Saturday , April 27 2024

اغوا ٿيل ماڻهن کي بازياب ڪرايو، ڪشمور ۾ ڌرڻو چوٿين ڏينهن به جاري

ڌرڻو هڻي ويٺل ماڻهن پنجاب جي اڳوڻي اسپيڪر دوست محمد مزاري ۽ ايس ايس پي ڪشمور امجد شيخ کي ڌرڻو ختم ڪرڻ کان کُتو جواب ڏئي ڇڏيو، اغوا ڪيل سمورن ماڻهن جي بازيابي تائين ڌرڻو جاري رکڻ جو اعلان

ڪشمور ( خاص نمائندو سنڌسماءَچار) ڪشمور-ڪنڌڪوٽ ضلعي مان اغوا ٿيل ماڻهن کي بازياب ڪرائڻ لاءِ سنڌ، پنجاب ۽ بلوچستان جي دنگ ڊيرا موڙ تي هنيل ڌرڻو چوٿين ڏينهن به جاري، ڌرڻو هڻي ويٺل ماڻهن پنجاب جي اڳوڻي اسپيڪر دوست محمد مزاري ۽ ايس ايس پي ڪشمور امجد شيخ کي ڌرڻو ختم ڪرڻ کان کُتو جواب ڏئي ڇڏيو، اغوا ڪيل سمورن ماڻهن جي بازيابي تائين ڌرڻو جاري رکڻ جو اعلان.

ڪشمور ڪنڌڪوٽ ضلعي مان اغوا ٿيل ماڻهن جي بازيابي لاءِ سموري سنڌ سراپا احتجاج بڻجي وئي آهي، ڪنڌڪوٽ ۾ هنيل ڌرڻو چوٿين ڏينهن به جاري آهي، ڌرڻي ۾ ڪنڌڪوٽ-ڪشمور ضلعي جي مختلف شهرن ۽ ڳوٺن جا رهواسي وڏي انگ ۾ شريڪ آهن، ڌرڻي ۾ شريڪ ماڻهن پاران مـُکي جڳديش ڪمار، ساگر ڪمار، جئي ديپ ۽ ڊاڪٽر منير نائچ سميت اغوا ٿيل سمورن ماڻهن جي بازيابي لاءِ نعريبازي به ڪئي پئي وڃي. ڪشمور جي ڊيرا موڙ وٽ هنيل ڌرڻي سبب، سنڌ، پنجاب ۽ بلوچستان ڏانهن ايندڙ ويندڙ سموري ٽريفڪ مڪمل طور معطل آهي. ڌرڻي سان گڏ ضلعي جي سمورن شهرن ۾ به چئن ڏينهن کان مڪمل شٽربند هڙتال ڪري ڪاروبار بند آهي.

ڌرڻي ۾ سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي جو صدر سيد زين شاهه، جيئي سنڌ قومي محاذ جي چيئرمين صنعان خان قريشي پارٽي اڳواڻن سان گڏ ڌرڻي ۾ پهچي احتجاج ڪندڙن سان ٻڌي جو اظهار ڪيو.

حيدرآباد ۾ هندو برادري، سول سوسائٽي ۽ سياسي سماجي تنظيمن نسيم نگر ۾ احتجاجي مظاهرو ڪري رلي ڪڍي واڌو واهه باءِ پاس تي ڌرڻو هنيو ويو، ڌرڻي جي نتيجي ۾ ايندڙ ويندڙ ٽريفڪ ڪيترن ئي ڪلاڪن تائين معطل رهي. ڪنڊيارو ۾ سينيئر قومپرست اڳواڻ ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي، رياض چانڊيو ۽ پنهل ساريو جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪري قومي شاهراهه تي ڌرڻو هنيو ويو.لاڙڪاڻي ۾ جناح باغ وٽ سول سوصسائتي ۽ عام شهرين مغوين جي بازيابي لاءِ ڌرڻو هنيو. گمبٽ ۾ به ڌرڻي سبب قومي شاهراهه بند رهيو. خيرپور شهر ۾ عورتون ڪشمور ۾ ڌرڻي جي حمايت ۽ مغوين جي بازيابي لاءِ رستن تي نڪري آيون، احتجاجي مظاهرو ڪري مريم توپ چوڪ وٽ ڌرڻو هنيو ويو. ميرپور خاص،  ٺٽو، سڪرنڊ ۽ ٺل ۾ به ڪشمور واسين سان يڪجهتي لاءِ احتجاجي مظاهرا ڪري ڌرڻا هنيا ويا.

About Ahmedbilal

Check Also

سنڌ جي تاريخي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي زمين تي والار جاري

ٺٽو ( خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) سنڌ جي تاريخي ورسي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *