Friday , April 26 2024

بلاول ڀٽو زرداري ۽ شيخ رشيد وچ ۾ تڪرار وڌي ويو

اسلام آباد(خاص نمائندو) پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ۽ وفاقي وزير شيخ رشيد وچ ۾ هلندڙ لفظي ڦڏو وڌي ويو آهي، پيپلز پارٽي پاران شيخ رشيد خلاف قانوني دڳ وٺڻ جو اعلان، شيخ رشيد پاران هاڻي گهٽ نه ٿيندي جي وارننگ. بلاول ڀٽو زرداري ۽ وفاقي وزير شيخ رشيد وچ ۾ ڪافي وقت کان بيان بازي ۽ هڪٻئي مٿان لفظي حملا ڪرڻ کانپوءِ نيٺ اهو معاملو تڪرار ۾ تبديل ٿي ويو آهي. پيپلز پارٽي پاران بلاول بابت شيخ رشيد جي ان بيان تي ”بلاول ڀٽو زرداري سياسي موت مري ويندو“ خلاف عدالت جو درکڙڪائڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي. پيپلزپارٽي پنجاب جي سيڪريٽري جنرل چوڌري منظور پنهنجي جاري ڪيل پريس بيان ۾ چيو آهي ته، بلاول ڀٽو کي ڌمڪيون ڏيڻ تي شيخ رشيد خلاف ڪيس داخل ڪرڻ لاءِ قانوني ڪارروائي لاءِ صلاح مشورا ڪري رهيا آهيون. هن چيو ته، شيخ رشيد مسخرو ۽ دهشتگردن جو ٽائوٽ آهي، بلاول بابت سندس تازو بيان انتهائي خطرناڪ قسم جي ڌمڪي آهي، جيڪا برداشت ڪرڻ جهڙي نه آهي ۽ پارٽي ان جو سنجيدگي سان جائزو وٺي رهي آهي. چوڌري منظور جو چوڻ آهي ته شيخ رشيد گندگي پکيڙيندو رهيو جنهن کي نظرانداز ڪيو پئي ويو پر قتل جي ڌمڪي کي نظرانداز نه ٿا ڪري سگهون. شيخ رشيد بلاول کي اهڙي ئي ڌمڪي ڏني آهي، جيئن مشرف شهيد بينظير ڀٽو کي ڏني هئي، هن چيو ته بلاول ڀٽو طرفان ڪالعدم جماعتن خلاف ڪارروائي واري مطالبي بعد شيخ رشيد اهڙي ڌمڪي ڏني آهي. ڏسڻو پوندو ته اهي ڌمڪيون حڪومت، ڪالعدم جماعتن يا ڪنهن ٻئي ڪوارٽر طرفان اچي رهيون آهن.

About Asghar Azad

Check Also

هاڻي جنهن به ملڪ وڃون ٿا ته منهن ڏسي سمجهي ٿا وڃن ته پئسا وٺڻ آيا آهن: وزيراعظم شهباز شريف

ڪراچي (مانيٽرنگ ڊيسڪ   سنڌسماءَچار) اسان کي پنڻ جو سلسلو بند ڪرڻو پوندو، هاڻي جنهن به …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *