Friday , April 26 2024

نياڻي جو بي رحماڻو قتل، قصور شهر جا رهواسي سراپا احتجاج، پوليس غائب

قصور( سنڌ سماءَچار    مانيٽرنگ ڊيسڪ) قصور شهر ۾ ڪجهه ڏينهن اغوا بعد جنسي حوس جو نشانو بڻائي قتل ڪيل ساڍن ستن سالن جي معصوم نياڻي  جي قتل ۾ ملوث جوابدارن جي گرفتار نه ٿيڻ خلاف قصور وشهر جا واسي ٻئي ڏينهن به سراپا احتجاج بڻجي رستن تي نڪري پيا آهن. سوڳ ۾ تعليمي ادارا بند هجڻ ڪري اسڪولن ۽ ڪاليجز جا شاگرد به لٺيون باٺا کڻي رستن تي نڪتل آهن ۽ ڪاروباري مرڪز مڪمل طوور تي بند آهن.

نياڻي زينب جي قتل ۾ ملوث جوابدارن جي گرفتاري لاءِ شهرين پاران ٿيندڙ احتجاج جي ڪير به اڳواڻي نه ڪري رهيو آهي، ماڻهن جا هجوم پنهنجي منهن شهر ۾ گشت ڪري رهيا آهن ۽ ڀڃ ڊاهه ڪئي پئي وڃي. ميڊيا رپورٽس مطابق سڄي شهر ۾ ڪٿي به پوليس نظر نه ٿي اچي. رپورٽس مطابق گذريل رات جو لاهور جي ڪمشنر جي درخواست تي پنجاب جي گهرو کاتي قصور ۾ حالتن تي ضابطو رکڻ لاءِ رينجرز جي مقرري جي منظوري ڏئي ڇڏي هئي، پر لڳ اڃا تائين قصور شهر ۾ رينجرز به نظر نه پئي اچي. هر ماڻهو پنهنجي منهن احتجاج ڪري رهيو آهي ۽ ڀڃ ڊاهه جو سلسلو به جاري آهي.

نياڻي زينب جي اغوا بعد جنسي حوس جو نشانو بڻائي قتل ڪرڻ واري معاملي جي جاچ لاءِ گڏيل جاچ ٽيم/ جي آءِ ٽي جنهن ۾ پوليس سميت سمورن لاڳاپيل سيڪيورٽي ادارن جا عملدار ۽ اهلڪار شامل آهن، ان پنهنجو ڪم شروع ڪري ڇڏيو آهي. ٻڌايو پيو وڃي ته قيور جي مقرر لڪيل نئين ڊي پي جي سربراهي ۾ به هڪ اجلاس ٿي رهيو آهي، جنهن بعد ان ۾ جي آءِ ٽي ٽيم جا ٻيا ميمبر به شريڪ ٿيندا. اجلاس ۾ قصور ۾ احتجاج کي پرامن رکڻ لاءِ حڪمت ٿملي جوڙي ويندي.

About Asghar Azad

Check Also

هاڻي جنهن به ملڪ وڃون ٿا ته منهن ڏسي سمجهي ٿا وڃن ته پئسا وٺڻ آيا آهن: وزيراعظم شهباز شريف

ڪراچي (مانيٽرنگ ڊيسڪ   سنڌسماءَچار) اسان کي پنڻ جو سلسلو بند ڪرڻو پوندو، هاڻي جنهن به …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *