Sunday , April 28 2024

راڻيپور جي جيلاني پيرن جي حويلي ۾ غلام بڻايل شهيد فاطمه ڦرڙو سان جنسي وحشت جي  تصديق

خيرپور ( خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) راڻيپور جي جيلاني پيرَن جي حويلي ۾ گهريلو ملازمه جي نالي تي غلام بڻايل معصوم نياڻي فاطمه ڦرڙو سان جنسي وحشت ۽ قتل ڪرڻ کان اڳ مٿس تشدد جي تصديق، شروعاتي پوسٽ مارٽم رپورٽ  جي تصديق، مٿس تشدد ڪري قتل ڪيو ويو، حويلي جي سمورن مردن جا ڊي اين اي لاءِ جزا وٺڻ لاءِ ڪئمپ قائم ٿيڻ واري.

راڻيپور جي جيلاني پيرن جي حويلي ۾ گهريلو ملازمه جي بهاني سان غلام بڻائي قيد ڪيل نياڻي فاطمه ڦرڙو جي شروعاتي پوسٽ مارٽم رپورٽ ۾ کيس جنسي وحشت جو نشانو بڻائڻ جي تصديق ڪئي وئي آهي، کيس قتل کان اڳ مٿس بدترين جو نشانو بڻائڻ جي پڻ تصديق ڪئي وئي آهي. ان سلسلي ۾ خيرپور پوليس جي ذريعن رابطي ڪرڻ سان سنڌسماءَ کي تصديق ڪندي ٻڌايو آهي ته “گذريل ڏينهن معصوم ٻارڙي فاطمه ڦرڙو جي قبرڪشائي ڪري مڙهه جو پوسٽ مارٽم ڪيو ويو، پوسٽ مارٽم ڪندڙ ڊاڪٽرن جي ٽيم نياڻي کي زيادتي جو نشانو بڻائڻ جي تصديق ڪئي، فاطمه ڦرڙو کي جنسي ڏاڍائي جو شڪار بڻائڻ کان اڳ ۽ پوءِ مٿس بدترين تشدد به ڪيو ويو، جنهن جي به ميڊيڪل/پوسٽ مارٽم رپورٽ ۾ تصديق ٿي آهي”.

ٻئي پاسي ان ئي سلسلي ۾ ڊي آءِ جي سکر جاويد جسڪاڻي ميڊيا کي ٻڌايو آهي ته، “ميڊيڪل بورڊ پاران شروعاتي رپورٽ ۾ ميڊيڪل بورڊ فاطمه سان جسماني تشدد جي تصديق ڪئي آهي ۽ جنسي زيادتي جو خدشو ظاهر ڪيو آهي، جوابدارن کي حقيقتون مٽائڻ، لاش بنا پوسٽ مارٽم جي دفنائڻ تي نامزد ڪيو ويندو” ڊي آءِ جي سکر جو چوڻ آهي ته حويلي ۾ پوليس ڪيمپ قائم ڪري سمورن مردن جا ڊي اين اي سيمپل ورتا ويندا، راڻيپور جي پيرن جي حويلي مان سمورن ٻارن کي فوري طور بازياب ڪرائي سندن گهرن ڏانهن موڪلڻ جا حڪم جاري ڪيا ويا آهن، جن کي  جلد سندن وارثن جي حوالي ڪيو ويندو.

شهيد فاطمه ڦرڙو قتل ڪيس ۾ معطلي بعد جاچ پوليس پاران گرفتار ڪيل اڳوڻي ايس ايچ او راڻيپور جو رمانڊ وٺڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، وڏي منشي، ڊاڪٽر ۽ ڪمپائونڊر جو به رمانڊ وٺڻ جو فيصلو ڪيو آهي.

About Ahmedbilal

Check Also

سنڌ جي تاريخي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي زمين تي والار جاري

ٺٽو ( خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) سنڌ جي تاريخي ورسي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *