Saturday , April 27 2024

مکي جڳديش، نينگر جئه ديپ ۽ ڊاڪٽر منير نائچ بازياب،ڀنگ ڀرڻ جا اطلاع

ڪشمور/ ڪراچي (خاص نمائندو/ اصغر آزاد   سنڌسماءَچار) ايس ايس پي ڪشمور ڌاڙيلن ۽ سردارن وچ ۾ ٽياڪڙي، اغوا ٿيل مُکي جڳديش ڪمار ۽ نينگر جئه ديپ کي بازياب، ڌرڻو به ختم ڪرائڻ لاءِ دٻاءُ. ڪشمور ۽ بڊاڻي مان اغوا ڪيل مُکي جڳديش ڪمار، نينگر جئه ديپ ڪمار ۽ ڊاڪٽر منير نائچ جي بازيابي کي ڪشمور پوليس پاران ڌاڙيلن سان مقابلو ڪري کين بازياب ڪرائڻ جي دعويٰ ڪئي آهي.مسلسل ٽِن ڏينهن کان کان جاري ڌرڻي جي نتيجي ۾ پنجاب طرف پبلڪ ٽرانسپورٽ ۽ گڊز ٽرانسپورٽ ذريعي ويندڙ اربين رپين جو سامان وڃڻ سان وڏو مالي نقصان ٿيڻ جي نتيجي ۾ سنڌ پوليس ڌاڙيلن جي سرپرست مجبور ٿي ڌاڙيلن سان ڳالهيون ڪري اغوا ٿيل ٽِن ماڻهن مکي جڳديش، ڊاڪٽر منير نائچ ۽ نينگر جئه ديپ ڪمار کي ڌاڙيلن سان مقابلو ڪري کين بازياب ڪرائڻ جي دعويٰ ڪئي آهي.

ان سلسلي ۾ مقامي سطح تي مليل ڄاڻ مطابق ايس ايس پي ڪشمور امجد شيخ کي وفاقي ادارفي جي انتهائي بااثر شخصيتن سختي سان هدايت ڪئي ته مغوي بازياب ٿين ٿا يا نه اهو پوليس جو مسئلو آهي؛ سنڌ ۽ بلوچستان کان پنجاب طرف ايندڙ ويندڙ پبلڪ ٽرانسپورٽ ۽ گڊز ٽرانسپورٽ جي اچ وڃ کي فوري طور تي بحال ڪيو وڃي ٻي صورت ۾ نتيجن جا ذميوار اُهي پاڻ هوندا، ذريعن اها به دعويٰ ڪئي آهي ته انهن بااثر اختيارين ڪنڌڪوٽ-ڪشمور، جيڪب آباد سميت ڀرپاسي وارن ضلعن جي سردارن کي به وارننگ ڏني وئي ته ڪنهن به صورت ۾ پنجاب ڏانهن ايندڙ ويندڙ رستو فوري طور کولرايو وڃي.

جنهن بعد سومر ڏينهن ايس ايس پي ڪشمور ڌرڻي ۾ اچي ۽ آچر ڏينهن ڌرڻي جا انتظام سنڀاليندڙن کي پيغام موڪليو هو ته ڌرڻو ختم ڪيو وڃي ۽ اغوا ٿيلن کي 12 ڪلاڪن اندر بازياب ڪرايو ويندو؛ پر ڌرڻو هڻي ويٺل ماڻهن ۽ ڌرڻو آرگنائيز ڪندڙن پاران پوليس ۽ سردارن کي ڌرڻو ختم ڪرڻ کان کُتو جواب ڏنو هو. سومر ڏينهن پنجاب اسيمبلي جي اڳوڻي اسپيڪر دوست محمد مزاري به ڌرڻي ۾ پهچي ڌرڻو ختم ڪرڻ جو چيو هو؛ ان کي به ڌرڻي تي ويٺل ماڻهن جواب ڏئي واپس ڪري ڇڏيو.جنهن کانپوءِ ايس ايس پي ۽ سردارن مجبور ٿي ٽنهي اغوا ٿيلن کي بازياب ڪرايو، جنهن لاءِ علائقي ۾چئوٻول اهي به آهن ته مغوين جي بازيابي لاءِ 50 لک رپيا ڀنگ ادا ڪيو ويو آهي.

About Ahmedbilal

Check Also

سنڌ جي تاريخي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي زمين تي والار جاري

ٺٽو ( خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) سنڌ جي تاريخي ورسي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *