Monday , April 29 2024

سکر پوليس شهيد جان محمد مهر جا قاتل گرفتار ڪرڻ ۾ مڪمل ناڪام، سکر ۾ ڌرڻو

سکر پوليس شهيد جان محمد مهر جا قاتل گرفتار ڪرڻ ۾ مڪمل ناڪام، سکر ۾ صحافين جو ڌرڻو، 26 آگسٽ تي ڪراچي ۾ وزيراعليٰ هائوس آڏو ڌرڻي جو اعلان

سکر ( خاص نمائندو سنڌسماءَچار) سينيئر صحافي شهيد جان محمد مهر جا قاتل گرفتار ڪرڻ ۾ سکر پوليس مڪمل طور ناڪام، صحافي برادري، ڪي ٽي اين نيوز سٿ پاران قاتلن جي گرفتاريءَ لاءِ 26 آگسٽ تي وزيراعليٰ هائوس آڏو ڌرڻي جو اعلان، ايس ايس پي سکر سنگهار ملڪ کي قتل ڪيس ۾ جاچ ۾ شامل ڪرڻ جو به مطالبو. 9 ڏينهن گذري وڃڻ باوجود سکر پوليس سينيئر صحافي شهيد جان محمد مهر جا قاتل گرفتار نه ڪري سگهڻ خلاف، شهيد جان محمد مهر جي اداري ڪي ٽي اين نيوز ۽ ڪاوش اخبار ۽ صحافي برادري پاران ڊي آءِ جي سکر جي آفيس آڏو ڏرڻو هنيو ويو، ڌرڻي ۾ سڄي سنڌ مان صحافين، جسقم، عوامي تحريڪ، قومي عوامي تحريڪ سميت مختلف سياسي سماجي تنظيمن جي ڪارڪنن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. ڊي آءِ جي آفيس آڏو ڌرڻو هڻي ويٺل صحافين کان سندن مطالبا پڇڻ لاءِ ڊي آءِ جي سکر سميت ڪو به عملدار لنگهي نه آيو.

ڌرڻي کي خطاب ڪندي قومپرست اڳواڻ ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي، صحافين خالد کوکر، احسان لاشاري، نعمت کهڙو، وڪيل اڳواڻ قربان ملاڻو ۽ ٻين ڌرڻي کي خطاب ڪندي ايس ايس پي سکر سنگهار ملڪ کي هٽائي کيس شهيد جان محمد مهر جي قتل ڪيس جي جاچ ۾ شامل ڪرڻ جو مطالبو ڪيو. هنن مطالبو ڪيو ته شهيد جان محمد مهر جي وارثن کي به خطرو موجود آهي، انهن کي سيڪيورٽي مهيا ناهي ڪئي وئي، ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي چيو ته جيئي سنڌ قومي محاذ شهيد جان محمد مهر جي قاتلن جي گرفتاري تائين ڪي ٽي اين سٿ ۽ صحافي برادري سان هر جدوجهد ۾ گڏ هوندي، رڳو شهيد جان محمد جا قاتل ئي نه پر قتل جي رٿابندي ڪندڙن سميت ليڪل هٿن کي به وائکو ڪري گرفتار ڪيو وڃي. سينيئر صحافي احسان لاشاري چيو ته شهيد جان محمد مهر جي قتل ۾ ملوث جوابدارن کي قانون ڪٽهڙي ۾ آڻي عبرتناڪ سزا ڏني وڃي، شهيد جان محمد جي خون سان انصاف تائين احتجاج جاري رهندو، سنڌ صحافي اتحاد جي صدر نعمت کهڙو ڌرڻي کي خطاب ڪندي چيو ته قاتلن جي گرفتاري لاءِ صحافين جو گڏ ٿيڻ سکر پوليس جي منهن تي چماٽ آهي، پوليس جي رويي مان محسوس ٿي رهيو آهي ته پوليس به قاتلن جي سهولتڪار بڻيل آهي، ايس ايس پي سکر کي فوري طور هٽائي مک جوابدارن کي گرفتار ڪيو وڃي، وڪيل اڳواڻ قربان ملاڻو چيو ته قاتلن جي گرفتاري لاءِ آءِ جي سنڌ جي گهر آڏو ڌرڻو هڻڻو پيو ته هڻنداسين.

About Ahmedbilal

Check Also

سنڌ جي تاريخي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي زمين تي والار جاري

ٺٽو ( خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) سنڌ جي تاريخي ورسي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *