Sunday , April 28 2024

سنڌ حڪومت پاران ورتل سوا ٻه ارب رپين جو قرض! 35 ارب رپيا وياج، قرض اڃا نه لٿو

ڪراچي (رپورٽ اصغر آزاد      سنڌسماءَچار) سنڌ حڪومت پاران وفاقي حڪومت کان ورتل 2 ارب 23 ڪروڙ 83 لک رپين جَي قرض تي وياج جِي مد ۾ وفاق کي 22 ارب 27 ڪروڙ 65 لک رپيا ادا ڪري چڪي، 28 سال گذرڻ باوجود سنڌ حڪومت مٿان مُورن واري رقم سميت ساڍا 35 ارب رپين کان وڌيڪ جي قرضي بڻيل آهي، جيڪا سنڌ حڪومت وفاقي سرڪار کي ادا ڪندي.1995-1994دوران پيپلزپارٽي جي تڏهوڪي صوبائي حڪومت پاران وفاقي حڪومت کان ”ڪيش ڊولپمينٽ لون“ جي مد ۾ 2 ارب 23 ڪروڙ 83 لک رپيا قرض ورتو هو. تڏهوڪي وزير وزير ۽ سينيئر پ پ اڳواڻ سيد عبدالله شاهه جي وڏ وزارت دوران وفاقي حڪومت کان ورتل قرض ۽ ان تي لاڳو وياج مختلف وقتن تي قسطن ۾ ادا ڪندي رهي.

ناڻي کاتي جي ذريعن موجب سنڌ حڪومت هن وقت تائين وفاقي کي 22 ارب 27 ڪروڙ 65 لک رپيا ادا ڪري چڪي آهي، 28 سالن دوران وفاق کي ادا ڪيل  22 ارب 27 ڪروڙ 65 لک رپين سميت وفاقي حڪومت جا سنڌ حڪومت ڏانهن13 ارب 29 ڪروڙ 25 لک رپيا قرض رهيل آهي، جيڪو ادا ڪرڻو آهي. دلچسپ ڳالهه اها آهي ته 28 سال اڳ جڏهن سنڌ حڪومت وفاقي سرڪار کان اُهو قرض ورتو هو ته ان وقت سنڌ حڪومت پيپلزپارٽي جي هئي ۽ وڏو وزير سيد عبدالله شاهه هو ۽ گذريل 15 سالن کان سنڌ ۾ پيپلزپارٽي جي حڪومت آهي، 10 سالن کان وڌيڪ وقت سنڌ جو وڏو وزير سيد مراد علي شاهه آهي، جنهن جو والد سيد عبدالله شاهه قرض وٺڻ وقت سنڌ جو وڏو وزير هو.

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ جي تاريخي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي زمين تي والار جاري

ٺٽو ( خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) سنڌ جي تاريخي ورسي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *