Monday , April 29 2024

پاڪستان ۾ ميڊيا تي سڌين پابندين کان اڻسڌيون پابنديون وڌيڪ خطرناڪ آهن: مبشر زيدي/ اظهر عباس

سنڌ يونيورسٽي جي شاگردن پاران پيئڻ جو پاڻي ڏيڻ لاءِ احتجاج ڪرڻ مٿن غداري جا ڪيس داخل ڪيا ويا: مبشر زيدي

خبر ناهي ته ملڪ ۾ قومپرست سياست ڪندڙن کي ڳالهائڻ ڇو نه ٿو ڏنو وڃي: اويس توحيد

پاڪستان ۾ ميڊيا تي سڌين پابندين کان اڻسڌيون پابنديون وڌيڪ خطرناڪ آهن: اظهر عباس

ڪراچي ( رپورٽ: آفاق ڀٽي   سنڌسماءَچار) سينئر صحافين ۽ تجزيئي نگارن پاڪستان ۾ ميڊيا تي سڌين پابندين بدران اڻسڌرين پابندين کي خطرناڪ قرار ڏيندي چيو آهي ته، اظهار جي آزادي تي پابنديون نئين ڳالهه ناهي پر هاڻي ته صحافين کي غيرپسنديد قرار ڏئي منظر تان ئي گم ڪرايو پيو وڃي، سنڌي، بلوچ ۽ پشتون قومپرست سياست ڪندڙ سياسي ڪارڪنن جي ميڊيا تي زبان بندي ڪئي وئي آهي پر سوشل ميڊيا تي منظور پشتين جي وڊيو ڪلب ملينز ۾ ڏٺي ۽ ٻڌي پئي وڃي. ڪراچي لٽريچر فيسٽيول جي آخري ڏينهن وارين تقريبن ۾ “ ميڊيا ڪرائيسز ” جي موضوع تي ٿيل ويهڪ دوران ڳالهائين پنهنجي خيالن جو اظهار ڪندي، سينئر  مبشر زيدي چيو ته، جنهن ملڪ ۾ مذهب، گم ٿيل ماڻهن سميت ٻين اهڙن معاملن تي ڳالهائي نه سگهجي ته سمجهي وڃڻ گهرجي ته رياست ۽ ان جا ادارا ڪهڙي موڊ ۾ آهن ۽ ان جو سادو مطلب اهو ئي آهي ته ميڊيا تي دٻاءُ وڌو وڃي، عمران خان به رياست مدينا جي ڳالهه ڪري، ٺاهي ٿٿو ته رڳو ععجيب نه پر تمام گهڻو عجيب لڳي ٿو، فواد چوڌري ۽ فردوس عاشق اعواڻ معاشي ماهر هجن  ته صرف افسوس ئي ڪري سگهجي ٿو.

مبشر زيدي ٽي وي چئنلز تي هلندڙ ڪرنٽ افيئرز جي پروگرامز/ ٽاڪ شوز بابت ڳالهائيندي چيو ته، چئنلز تي پرائيم ٽائيم شوز ۾ مختلف قسمن جي موضوئن تي پروگرام ڪرڻ بدران هڪٻئي جي ڪاپي ڪري ساڳئي قسم جا پروگرام ڪيا پيا وڃن، ميڊيا ۾ به ڪاپي جو ڪلچر عام آهي جنهن سان راءِ جي اظهار ۾ هڪجهڙائي هجي ٿي، سينئرز هڪ جونيئر کي ويهاري ان کي سوال ٻڌائي اهي پڇيا وڃن ٿا ۽ سينيئرز کي جيڪو وڻي سو رايو ڏين ٿا. هن چيو ته ميڊيا جي معاشي بحران جو  اهو حال آهي ته ڪيترن ئي ڏهاڪن کان هلندڙ وڏا رسالا هيرالڊ ۽ نيوز لائن بند  ٿي ويا، بند ٿي ويل ننڍا ننڍا  ادارا ته اڻڳڻيا آهن، عجب جهڙي ڳالهه اها به آهي ته احتجاج ۽ اهو به پيئڻ جو نه ملڻ تي سنڌ يونيورسٽي جي شاگردن تي غداري جو ڪيس داخل ڪيو وڃي ٿو. مبشر زيدي جو چوڻ هو ته، ڪو به ميڊيا هائوس بحريا ٽائون، ڊي ايڇ اي اسڪيمز تي ڪو خبر هلائڻ لاءِ تيار ناهي، بحريا تائون ۾ هزارين ماڻهن جي اربين رپيا سيڙپڪاري ٿيل آهي، اهو به هڪ وڏو مسئلو آهي انهن ماڻهن جو ڇا ٿيندو ان تي ڪير به نه ٿو ڳالهائي ڇو ته ميڊيا  هائوسز انهن جي اشتهارن جي آسري ۾ هجن ٿا. مبشر زيدي چيو ته، افسوس ان هو به آهي ته اسانن جي ميڊيا هائوسز خاص طور تي ٽي وي چئنلز تي ثقافت، عورتن ۽ ٻارڙن لاءِ ڪو به پروگرام ناهي.

سينئر صحافي اظهر عباس تقريب ۾ ڳالهائيندي چيو ته، سُڌسماءَ وارو وزير صاحب چوي ٿو ته ماڻهو ٽي وي چئنلز نه ڏسن، وزيراعظم آمريڪا جهڙي ملڪ ۾ ويهي چوي ٿو ته، ته عوام ٽي وي تي خبرون نه ڏسي، ٽاڪ شوز نه ٻڌي ۽ اخبارون پڙهڻ ڇڏي ڏئي ته ڪو به مسئلو مسئلو نه رهندو،اهڙنين سوچن مان ان ملڪ ۽ حڪمرانن جي ذهني ائپروچ مان اندازو لڳائي سگهجي  ٿو ته اهي ڇا ٿا چاهين، اظهر باس جو چوڻ هو ته، پاڪستان ۾ ميڊيا جي سوشل ميڊيا سيڪشن تي وڃڻ ۽ ان تي ڀاڙي ويهڻ به في الحال ڏکيو آهي ڇو ته معاشي طور تي ان تي ڀاڙي نه ٿو  سگهجي، حڪومتي انتظاميا توڙي سيڪيورٽي معاملن تي ڳالهائڻ عوام ۽ن  ميڊيا جو حق آهي، ان کي غدار يا ملڪي سيڪيورتي لاءِ رسڪ قرار ڏنو وڃي اهو ڪنهن به  صورت ۾ مناسب ناهي.

ميڊيا ۾ هن وقت نه رڳو ميڊيا جي آزادي پر ميڊيا ورڪرز جو به تحفظ ڪرڻو آهي، ورڪرز جي بيروزگارن ٿيڻ وارو بحران ڪو نننڍڙو بحرانن ناهي.سينئر صحافي ۽ تجزيي نگار اويس توحيد چيو ته پاڪسستان ۾ قومپرست سياست تي پابندي آخر ڇو ٿي لڳائي وڃي، سنڌ جو ماڻهو سنڌي، بلوچ ۽ پشتون وارا پي ٽي ايم جي پليٽفاررم تان قومپرست سياست ڪن ٿا ته ان ۾ حرج ڪهڙو آهي، انهن پارٽين سان لاڳاپييل ڪارڪنن ۽ اڳواڻن کي ڳالهائڻ نه ٿو ڏنو وڃي، منظور پشتين جي ڳالهائڻ تي ميڊيا ۾ پابندي آهي پر سوشل ميڊيا تي انهن جي جي هڪ ڪلپ کي ڏهه ڏهه لک ماڻهو ڏسن ۽ ٻڌن ٿا. هتي حڪوممت  جي نااهلين تي ڳالهائڻ اسٽيٽ جي عوام دشمن پاليسين تي ڳالهائڻ تي ميڊيا هميشه ڏچن کي منهن ڏنو آهي، جيڪڏهن ميڊيا جو ڳلو دٻايو وڃي ٿو ته مطلب عوام ۽ ان جي آواز کي دٻايو پيو وڃي.

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ جي تاريخي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي زمين تي والار جاري

ٺٽو ( خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) سنڌ جي تاريخي ورسي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *