Saturday , April 27 2024

پ پ سنڌ جو صدر نثار کهڙو به بنگالين، بهارين ۽ برمين کي سڃاڻپ ڪارڊ ٺهرائي ڏيڻ تي ڪا به معذرت نه ڪئي

ڪراچي( رپورٽ: اصغر آزاد    سنڌسماءَچار) پاڪستان پيپلز پارٽي سنڌ جي صدر نثار کهڙو به بنگالين، برمين ۽ بهارين کي سڃاڻپ ڪارڊ ڄهرائي ڏيڻ جي خاطري ڪرائي هئي، جنهن تي تنقيد ٿيڻ بعد هن ان تي قائم رهڻ جي ڳالهه ڪئي هئي. جولاءِ 2017 جي آخري هفتي دوران رات جو پ پ سنڌ جي صدر ۽ تڏهوڪي سينئر صوبائي وزير نثار کهڙو، آصف زرداري جي ويجهي دوست ڊاڪٽر عاصم، پ پ اڳواڻن وقار مهدي ۽ فيروز بنگالي ڪورنگي واري علائقي ۾ جلسي کي خطاب ڪندي چيو هو ته، ” پ پ سنڌ جي صدر نثار کهڙو چيو آهي ته، هاڻي اسان ڪراچي متحده کان کسي وٺنداسين. آصف زرداري جي ويجهي دوست ڊاڪٽر عاصم حسين چيو آهي ته بنگالين کي سڃاڻپ ڪارڊ ٺهرائي ڏيڻ لاءِ سنڌ حڪومت کان هڪ ارب رپيا منظور ڪرائيندو“. ان جلسي کي ٻين کانسواءِ ڊاڪٽر عاصم، وقار مهدي ۽ فيروز بنگالي به خطاب ڪيو هو.

اُها خبر سنڌسماءَچار پهرين اگسٽ 2017 تي اپلوڊ/شايع ڪئي هئي، مڪمل نيوز پڙهڻ لاءِ هيٺ ڏنل لنڪ تي ڪلڪ ڪيو

پيپلز پارٽي پاران بنگالين کي سڃاڻپ ڪارڊ ٺهرائي ڏنا ويندا،سرڪاري نوڪريون به ڏينداسين:نثار کهڙو/ ڊاڪٽر عاصم/ وقار مهدي

پيپلزپارٽي سنڌ جي صدر ۽ تڏهوڪي سينئر صوبائي وزير نثار کهڙو جي سنڌ ۾ ڍبنگالين، برمين ۽ بهارين سميت ٻين غيرقانوني طور ترسيل پرڏيهين کي سڃاڻپ ڪارڊ جاري ڪرائي ڏيڻ واري اعلان کانپوءِ جڏهن پيپلزسيڪريٽريٽ ۾ هڪ پريس ڪانفرنس دوران صحافين کائنس سوال ڪيو هو ته هن ان سوال جي جواب ۾ چيو هو ته ” اسان بنگالين ۽ برمين کي سڃاڻپ ڪارڊ ۽ تحفظ ڏيندا رهنداسين، ڪنهن تڪليف ٿئي ٿي ته ڀلي ٿئي”.

اُها خبر سنڌسماءَچار 21هين سيپٽمبر 2017 تي اپلوڊ/شايع ڪئي هئي، مڪمل نيوز پڙهڻ لاءِ هيٺ ڏنل لنڪ تي ڪلڪ ڪيو

اسان بنگالين ۽ ۽ برمين کي سڃاڻپ ڪارڊ ۽ تحفظ ڏيندا رهنداسين، ڪنهن تڪليف ٿئي ٿي ته ڀلي ٿئي: نثار کهڙو

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ جي تاريخي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي زمين تي والار جاري

ٺٽو ( خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) سنڌ جي تاريخي ورسي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *