Saturday , April 27 2024

ڪراچي ۾ دهشتگردن هٿان شهيد ڪيل مدثر شر جا قاتل گرفتار نه ٿيا، فيض گنج ۾ احتجاج

ڪراچي ۾ دهشتگردن هٿان شهيد ڪيل مدثر شر جا قاتل گرفتار نه ٿيا، فيض گنج ۾ احتجاج، قاتل گرفتار نه ٿيڻ جي صورت ۾ وزيراعليٰ هائوس آڏو ڌرڻي جو اعلان

فيض گنج  / ڪراچي(خاص نمائندو / ڪرائيم رپورٽر   سنڌسماءَچار) ڪراچي جي ڊفينس واري علائقي دهشتگردن هٿان شهيد ڪيل فيض گنج واسي نوجوان ماءُ پيءُ جي اڪيلي پٽ مدثر شر جا قاتل گرفتار نه ٿي سگهيا، هڪ هفتو گذرڻ باوجود ڪراچي سائوٿ پوليس دهشتگردن کي گرفتار ڪرڻ لاءِ ڪک ڀڃي ٻيڻو نه ڪيو. نوجوان مدثر شر جي قاتلن جي گرفتار نه ٿيڻ خلاف پڪاچانگ ۾ نوجوان جي وارثن، جسقم ۽ سول سوسائٽي پاران احتجاجي ريلي ڪڍي مين چوڪ تي احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، قاتلن جي گرفتاري لاءِ نعري بازي ڪئي وئي، قاتل گرفتار نه ٿيڻ جي صورت ڪراچي ۾ وزيراعليٰ هائوس آڏو ڌرڻو هڻڻ جو به اعلان.

احتجاجي مظاهري کي خطاب ڪندي جسقم اڳواڻ شاذ خادم عطاءَ حسين شر، اشتياق چانگ شاعر ۽ اديب پروفيسر راج راڄپر ۽ محمد شاھد بلوچ چيو ته ڪراچي ۾ ڌرتي واسين کي سازش تحت قتل ڪيو پيو وڃي ۽ قاتلن کي ڪنھن به پڪڙ ۾ نه پيو آندو وڃي سڄي سنڌ ۾ خاص ڪري ڪراچي اندر لاقانونيت آهي انساني جان جي ڪا به قيمت نه رھي آھي اڳواڻن چيو ته شھيد مدثر والدين جو اڪيلو سھارو ھو جنھن جي قتل کان پوءِ سندس والدين ۽ سندس ٻه يتيم پٽ لاوارث ٿي ويا آهن ۽ انھن کان اڪيلو سھارو کسيو ويو آهي، حڪومت ھر لحاظ کان ذميوار آهي جنھن جي ھٿ ۾ پوليس سميت ھر قسم جا لاڳاپيل ادارا ۽ وسيلا آھن پر ھن وقت تائين انھن ڪنھن به قسم جي پيش رفت نہ ڪئي آهي.

هنن چيو ته مقتول مدثر شر جي ڊي اي جو ڪارڪن ھو پر افسوس ته جي ڊي اي جي مقامي قيادت مان به ڪو اڳواڻ يا ايم پي اي شھيد جي تڏي تائين به لڙي نه آيا آهن نه ئي وارثن کي ڪا آٿت ڏني آهي، شھيد مدثر شر ھڪ غريب مسڪين مزدور ماڻهو ھو جيڪو صرف 22 ھزار پگھار جي لاءِ نوڪري ڪري پنھنجي والدين ۽ ٻچڙن جو پيٽ پالي رھيو جنھن کي به قتل ڪيو ويو، اڳواڻن خطاب ڪندي چيو ته شهيد مدثر جي جاءِ تي ڪنهن بااثر ماڻهو، وڏيري يا ڪمدار جو پٽ قتل ڪيو وڃي ھا ته صورتحال ٻي هجي ها. خطاب ڪيو، هنن ڇيو ته ڪراچي ۾ منظم طريقي ۽ سِٽيل سازش تحت مقامي نوجوانن جو قتل عام ڪيو پيو وڃي ته جيئن مقامي سنڌ واسي نوجوانن کي ڪراچي ۾ روزگار ۽ ڪاروبار ڪرڻ کان روڪيو وڃي، ھنن چيو ته مدثر شر پنهنجي گھر جو اڪيلو ڪمائيندڙ هو ۽ پنھنجي پوڙھي ماءُ پيءُ ۽ ٻچڙن جو اڪيلو سھارو ھو. اڳواڻن مطالبو ڪيو ته جيڪڏهن شهيد مدثر شر جا قاتل دهشتگرد گرفتار نه ڪيا ويا ته ڪراچي ۾ آئي جي سنڌ جي آفيس ۽ وزير اعلي ھائوس آڏو به ڌرڻا ھنيا ويندا.

About Ahmedbilal

Check Also

سنڌ جي تاريخي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي زمين تي والار جاري

ٺٽو ( خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) سنڌ جي تاريخي ورسي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *