Saturday , April 27 2024

پي ٽي آءِ حڪومت کي قانون سازي لاءِ پارليامينٽ ۾ پهرين ناڪامي

پي ٽي آءِ حڪومت کي قانون سازي لاءِ پارليامينٽ ۾ پهرين ناڪامي

تبديلي اچي وئي،پيٽي آءِ کي قانون سازي ۾ پنهنجن ميمبرن به ووٽ نه ڏنو

اسلام آباد (خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) پاڪستان تحريڪ انصاف جي وفاقي حڪومت کي قومي اسيمبلي ۾ پهرين قانون سازي ڪرڻ دوران ناڪامي جو جون منهن ڏسڻو پئجي ويو آهي، اسلام آٻاد هاءِ ڪورٽ ۾ چئني صوبن مان ججز جي مقرري واري قانون ۾ تبديلي لاءِ پيش ڪيل ترميمي بل رد ٿي ويوآهي، محمد ميان سومرو سميت سنڌ سان لاڳاپيل ٽن حڪومتي ميمبرز به مخالفت ۾ ووٽ ڏنو.

قومي اسيمبلي ۾ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ چئني صوبن ۾ ججز جي مقرري واري بل تي ووٽنگ کانپوءِ اپوزيشن طرفان احتجاج ڪيو ويو، اپوزيشن ميمبر اسپيڪر جي روسٽرم تي بيهي نعريبازي ڪندا رهيا. قومي اسيمبلي  جي ڊپٽي اسپيڪر جي صدارت هيٺ قومي اسيمبلي جي اجلاس دوران جي يو آءِ ف جي ميمبر عاليه ڪامران اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ چئني صوبن مان ٻه ٻه ججز مقرر ڪرڻ بابت ترميمي بل پيش ڪيو ته، ان جي حڪومت ۾ شامل سنڌ مان چونڊيل نمائندن به مخالفت ڪئي. پي ٽي آءِ ۽ اُن جي اتحادي جماعتن به ترميمي بل جي مخالفت ڪئي آهي. ڊپٽي اسپيڪر قاسم طوري بل تي وائيس ذريعي ووٽنگ جو اعلان ڪيو ته اپوزيشن اُن کي چئلينج ڪيو. مخالف ڌر پاران ترميمي بل جي مخالفت کانپوءِ تحريڪ انصاف جي ميمبرن سيٽن تي بيهي ووٽ ڏنو. ووٽن جي ڳڻپ کانپوءِ ڊپٽي اسپيڪر اعلان ڪيو ته بل جي حق ۾ 94 ۽ مخالفت ۾ 99 ووٽ پيا آهن، تنهن ڪري بل کي رد ڪيو وڃي ٿو. اُن کانپوءِ اپوزيشن جي ميمبرز اُٿي بيهي احتجاج ڪيو ۽ اسپيڪر جي روسٽرم وٽ وڃي نعريبزي ڪئي. ڊپٽي اسپيڪر جو چوڻ هو ته رولز تحت ٻيهر ڳڻپ نٿي ڪري سگهجي، اپوزيشن احتجاج جاري رکيو ۽ بعد ۾ ڊپٽي اسپيڪر کي اجلاس ڪجهه دير لاءِ ملتوي ڪرڻو پيو. اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ سنڌ سوڌو ٻين صوبن مان ججز جي مقرري واري بل جي مخالفت ۾ سنڌ مان چونڊيل نمائندن فهميده مرزا، رميش ڪمار واڪواڻي ۽ محمد ميان سومرو به ووٽ ڏنا.

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ جي تاريخي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي زمين تي والار جاري

ٺٽو ( خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) سنڌ جي تاريخي ورسي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *