Saturday , April 27 2024

راڻيپور جي درگاهه مان وڌيڪ 3 عورتون ۽ 4 ٻارڙيون بازياب، هڪ وڌيڪ ڊاڪٽر گرفتار

راڻيپور جي جيلاني پيرن جي حويلي اندر پير اسد شاهه جيلاني جي ڪمري ۾ تشدد جو نشانو بڻائي مبينا طور قتل ڪيل نينگري فاطمه ڦرڙو سان بدترين جني ڏاڍائي ۽ تشدد بعد قتل ڪرڻ جي تصديق

خيرپور( خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) راڻيپور جي جيلاني پيرَن جي حويلي تي پوليس جو ڇاپو، گهريلو ملازمائن جي بهاني سان قيدي بڻايل وڌيڪ 3 عورتون ۽ چار ٻارڙيون بازياب، پوليس حويلي مان 3 ڄاڻ حراست ۾ وٺي ڇڏيا، راڻيپور رورل هيلٿ سينٽر جو ايمن ايس به گرفتار.

راڻيپور جي جيلاني پيرن جي حويلي اندر پير اسد شاهه جيلاني جي ڪمري ۾ تشدد جو نشانو بڻائي مبينا طور قتل ڪيل نينگري فاطمه ڦرڙو سان بدترين جني ڏاڍائي ۽ تشدد بعد قتل ڪرڻ جي تصديق ٿي وئي آهي، شهيد نياڻي فاطمه ڦرڙو جي قبرڪشائي کانپوءِ ڪيل پوسٽ مارٽم رپورٽ جي ابتدائي جاري ڪيل رپورٽ ۾ تصديق ڪندي ڊاڪٽرن جو چوڻ آهي ته قتل ڪيل نياڻي فاطمه ڦرڙو جي جسم تي بدترين تشدد جا نشان موجود هئا، کيس ٻنهي طرفن کان سخت قسم جي جنسي ڏاڍائي جو نشانو بڻايو ويو، سندس موت جنسي ڏائي ۽ بدترين تشدد جي نتيجي ۾ ٿيو. شروعاتي پوسٽ مارٽم رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته نينگري فاطمه ڦرڙو جي سموري جسم تي تشدد جا نشان هئا، نڪ ۽ ڪن مان رت وهي رهيو هو، سندس ٻنهي اکين تي سوڄ پڻ هئي،

راڻيپور جي پيرَن جي حويلي ۾ تشدد ۾ قتل ڪيل معصوم نينگري فاطمه ڦرڙو سان زيادتي جي تصديق بعد خيرپور پوليس ايس ايس پي جي سربراهي ۾ي ليڊيز پوليس اهلڪارن سان گڏ جو حويلي ۾ سرچ آپريشن به ڪيو، سرچ آپريشن بابت ايس ايس پي خيرپور روحل کوسو چيو آهي ته فاطمه ڦرڙو جي قتل ۽ زيادتي  ڪيس ۾ گرفتار ۽ نامزد ڪيل مک جوابدار اسد شاهه جا ڊي اين اي ميچنگ لاءِ سيمپل ورتا ويا آهن.

پيرن جي حويلي تي ڇاپي بعد سرچ آپريشن دوران گهريلو ملازما ٽِن عجورتن ۽ سندن چئن ٻارڙن کي به  ريسڪيو/بازياب ڪرائي اسپتال منتقل ڪيو جتي سندن ميڊيڪل ڪرايو ويندو، جنهن بعد کين سندن گهرن ڏانهن موڪلي وارثن جي حوالي ڪيو ويندو.، ايس ايس پي خيرپور وڌيڪ ٻڌايو آهي ته سرچنگ دوران حويلي رهندڙ ٽِن ڄڻ کي حراست ۾ ورتو ويو، عبدالستار شاهه، پير مسعود شاهه ۽ محمد بچل عباسي کي حراسات ۾ وٺي کين گمس اسپتال گمبٽ منتقل ڪيو ويو آهي، جتي سندن ڊي اين لاءِ سيمپل ورتا ويندا، پوليس ذريعن جو چوڻ آهي ته حويلي ڀرسان عارضي پوليس پڪٽ قائم ڪري 3 ڊي ايس پي، 10 ايس ايڇ اوز ۽ ليڊيز اهلڪار مقرر ڪيا ويا آهن. پوليس ذريعن دعويٰ ڪئي آهي ته پير اسد شاهه جي حويلي ۽ ڪمري جي سي سي ٽي ويڊيوز جو ڪجهه رڪارڊ تحويل ۾ ورتو ويوآهي، پوليس ذريعن دعويٰ  ڪئي آهي ته هيل تائين هٿ ڪيل وڊيو رڪارڊ مطابق لڳ ڀڳ 5 هزار وڊيوز موجود آهن، جن جو آءِ جي ماهرن سان گڏ جائزو ورتو پيو وڃي، عدالتي اجازتگ سان انهن جي به فرانزڪ ڪرائي ويندي.

ٻئي پاسي راڻيپور جي پيرن جي حويلي ۾ جنسي ڏاڍائي بعد قتل ڪيل نينگري فاطمه ڦرڙو قتل ڪيس ۾ اڳڀرائي ٿي آهي، جنهن ۾ راڻيپور رورول هيلٿ سينتر جي ايم ايس کي گرفتار ڪيو ويو آهي، ڊي آءِ جي سکر جاويد جسڪاڻي جو چوڻ آهي ته ايم ايس ڊاڪٽر علي حسن وساڻ نينگري فاطمه ڦرڙو جو لاش سندس ڳوٺ منتقل ڪرڻ لاءِ ايمبولينس مهيا ڪئي، 14 آگسٽ تي فاطمه ڦرڙو جو مڙهه راڻيپور رورل هيلٿ سينٽر منتقل ڪيو ويو، ايم ايس علي حسن وساڻ بنا پوسٽ مارٽم سميت ڪا به قانوني ڪارروائي ڪرڻ کانسواءِ اسپتال جي ايمبولينس ۾ مڙهه سندس ڳوٺ اماڻيو، گرفتار ڪيل ايم ايس کان معاملي بابت وڌيڪ پڇا ڳاڇا به ڪئي پئي وڃي.

About Ahmedbilal

Check Also

سنڌ جي تاريخي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي زمين تي والار جاري

ٺٽو ( خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) سنڌ جي تاريخي ورسي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *