Saturday , April 27 2024

ٽنڊو ڄام جو پورو خاندان اجل جو شڪار، سوين آلين اکين سان مٽي ماءُ حوالي

ٽنڊوڄام:7گهرڀاتين جا مڙهه منتقل ڪيا پيا وڃن – سنڌسماءَچار فوٽو

ٽنڊو ڄام / حيدرآباد ( رپورٽر/مانيٽرنگ ڊيسڪ   سنڌسماءَچار) ٽنڊو ڄام ويجهو ڳوٺ حق نواز جوڻيجو ۾ هڪ گهر مان 7 ڀاتين جا 2 ڏينهن پراڻا لاش هٿ، فوتين جي جسم تي تشدد جا ڪي به نشان نه آهن، گهرڀاتين جو موت ڪا زهريلي گئس سبب لڳي رهيو آهي، پوسٽ مارٽم جي شروعاتي رپورٽ جاري، وڏي وزير 7 گهر ڀاتين جي فوت ٿيڻ جو نوٽيس ورتو، ڊي آءِ جي کان رپورٽ طلب، 7 گهرڀاتين جي فوت ٿيڻ تي علائقي ۾ ڏک جي لهر. ٽنڊو ڄام ويجهو راهوڪي ٿاڻي جي حد ڳوٺ حق نواز جوڻيجو ۾ هڪ گهر مان 7 ڀاتين جا لاش هٿ آيا، جنهن جو علائقي واسين پاران پوليس کي اطلاع ڏنو ويو.  اطلاع تي پوليس پهچي لاش پوسٽ مارٽم لاءِ سول اسپتال حيدرآباد منتقل ڪيا، جتي فوتين جي سڃاڻپ 55 ورهين جي استاد اشرف حيات، سندس گهرواري شهناز ۽ سندن 5 ٻارن طور ٿي، فوتي ٻارن ۾ 18 ورهين جو جواد، 12 سالن جي عليزه، 14 ورهين جي فائزه، ثنا ۽ ڏهن سالن جي لاريب شامل آهن. سول اسپتال حيدرآباد ۾ فوتين جي لاشن جو پوسٽ مارٽم ڪيو ويو جنهن جي شروعاتي رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته 7 گهرڀاتين جو موت زهريلي گئس سبب لڳي رهيو آهي.سول اسپتال حيدرآباد جي سينيئر ميڊيڪوليگل آفيسر ڊاڪٽر وسيم خان چيو  آهي ته فوتين جي جسم تي تشدد جا ڪي به نشان نه آهن، گهرڀاتين جي فوت ٿيڻ جا ڪارڻ زهريلي گئس لڳي رهيو آهي. ڊاڪٽرز جو چوڻ آهي ته فوتين جي جسم مان ورتل وڌيڪ جزا ليبارٽري اماڻيا آهن جنهن ذريعي گهرڀاتين جي فوت ٿيڻ جا اصل ڪارڻ معلوم ٿي سگهندا. پوسٽ مارٽم کانپوءِ فوتين جا لاش وارثن حوالي ڪيا ويا جيڪي وارث پنهنجي اباڻي ڳوٺ حق نواز جوڻيجو کڻائي ويا آهن جتي سندن جنازي نماز ادا ڪرڻ بعد مڙهه مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيا ويندا. ان کان اڳ ميڊيا سان ڳالهائيندي ڊي آءِ جي نعيم شيخ چيو ته واقعو چوري يا ڌاڙي جو نه لڳي رهيو آهي، امڪان آهي ته واقعو ڪا زهريلي شيءَ کائڻ يا ساهه ٻوساٽجڻ سبب ٿيو آهي. علائقي واسين جو چوڻ هو ته گهر مان بدبوءِ اچڻ کانپوءِ دروازو کولي اندر داخل ٿياسين ته ستن ئي ڀاتين جا لاش پيل هئا، جنهن جو پوليس کي اطلاع ڏنو ويو. ٻئي پاسي وڏي وزير مراد علي شاهه واقعي جو نوٽيس وٺندي ڊي آءِ جي حيدرآباد کان واقعي جي رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي.

About Asghar Azad

Check Also

هاڻي جنهن به ملڪ وڃون ٿا ته منهن ڏسي سمجهي ٿا وڃن ته پئسا وٺڻ آيا آهن: وزيراعظم شهباز شريف

ڪراچي (مانيٽرنگ ڊيسڪ   سنڌسماءَچار) اسان کي پنڻ جو سلسلو بند ڪرڻو پوندو، هاڻي جنهن به …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *