Sunday , April 28 2024

با ادب، با ملاحضه، هوشيار….. ضلعي بادشاهه اچي رهيو آهيو، آءِ جي سنڌ حضور ۾ بيٺل آهي

ڪراچي ( نيوز ڊيسڪ   سنڌسماچار) سنڌ پوليس نه شهيد پروفيسر اجمل ساوند جا قاتل گرفتار ڪري سگهي ۽  نه ئي اغوا ڪيل ماڻهن کي ڇڏائي سگهي، پر انسپيڪٽر جنرل آف پوليس سنڌ غلام نبي ميمڻ صوبائي وزير ۽ مقامي وڏيرن جي باادب هٿ ٻڌي بيهي آجيان ڪندو رهيو. ڪشمور، ڪنڌڪوٽ، گڊو، جيڪب آباد ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ امن امان قائم رکڻ ۽ ڏوهارين خلاف آپريشن شروع ڪرڻ جي بهاني سان ڪشمور جي سرڪاري خرچ تي دوري تي پهتو. آءِ جي سنڌ غلام نبي ميمڻ جي دوري بابت مليل ڄاڻ مطابق آءِ جي پنهنجي ماتحت پوليس آفيسرز کي ڏوهن تي ضابطو آڻڻ جا روايتي انداز ۾ حڪم ڏنا ۽ لاڳاپيل آفيسرز به روايتي انداز ۾ ڏوهن ۽ ڏوهارين جي خاتمي جا روايت واعدا ورجايا.

آءِ جي سنڌ غلام نبي ميمڻ جي دوري دوران ڪشمور ۾ صوبائي وزير شبير بجاراڻي ۽ سندس ٻين سياسي وڏيرن آڏو باادب بيٺل رهيو، انسپيڪٽر جنرل آف پوليس سنڌ غلام نبي ميمڻ شبير بجاراڻي جي آمد تي هٿ ٻڌي بيٺل رهيو، ايس ايس پي ۽ ٻيا پوليس آفيسر وري صوبائي وزير جي پويان ڪنڌ جهڪائي هلندا / بيٺا رهيا. آءِ جي سنڌ جي اهڙي تصوير سوشل ميڊيا تي هلي رهي آهي جنهن  ۾ هُو صوبائي وزير شبير بجاراڻي آڏو هٿ ٻڌي بيٺل نظر اچي رهيو آهي، ان تصوير بابت ٻڌايو پيو وڃي ته اُها به صوبائي وزير جي منظور نظر هڪ پوليس عملدار ڪڍي ۽ وڊيو ڪلپ به ڀري صرف تصوير سوشل ميڊيا تي ڏياري وئي آهي.

سنڌ پوليس جي سربراهه جي ان انداز واري تصوير سوشل ميڊيا تي وائرل ٿيڻ کانپوءِ آءِ جي غلام نبي ميمڻ تي تنقيد ڪئي پئي وڃي. سنڌ پوليس آءِ بي اي سکر جي پروفيسر شهيد پروفيسر اجمل ساوند جا قاتل گرفتار ڪري سگهي ۽  نه ڪشمور سميت جيڪب آباد، شڪارپور، سکر گهوٽڪي ضلعن جي مختلف علائقن مان اغوا ڪيل ماڻهن کي بازياب ڪرائي سگهي، نه ئي وري  پوليس برادري تڪرارن ۽ ڪاروڪاري جهڙي ڪُڌي رسم هيٺ قتل ٿيندڙ عورتن ۽ مردن جا تسلسل سان ٿيندڙ قتل به روڪي ناهي سگهي.

About Ahmedbilal

Check Also

سنڌ جي تاريخي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي زمين تي والار جاري

ٺٽو ( خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) سنڌ جي تاريخي ورسي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *