشتهار جاري ٿيڻ تي سنڌ جي سڄاڻ ڌرين ۽ عام ماڻهن پاران سخت مزاحمتي موقف کانپوءِ سنڌ حڪومت، نالي ماتر ”پبلڪ نوٽيس “ جاري ڪري ڇڏيو. سنڌ جي تاريخي ورثي ڪارونجهر جي ڪٽائي لاءِ سنڌ جي مائينز اينڊ منرلز کاتي پاران جاري ڪيل اشتهار خلاف سنڌ جي سڄاڻ ڌرين، عام ماڻهن ۽ ماحولياتي ماهرن پاران سماجي رابطن جي ويب سائيٽس تي سخت مزاحمت ۽ مخالفت کانپوءِ، سنڌ حڪومت ماحول کي ٿڌو ڪرڻ ۽ ڪاوڙ ختم ڪرڻ لاءِ معدني وسيلن واري کاتي جي ڊائريڪٽر جنرل پاران پبلڪ نوٽيس جاري ڪرايو ويو آهي. ان سلسلي ۾ سروسز اينڊ جنرل ايڊمنسٽريشن کاتي جي هڪ آفيسر نالو نه لکڻ جي شرط تي ٻڌايو ته، ” ڪارونجهر جي نيلامي واري معاملي يا ان جهڙي ڪنهن به عوامي يا انتظامي سطح جي فيصلي کي واپس وٺڻو هوندو آهي ته ان لاءِ اڳ ۾ فيصلو/ نوٽيفڪيشن جاري ڪندڙ کان مٿئين سطح / گريڊ واري اختياري ئي اهڙو فيصلو/ نوٽيفڪيشن واپس وٺنندي آهي“، هن سنڌسماءَچار کي ٻڌايو ته، ”ڪارونجهر جي ڪٽائي لاءِ ليز ڏيڻ بابت جاري ڪيل اشتهار ۽ رد ڪرڻ وارو پبلڪ نوٽيس ساڳئي اختياري يعني ڊائريڪٽر جنرل / لائسنسنگ اٿارٽي، مائينز اينڊ منرلز ڊپارٽمينٽ پاران ئي جاري ڪيو ويو آهي. جيڪو نه رڳو شڪي لڳي رهيو آهي پر ان جي ڪا به قانوني حيثيت ناهي.“.

ڇا وڏي وزير جي هدايتن تي جاري ڪيل ان پبلڪ نوٽيس جي ڪا به حيثيت ناهي؟ واري سوال تي سروسز اينڊ جنرل ايڊمنسٽريشن جي ان آفيسر هن ٻڌايو ته ” جيڪڏهن وڏي وزير مراد علي شاهه، مائينز کاتي جي وزير يا سيڪريٽري اهڙي قسم جي ڪا به هدايت ڏني آهي ته ڇا ان جو ڪو آفيشل ليٽر جاري ٿيل آهي؟ اهڙو ته ڪو به هدايت نامو نه ته منظر تي آيو آهي ۽ نه ئي وري اهڙي ڪنهن هدايت نامي/ ليٽر وغيره جو ڊي جي مائينز پاران جاري ڪيل پبلڪ نوٽيس ۾ ڪٿي ذڪر ٿيل آهي، دلچسپ، عجيب ۽ شڪ وڌائيندڙ ڳالهه اها به آهي ته پبلڪ نوٽيس ۾ اهو به ناهي ڄاڻايل ته ڪنهن / فلاڻي اختياري پاران زباني حڪم تحت هي پبلڪ نوتيس جاري ڪيو ويو آهي، جيڪو هن اهم معاملي تي واضح ٿيل هجڻ لازمي آهي، انڪري لڳي ائين ٿو ته هي نوٽيس صرف معاملو تارڻ لاءِ جاري ڪيو ويو آهي”.

(ڊولپنگ اسٽوري)

About Ahmedbilal

Check Also

سنڌ جي تاريخي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي زمين تي والار جاري

ٺٽو ( خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) سنڌ جي تاريخي ورسي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *