Saturday , April 27 2024

سنڌ حڪومت شهيد فاطمه ڦرڙو جي قتل ڪيس جي جاچ تي بي اعتمادي ظاهر ڪري ڇڏي

سکر( خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) سنڌ جي نگران حڪومت شهيد فاطمه ڦرڙو جي قتل ڪيس جي جاچ، راڻيپور جي پيرن جي حويلي ۾ جنسي وحشت جو نشانو بڻائي بي رحماڻي نموني تشدد ڪري شهيد ڪيل نياڻي فاطمه ڦرڙو جي جاچ تي بي اعتمادي ظاهر ڪري ڇڏي آهي. قانون ۽ انصاف واري نگران صوبائي وزير عمر سومرو سکر ۾ امن امان جي صورتحال بابت اجلاس ڪيو،اجلاس ۾ ڊي آءِ جي سکر عبدالحميد کوسو، ڪمشنر سکر، سکر ڊويزن جي سمورن ايس ايس پيز سميت لاڳاپيل عملدارن شرڪت ڪئي. اجلاس دوران قانون واري وزير کي شهيد جان محمد مهر، شهيد فاطمه ڦرڙو جي قتل وارن واقعن بابت بريفنگ ڏني وئي.

اجلاس ۾ شريڪ هڪ آفيسر نالو نه لکڻ جي شرط تي سنڌسماءَچار کي ٻڌايو ته، قانون، انصاف ۽ انساني حقن واري کاتي جي نگران صوبائي وزير عمر سومرو اجلاس دوران ڳالهائيندي چيو ته شهيد جان محمد مهر جا قاتل گرفتار ڪرڻ لاءِ ڪچي ۾ آپريشن ڪيو ويندو، ڪچي ۾ آپريشن ۾ دير انڪري ٿي رهي آهي جو اتي پاڻي بيٺل آهي، جلد پاڻي سُڪي ويندو ۽ شهيد جان محمد مهر جي قتل ۾ ملوٽ قاتل جيڪي ڪچي ۾ لڪي ويا آهن انهن سميت سمورن ڏوهارين خلاف آپريشن ڪيو ويندو.

ان آفيسر وڌيڪ ٻڌايو ته نگران صوبائي وزير عمر سومرو چيو ته، فاطمه ڦرڙو قتل ڪيس جي جاچ ڪندڙ پوليس جي ڪارڪردگي مان مطمئن نه آهيون، پوليس هن وقت تائين فاطمه ڦرڙو ڪيس جي ڀڄي ويل نامزد ڪيل جوابدار ۽ مک جوابدار اسد شاهه جي گهر واري حنا شاهه ۽ ان جو پيءُ سيد فياض شاهه کي گرفتار ناهي ڪري سگهي، جاچ پوليس هن وقت تائين مک جوابدار جي موبائيل فون جو ڪوڊ به نه ت ڊي ڪوڊ ڪري سگهي آهي ۽ نه وري جوابدار کان موبائل جو ڪوڊ پڇي سگهي آهي. عمر سومرو خيرپور پوليس/جاچ پوليس کان پڇاڻو به ڪيو ته جوابدار فياض شاهه ۽ جحنا شاهه ڪٿي آهي، هن وقت تائين گرفتار ڇو ناهن ٿيا.

About Ahmedbilal

Check Also

سنڌ جي تاريخي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي زمين تي والار جاري

ٺٽو ( خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) سنڌ جي تاريخي ورسي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *