Saturday , April 27 2024

شهيدن جو وارث سڏائيندڙ بلاول ڀٽو زرداري، شهيد فاطمه ڦرڙو جي وارثن سان تعزيت به نه ڪئي

“خيرپور جا سمورا جيلاني پير، پير اسد شاهه جي پاسي بيٺل آهن، اندروني طور اليڪشن ۾ سندن حمايت وڃائڻ جي خوف کان خيرپور جا وساڻ، راڄپر، ٻانڀڻ به راڻيپور جي پيرن خلاف نه ٿا ڳالهائين، انهن مان هڪ طاقتور ڌر، پ پ جون ٻه عورت اڳواڻ ۽ هڪ خيرپور سان واسطو رکندڙ پيپلزپارٽي جو فنانسر ۽ فائدا وٺندڙ صنعتڪار ته پنج کان وڌيڪ ڀيرا فاطمه ڦرڙو قتل ڪيس لئي متي ڪرڻ لاءِ ڪوشش ڪري چڪا آهن”.

“پ پ جي فنانسر خيرپوري صنعتڪار نوشهرو فيروز ضلعي سان واسطو رکندڙ هڪ ذاتي دوست معرفت رابطو ڪيو هو، پر اڃا تائين انهن سڀني کي ناڪامي جو منهن ڏسڻو پئجي رهيو آهي، فاطمه جا وارث هيل تائين ڪنهن به قسم جي راڄوڻي کان کُتو جواب ڏئي چڪا آهن”.

ڪراچي / نوشهرو فيروز ( اصغر آزاد/ خاص نمائندو  سنڌسماءَچار) شهيدن جو وارث سڏائيندڙ، قومي اسيمبلي جي انساني حقن بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جي اڳوڻي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري، راڻيپور جي پيرن جي حويلي ۾جنسي وحشت جو نشانو بڻائي قتل ڪيل شهيد فاطمه ڦرڙو جي وارثن سان ٻه لفظ دعا جا گهرڻ  جي به تڪليف نه ڪئي. بلاول ڀٽو زرداري ٽنڊو محمد خان ۾ عوامي احتجاج بعد پ پ چيئرمين پنهنجو سنڌ جو دورو مختصر ڪري ڇڏيو. پ پ چيئرمين، گذريل قومي اسيمبلي جي انساني حقن بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جو ڪراچي کان لاهور تائين روڊ رستي وڃڻ ۽ عوامي رابطا مهم دوران نوشهرو فيروز ضلعي مان گذرڻ باوجود شهيد فاطمه ڦرڙو جي وارثن وٽ ساڻن همدردي ڪرڻ ۽ تعزيت ڪرڻ لاءِ نه ويو. ريلي ۾ ڪراچي کان سکر تائين موجود پ پ جي ئي هڪ اڳواڻ نالو نه لکڻ تي ٻڌايو ته “ ڪجهه هنڌن تي پارٽي اڳواڻن سنڌ حڪومت جي اڳوڻن وزيرن جي زيادتين بابت شڪايتون ڪرڻ چاهيون پر انهن کي چُپ ڪرايو ويو، اهڙي طرح سجاول ۾ به ڪارڪنن احتجاج ڪرڻ چاهيو ته کين دڙڪا ڏئي قافلو مان نڪري وڃڻ جو چيو ويو ۽ مجبورن اهي خاموش ٿي ويا” اها ڳالهه پ پ جي هڪ اڳواڻ جي ٻڌايل آهي، سندس چوڻ هو ته، “حيدر آباد ۾ بلاول ڀٽو زرداري کي هڪ اڳواڻ چيو ته قافلو ڀٽ شاهه به هلي ۽ بلاول ڀٽو زرداري شاهه عبداللطيف ڀٽائي تي حاضري ڀري، پر پارٽي جي سينيئر اڳواڻن ۽ خود بلاول ڀٽو زرداري به ڀٽ شاهه هلڻ کان انڪار ڪيو”.

بلاول ڀٽو زرداري شهيد فاطمه ڦرڙو جي وارثن سان تعزيت ڪرڻ لاءِ نه ويو؛ نه ئي هنن نوابشاهه يا سکر ۾ فاطمه جي قتل جي سکڻي مذمت ۽ افسوس جو اظهار به نه ڪيو؛ نه ئي اڃا تائين ڪو اهڙو بيان ئي ڏنو آهي؛ ان جو ڪارڻ ڇا آهي؟ واري سوال تي پ پ جي ان اڳواڻ مختصر جواب ڏيندي چيو ته، “ ايندڙ اليڪشن ۾ به هڪ قومي ۽ ٻه صوبائي اسيمبلي جون سيٽون راڻيپور جي پيرن کي ملنديون جي نه ته هڪ قومي، هڪ صوبائي سيٽ پيرن کي ملندي ۽ هڪ صوبائي سيٽ پيرن جي سفارش تي ئي ملندي”. هن وڌيڪ ٻڌايو ته، “خيرپور جا سمورا جيلاني پير، پير اسد شاهه جي پاسي بيٺل آهن، اندروني طور اليڪشن ۾ سندن حمايت وڃائڻ جي خوف کان خيرپور جا وساڻ، راڄپر، ٻانڀڻ به راڻيپور جي پيرن خلاف نه ٿا ڳالهائين، انهن مان هڪ طاقتور ڌر، پ پ جون ٻه عورت اڳواڻ ۽ هڪ خيرپور سان واسطو رکندڙ پيپلزپارٽي جو فنانسر ۽ فائدا وٺندڙ صنعتڪار ته پنج کان وڌيڪ ڀيرا فاطمه ڦرڙو قتل ڪيس لئي متي ڪرڻ لاءِ ڪوشش ڪري چڪا آهن”. ڇا اُهي سڌي طرح شهيد فاطمه جي وارثن سان رابطي ۾ آيا آهن يا ڪنهن وچ واري جي معرفت رابطا ڪيا آهن؟ واري سوال تي سندس چوڻ هو ته، “پ پ جي فنانسر خيرپوري صنعتڪار نوشهرو فيروز ضلعي سان واسطو رکندڙ هڪ ذاتي دوست معرفت رابطو ڪيو هو، پر اڃا تائين انهن سڀني کي ناڪامي جو منهن ڏسڻو پئجي رهيو آهي، فاطمه جا وارث هيل تائين ڪنهن به قسم جي راڄوڻي کان کُتو جواب ڏئي چڪا آهن”.

بلاول ڀٽو زرداري خيرپور ۽ نوشهرو فيروز ۾ ڪو هڪ به عوامي جلسو يا عوامي ميڙاڪو نه ڪيو، ان جو ڪارڻ سيڪيورٽي معاملو هو يا ڪو ٻيو؟، واري سوال تي پيپلزپارٽي جي ان اڳواڻ ٽهڪ ڏئي مختصر جواب ڏيندي چيو ته، “ڀرپور عوامي موٽ”.

About Ahmedbilal

Check Also

سنڌ جي تاريخي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي زمين تي والار جاري

ٺٽو ( خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) سنڌ جي تاريخي ورسي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *