Monday , April 29 2024

گهوٽڪي مان معصوم ڀيڻ ڀاءُ اغوا بعد قتل، ٻنهي زهر ڏئي قتل ڪرڻ جو انڪشاف

گهوٽڪي / سکر ( خاص نمائندا    سنڌسماءَچار) گهوٽڪي جي آفتاب ڪالوني مان اغوا ڪيل معصوم ڀاءُ ڀيڻ جا لاش قبرستان مان هٿ، ٻنهي ڀاءُ کي زهر ڏئي قتل ڪرڻ جو انڪشاف، سلمان لغاري ۽ ڪلثوم لغاري جا مڙهه آلين اکين سان مٽي ماءُ حوالي. گهوٽڪي شهر جي آفتاب ڪالوني ۾ رات جو دير سان اغوا ڪيل معصوم ڀيڻ ڀاءُ  9 سالن جي ڪلثوم لغاري ۽ 12 سالن جو سليمان گذريل ڏينهن گهر ٻاهران راند کيڏندي پراسرار نموني گم ٿي ويا هئا.

ٻارڙن جي وارثن سندن اغوا جو شڪ ظاهر ڪندي پوليس کي اپيل ڪئي هئي ته سندن معصوم ٻارڙن کي اغوا ڪندڙڻ کان آزاد ڪرايو وڃي؛ پر پوليس روايتي آسرا ڏئي وارثن کي واپس ڪري ڇڏيو. جنهن بعد ٻڻهي ڀاءُ ڀيڻ جا لاش گهوٽڪي جي درگاهه نهري شاهه قبرستان مان مليا. اطلاع تي وارث پوليس سان گڏجي لاش کڻائي اسپتال ڪيا. جتي سندن پوسٽ مارٽم ڪيو ويو.سليمان لغاري ۽ ڪلثوم لغاري جو پوسٽ مارٽم ڪندڙ ڊاڪٽر اختر علي ملڪ ۽ ڊاڪٽر آصفه مهر جو چوڻ آهي ته ٻنهي ٻارن جو موت زهر واپرائڻ سبب ٿيو، ٻنهي ٻارن جي جسم تي تشدد جا ڪي به نشان نظر ناهن آيا. ٻنهي ٻارڙن جا جزا وٺي ليبارٽري به اماڻيا ويا آهن، جزن جي رپورٽ اچڻ بعد موت جو مڪمل ۽ اصلي ڪارڻ معلوم ٿيندو. ٻئي پاسي پوليس ذريعن دعويٰ ڪئي آهي ته شڪ جي بنياد تي ڪجهه ماڻهن حراست ۾ ورتو آهي، انهن جا به جزا وٺي ليبارٽري اماڻيا ويندا، حراست ۾ ورتل ماڻهن کان پڇاڳاڇا به ڪئي پئي وڃي.

About Ahmedbilal

Check Also

سنڌ جي تاريخي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي زمين تي والار جاري

ٺٽو ( خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) سنڌ جي تاريخي ورسي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *