Sunday , April 28 2024

سنڌ ۾ لاڪ ڊائون ۾ ڍر جا خطرناڪ نتيجا، هڪ ڏينهن اندر 11سئو ماڻهو وبا ۾ مبتلا

ڪرونا جي روڪٿام لاءِ وفاقي حڪومت جي دٻاءَ سبب سنڌ ۾ لاڪ ڊائون ۾ نرمي ڪئي وئي: سنڌ حڪومت جا ذريعا

سنڌ ۾ لاڪ ڊائون ۾ ڍر جا خطرناڪ نتيجا، هڪ ڏينهن اندر 11سئو ماڻهو وبا ۾ مبتلا

ڪراچي( رپورٽ: آفاق  ڀٽي   سنڌسماءَچار) سنڌ ۾ ڪرونا وائرس جي روڪٿام لاءِ لاڳو ڪيل لاڪ ڊائون ۾ ڍر ڪرڻ جا خطرناڪ نتيجا سامهون اچڻ شروع ٿي ويا آهن، سنڌ اندر هڪ ڏينهن اندر 11 سئو کان وڌيڪ ڪرونا وائرس جي وبا ۾ مبتلا مريضن جي تصديق ٿي وئي آهي، سنڌ حڪومت جي ذريعن جو چوڻ آهي ته، وفاقي حڪومت جي سخت دٻاءَ سبب سنڌ ۾ لاڪ ڊائون ۾ نرمي ڪئي وئي آهي، جنهن جا نتيجا انتهائي خطرناڪ نڪري سگهن ٿا. سنڌ ۾ مارچ مهيني جي پهرين هفتي ۾ ظاهر ٿيل عالمي وبا ڪرونا وائرس ظاهر ٿيڻ بعد سنڌ حڪومت پاران وبا کان بچڻ ۽ ان کي وڌيڪ پکڙجڻ کان روڪڻ لاءِ 13 مارچ تي لاڪ ڊائون جو اعلان ڪرڻ جو اعلان ڪيو ويو هو، جنهن تي شروعاتي 3 هفتن تائين سختي سان عمل به ڪرايو ويو، جنهن  بعد سنڌ ۾ خاص طور تي شهري علائقن ڪراچي، حيدر آباد، لاڙڪاڻو، ميرپورخاص ۽ نوابشاهه ۾ ان تي سختي گهٽجڻ شروع ٿي وئي، جنهن کانپوءِ وزيراعظم عمران خان 14 اپريل کان اڏاوتي شعبو ۽ ان سان واڳيل انڊسٽريز کي کولڻ جو اعلان ڪيو، جنهن بعد مرحليوار ايڪسپورٽ سان لاڳاپيل ڪارخانا به کوليا ويا. وزيراعظم جي اهڙي اعلان تي عمل کان پوءِ سڄي ملڪ خاص طور تي سنڌ ۾ ڪرونا جا ڪيس وڌڻ جو تناسب تيزي سان وڌڻ لڳو. وزراعظم عمران خان 7 مئي تي قومي رابطا ڪميٽي جي اجلاس ۾ ملڪ ۾ 9 مئي کان لاڪ ڊائون ۾ نرمي جو اعلان ڪيو ته صرف ٻن ڏينهن دوران 2 هزار کان وڌيڪ ڪرونا جا ڪيس ظاهر ٿيا، جنهن ۾ سڀ کان وڌيڪ متاثر سنڌ ٿي آهي، جتي ٻن ڏينهن دوران 1400 کان وڌيڪ ڪيس ظاهر ٿيا آهن. سنڌ ۾ لاڪ ڊائون ڍرو ڪرڻ واري معاملي تي سنڌ سماچار کي سنڌ  حڪومت جي ذريعن کان مليل ڄاڻ مطابق، “ سنڌ حڪومت تي وفاقي حڪومت ۽ ڪجهه وفاقي ادارن جو تمام گهڻو دٻاءَ رهيو آهي ته لاڪ ڊائون ۾ نرمي ڪري ٽرانسپورٽ، صنعتون ۽ شاپ نگ مالز کوليا وڃن، ان ئي دٻاءَ جو نتيجو آهي جو سنڌ ۾ لاڪ ڊائون کي مختلف مرحلن ۽ بهانن سان نرم ڪيو پيو وڃي”، سنڌ حڪومت جي ذريعن اها به دعويٰ ڪئي آهي ته “ ان امڪان کي رد نه ٿو ڪري سگهجي ته ٽرين سروس کولڻ لاءِ سنڌ حڪومت وفاقي حڪومت جي ٿيندڙ نئين فيصلي کي قبول ڪري ان جي مخالفت نه ڪئي وڃي”.

سنڌ ۾ ڪرونا جا هاڃا، وڏي وزير پاران جاري ڪيل سرڪاري انگ اکر

سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه پنهنجي وڊيو پريس بريفنگ ۾ چيو آهي ته، 24 ڪلاڪن ۾ هڪ هزار 80 ڪيس نوان ڪيس ظاهر ٿيڻ بعد وائرس سٽيلن جو انگ وڌي 10 هزار 771 ٿي ويو آهي، 24 ڪلاڪن دوران مرض ۾ مبتلا وڌيڪ 4 مريض حياتيون وڃائي ويٺا آهن. ڪرونا وائرس جا سرڪاري انگ اکر پيش ڪندي وڊيو بيان ۾ وڏي وزير چيو ته، پيرڳوٺ ۾ هيل تائين 277 شهري وائرس جو شڪار ٿي ويا، وڏي تعداد ۾ وائرس پکڙجڻ تي وڏي وزير پيرڳوٺ ۾ لاڪ ڊائون کي وڌيڪ سخت ڪرڻ جي هدايت ڪري ڇڏي آهي. وڊيو  بيان ۾ وڏي وزير چيو ته سنڌ جي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو ڪورونا وبا جي ڪري هڪ هزار 80 ڪيسز رپورٽ ٿيا آهن. سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته خيرپور جي علائقي پير ڳوٺ ۾ ڪورونا وائرس جا 246 ڪيسز مثبت آيا آهن جنهن ڪري پير ڳوٺ ۾ لاڪ ڊائون سخت ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي. وڏي وزير چيو آهي ته هي انتهائي ڳڻتي جي ڳالهه آهي، هاڻي عوام کي سمجهڻو پوندو ته ڪهڙي صورتحال ٿي رهي آهي. سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته 24 ڪلاڪن ۾ 5 هزار 498 ٽيسٽ ڪيا ويا جن مان 20 سيڪڙو يعني هڪ هزار 80 ڪيسز پازيٽو آيا آهن. وڏي وزير چيو آهي ته سنڌ ۾ ڪورونا وائرس جي مريضن جو تعداد 10 هزار 7 سئو 71 ٿي ويو آهي. سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته 4 مريض ڪورونا وگهي فوت ٿي ويا جنهن کان پوءِ مجموعي انگ 180 ٿي ويو آهي. وڏي وزير چيو آهي ته هن وقت سنڌ ۾ 8 هزار 571 مريض علاج هيٺ آهن، جن مان 7 هزار 432 گهرن ۾، 609 آئيسوليشن مرڪزن ۽ 530 اسپتالن ۾ علاج هيٺ آهن.

سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته 101 مريضن جي حالت ڳڻتي جوڳي آهي، 23 مريض وينٽي ليٽرز تي آهن.مراد علي شاهه چيو ته هڪ هزار 80 ڪيسن مان 583 ڪيسز ڪراچي مان رپورٽ ٿيا آهن. وڏي وزير چيو آهي ته اسان ڪراچي ۾ مختلف دڪانن ۽ سبزيون وڪرو ڪندڙ وٽ ويندڙ ماڻهن جا ٽيسٽ ڪيا آهن. انهن مان ڪجهه دڪاندار ۽ اتي موجود گراهڪن جا رپورٽ مثبت آيا آهن. سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته اهڙي صورتحال ۾ عوام پنهنجي زندگي بچائڻ لاءِ پاڻ به فيصلو ڪري. وڏي وزير چيو آهي ته سکر ۾ 34، حيدرآباد ۾ 19، گهوٽڪي ۽ لاڙڪاڻي ۾ 17_ 17 وڌيڪ ڪيسز سامهون آيا آهن. سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته ڪشمور_ ڪنڌڪوٽ ۾ 8، شهيد بينظير آباد ۾ 7، مٽياري ۾ 5 نوان ڪيسز رپورٽ ٿيا آهن. وڏي وزير چيو آهي ته ميرپور خاص ۾ 4، ڄامشورو ۽ قمبر شهداد ڪوٽ ۾ 3_ 3 ۽ ٽنڊوالهيار ۾ 2 نوان ڪيس سامهون آيا آهن. پيرجو ڳوٺ جي حوالي سان وڏي وزير چيو آهي ته هڪ عورت کي اوچتو تڪليف ٿي ۽ فوت ٿي وئي، عورت حيدرآباد کان گهمي ڦري پير جو ڳوٺ آئي هئي. وڏي وزير چيو آهي ته 4 مئي تي 35 ٽيسٽ ڪيا ويا جن مان 10 ڪيسز مثبت آيا، 6 مئي تي 97 ٽيسٽ ڪيا ويا جن مان به 10 ڪيسز پازيٽوآيا هئا. سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته 7 مئي تي 59 ٽيسٽ ڪيا ويا جن مان وڌيڪ 7 ڪيسز رپورٽ ٿيا، 8 مئي تي 251 ٽيسٽ ڪيا ويا ۽ 246 ڪيسز مثبت ظاهر ٿيا.

وڏي وزير مراد علي شاهه پنهنجي وڊيو پيغام ۾ وڌي چيو ته هي هڪ ننڍي ڳوٺ ۾ تمام گهڻا ڪيسز آهن، هن وقت پير جو ڳوٺ ۾ ڪل 277 ڪيسز آهن. وڏي وزير چيو آهي ته توهان جي زندگي توهان جي هٿن ۾ آهي، توهان حڪوت جو ساٿ نه ڏيندئو ته صورتحال تمام خراب ٿي ويندي. وڏي وزير چيو آهي ته اڄ مان سنڌ جي صورتحال کي ڏسي شديد پريشان آهيان، الله پاڪ اسان تي رحم ڪري پر اسان کي پاڻ تي به رحم ڪرڻو پوندو. وڏي وزير چيو آهي ته سنڌ ۾ ڪورونا ڪيسز ۾ تيزي سان اضافو ٿي رهيو آهي، اسان کي وڌيڪ احتياط ڪرڻ جي ضرورت آهي. وڏي وزير چيو آهي ته اسان لاڪ ڊائون جي فيز ٽو ۾ داخل ٿي ويا آهيون، ڪورونا کان بچاءُ واري ايس او پيز تي عمل ڪرڻو پوندو. وڏي وزير جي ترجمان جو چوڻ آهي سنڌ حڪومت طرفان 1500 ٽيسٽنگ ڪٽس خيرپور موڪليون ويون ۽ وڏي وزير ٽيست ڪندڙ 7 ٽيمن کي پير جو ڳوٺ ۾ مقرر ڪري ڇڏيو آهي.

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ جي تاريخي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي زمين تي والار جاري

ٺٽو ( خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) سنڌ جي تاريخي ورسي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *