Friday , April 26 2024

قومي اسيمبلي جي ڪميٽي چئي ڇڏيو؛ ”سري عام ڦاسي نامنظور“

اسلام آباد( خاص نمائندو    سنڌسماءَچار) قومي اسيمبلي جي انساني حقن واري ڪميٽي پاڪستان پينل ڪوڊ (پي پي سي) ۾ ٻارن کي هراسان ڪندڙ جوابدارن کي سر عام ڦاهي ڏيڻ لاءِ قانون ۾ ترميم واري معاملي جي مخالف ڪري ڇڏي آهي. ڪميٽي جو اجلاس چيئرمين نواز راجا جي صدارت هيٺ ٿيو، چيئرمين بابر نواز جو چوڻ هو ته اهو ڪنهن آمر جو دور ناهي پر هڪ جمهوري دور آهي ۽ جمهوري دور ۾ ڪنهن کي سر عام ڦاهي نٿي ڏئي سگهجي. سندس چوڻ هو ته سر عام چونڪن تي ڦاهي ڏيڻ بدران قانون سازي جي ضرورت آهي تنهن هوندي ٻارڙين سان زيادتي جي ڪيسن ۾ سينيٽ ڪميٽي طرفان تجويز ڪيل ترميم جي انساني حقن واري ڪميٽي مخالف ڪري ڇڏي آهي.

About Asghar Azad

Check Also

هاڻي جنهن به ملڪ وڃون ٿا ته منهن ڏسي سمجهي ٿا وڃن ته پئسا وٺڻ آيا آهن: وزيراعظم شهباز شريف

ڪراچي (مانيٽرنگ ڊيسڪ   سنڌسماءَچار) اسان کي پنڻ جو سلسلو بند ڪرڻو پوندو، هاڻي جنهن به …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *