Saturday , April 27 2024

افغانستان ۾ شاگردياڻين کي زهر ڏئي قتل ڪرڻ جي ڪوشش، بيهوشي جي حالت ۾ اسپتال داخل

ڪابل ( انٽرنيشنل مانيٽرنگ ڊيسڪ ) افغانستان جي صوبي سرپول جي هڪ اسڪول ۾ شاگردياڻين کي زهر ڏئي م،ارڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي، زهر ڏيڻ سبب 60 شاگردياڻين کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ اسپتال ۾ داخل ڪيو ويو آهي. پرڏيهي خابرو اداري موجب ٻُٽون ٻڌل هٿياربند اسڪول ۾ داخل ٿيا، هٿياربندن زبردستي زهريلي شئي کارائي، يا زهريلي گئس ڇڏي وئي، ان دوران ڪجهه شاگردياڻين ڀڄي جان بچائي، خابرو ايجنسي جي دعويٰ مطابق زبردستي زهريلي شئي کارائڻ جي نتيجي ۾ 60 شاگردياڻيون بيهوش ٿي ويون، جن کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ اسپتال داخل ڪيو ويو آهي، جتي سندن علاج ڪيو پيو وڃي، آخري اطلاعن تائين ڪو به جاني نقصان ناهي ٿيو. افغان حڪومت جي اختيارين جو چوڻ آهي ته معاملي جي جاچ ڪئي پئي وڃي، اڃا تائين اهو واضح ناهي ٿي سگهيو ته شاگردياڻين کي زهريلي شئي کارائي وئي آهي يا اسڪول ۾ زهريلي گئس ڇڏي وئي.

About Asghar Azad

Check Also

هاڻي جنهن به ملڪ وڃون ٿا ته منهن ڏسي سمجهي ٿا وڃن ته پئسا وٺڻ آيا آهن: وزيراعظم شهباز شريف

ڪراچي (مانيٽرنگ ڊيسڪ   سنڌسماءَچار) اسان کي پنڻ جو سلسلو بند ڪرڻو پوندو، هاڻي جنهن به …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *