Monday , April 29 2024

سنڌ حڪومت پاران تاريخي ورثي ڪارونجهر جي ڪٽائي لاءِ نيلامي جو فيصلو

معدني وسيلن واري وزير شبير بجاراڻي به ڪارونجهر جي نيلامي ۽ ڪٽائي واري منصوبي جي حمايت ۽ دفاع جو اعلان ڪري ڇڏيو

ڪراچي (چيف رپورٽر   سنڌسماءَچار) پيپلزپارٽي جي سنڌ حڪومت سنڌ جو تاريخي ورثو ڪارونجهر نيلام ڪرڻ جا سمورا انتظام ڪري ڇڏيا، معدني  وسيلن جي کاتي معرفت ڪارونجهر جي نيلامي لاءِ اشتهار جاري ڪري ڇڏيو، صوبائي وزير شبير بجاراڻي ڪارونجهر جي نيلامي جي حمايت لاءِ ميدان ۾ اچي ويو.

پيپلزپارٽيءَ جي سنڌ حڪومت پ پ جي شريڪ چيئرمين آصف زرداري جي هدايتن تي سنڌ جي تاريخي ورثي ڪارونجهر جبل جي ڪٽائي لاءِ 5 هزار 928 ايڪڙ زمين ليز تي ڏيڻ لاءِ اخبارن ۾ اشتهار جاري ڪري ڇڏيو آهي.

سنڌ جي تاريخي ورثي ۽ دنيا جي قديم مذهبن جي ماڳن واري ڪارونجهر جبل جي ڪٽائي ڪري قيمتي پٿر ڪڍڻ واري معاملي خلاف سنڌ جي سڄاڻ ڌرين پاران ٽويٽر ۽ فيس بڪ سميت سماجي رابطن جي ويب سائيٽس احتجاجي ٽرينڊ هلايا پيا وڃن، سنڌ جي سياسي، سماجي، ماحولياتي ماهرن ۽ سڄاڻ ڌرين ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو آهي ته، ڪارونجهر رينج ۾ آرڪيالوجيڪل سائيٽس، ثقافتي، تاريخي، مذهبي، فاريسٽ ۽ وائيلڊ لائيف رينجز موجود آهن،ڪارونجهر قومي ورثو آهي. سندن چوڻ آهي ته ڪارونجهر رينج ۾ جين مذهب، شهيد روپلو ڪولهي جي يادگار سميت سوين تاريخي ۽ تهذيبي آثار موجود آهن، جن کي تباهه ڪرڻ لاءِ ليز تي ڏئي ميسارڻ جي سازش ڪئي پئي وڃي، سڄاڻ ڌرين ڪارونجهر کي ليز وارو فيصلو واپس ورتو وڃي.

ٻئي پاسي پيپلزپارٽي جي اڳواڻ ۽ معدني وسيلن واري کاتي جي صوبائي وزير مير شبير بجاراڻي ڪارونجهر جبل جي ليز تي ڏيڻ جي حمايت ڪندي چيو آهي ته پيپلزپارٽي جي سنڌ حڪومت ٿر ڪول منصوبي جيان ڪارونجهر جي ڪٽائي واري منصوبي ذريعي ان علائقي کي ترقي ڏيارڻ چاهي ٿي. هڪ نجي ٽي وي چئنل سان ڳالهائيندي شبير بجاراڻي چيو ته ڪارونجهر جي ڀرپاسي وارن علائقن ۾ مائننگ ڪئي ويندي، ڪارونجهر جبل تي آرڪيالاجيڪل سائيٽس آهن، اتي مائننگ نه ڪئي ويندي، شبير بجاراڻي جو چوڻ هو ته ليز لاءِ اشتهار واري خبر تي ڪجهه ماڻهو سيست ڪرڻ چاهين ٿا، هن چيو ته ڪارنجهر جبل جي 20 هزار ايڪڙ ايراضي ۾ ڪٽائي نه ڪئي ويندي، پر ڪارونجهر جبل جي 15 کان 20 ڪلوميٽر پري ميداني ايريا ۾ مائننگ جي اجازت ڏيڻ وڃي رهيا آهيون.

About Ahmedbilal

Check Also

سنڌ جي تاريخي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي زمين تي والار جاري

ٺٽو ( خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) سنڌ جي تاريخي ورسي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *