Sunday , April 28 2024

نااهل پوليس آفيسرز جيڪري امن تباهه ٿيڻ نه ڏبو: وڏو وزير مراد علي شاهه

نااهل پوليس آفيسرز جيڪري امن تباهه ٿيڻ نه ڏبو، ڪامورن کي چونڊيل نمائندن جي پاليسي تي عمل ڪرڻو پوندو: وڏو وزير مراد علي شاهه

خيرپور (رپورٽر  سنڌسماءَچار) وڏي وزير مراد علي شاهه چيو آهي ته سنڌ پوليس جي ڪجهه نااهل پوليس آفيسرز جيڪري سنڌ جو امن امان تباهه ڪرڻ جي اجازت نه ڏينداسين، اهڙو آءِ جي چاهيون ٿا جيڪو سنڌ ۾ امن امان جي صورتحال کي يقيني بڻائي. خيرپور ۾ وساڻ هائوس ۾  صوبائي صلاحڪار نواب وساڻ جي امڙ جي لاڏاڻي تي ساڻس عذرخواهي ڪرڻ بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي وڌيڪ چيو ته، سنڌ حڪومت کي ييس مين نه گهرجي، اهڙوسنڌ پوليس جو آءِ جي هجي، جيڪو صوبي ۾ امن امان جي بحالي کي يقيني بڻائي. مراد علي شاهه چيو ته، پوليس طرفان چونڊيل نمائندن خلاف رپورٽس تيار ڪرڻ ووٽرز جي تذليل آهي، جيڪڏهن ڪو ماڻهو ڏوهن ۾ ملوث آهي، ڀلي اُن کي گرفتار ڪيو وڃي، تنهن ڪري ييس مين ۽ نو مين جون ڳالهيون نه ڪرڻ گهرجن. وڏي وزير وڌيڪ چيو ته نااهل آفيسرز سبب پوليس جون قربانيون ضايع ٿيڻ نه ڏنيون وينديون.وڏي وزير جي دوري جي موقعي تي خيرپور شهر ۾ سيڪيورٽي سخت ڪئي وئي، جنهن جي نتيجي ۾ ٽرئفڪ جام ٿي وئي ۽ شهرين کي ڪيترين ئي پريشانين جو منهن ڏسڻو پيو.

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ جي تاريخي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي زمين تي والار جاري

ٺٽو ( خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) سنڌ جي تاريخي ورسي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *