Monday , April 29 2024

عمرڪوٽ اسپتال جي ڊسپينسر کي اڻسڌي طرح قتل ڪيو ويو

عمرڪوٽ(خاص نمائندو   سنڌسماچار) تعلقي اسپتال عمرڪوٽ جي ڊسپينسر کي اڻسڌي طرح قتل ڪيو ويو آهي، همير ميگهواڙ ڦاهو کائي زندگي جو انت آڻي ڇڏيو، آڦگهات کان اڳ ۾ همير خط لکي سڀ ڪجهه ٻڌائي ڇڏيو. تعلقي اسپتال عمرڪوٽ جي ڊسپينسر همير ميگهواڙ ڦاهو کائي آپگهات ڪرڻ اڳ لکيل خط ۾ چيو ته، ” مان پنهنجي زندگي ختم ڪري رهيو آهيان، جنهن جو ذميوار ڪلرڪ منير رنڌاوا آهي، جيڪو مون کي تنگ ڪندور رهي ٿو، سدائين بليڪ ميلڪ ڪندو آهي”.

همير ميگهواڙ جي کيسي مان مليل سندس هٿ اکرن سان لکيل خط ۾ هُو وڌيڪ لکي ٿو ته، ” منير رنڌاوا سان سڪندر (اصل لکت ۾ شڪندر) به گڏ آهي جيڪو تنگ ڪندو رهي ٿو، اُهو رٽائرڊ ٿي چڪو آهي، اهو به ان سان هلندو رهي ٿهو، جيڪو مون چارج وٺندو اسٽور جي، منهنجو فيصلو رئيس عارف خان ڪندو پوءِ ڀلي خون معاف ڪري ڇڏي”.

همير ميگهواڙ جي ڦاهو لڳل لاش جو اطلاع ملڻ تي پوليس پهچي لاش اسپتال ۾ پوسٽ مارٽم بعد وارثن جي حوالي ڪري ڇڏيو آهي، عمرڪوٽ پوليس دعويٰ ڪئي آهي ته اها معاملي جي اڻڌري جاچ ڪندي.

About Ahmedbilal

Check Also

سنڌ جي تاريخي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي زمين تي والار جاري

ٺٽو ( خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) سنڌ جي تاريخي ورسي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *