Monday , January 24 2022
uren

20مارچ تي پيش ٿيو؛ آصف زرداري ۽ بلاول ڀٽو زرداري کي نوٽيس جاري

نيب آصف زرداري ۽ بلاول ڀٽو زرداري – سنڌسماءَچار – فائل فوٽو

اسلام آباد (خاص نمائندو سنڌسماءَچار) ڪوڙن بئنڪ کاتن ذريعي مبينا مني لانڊرنگ واري ڪيس ۾ اڳوڻي صدر آصف زرداري ۽ پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري کي نوٽيس جازري ڪيا ويا آهن، ذريعن جو چوڻ آهي ته، نيب پاران جاري ڪيل نوٽيس ۾ آصف ۽ بلاول کي هدايت ڪئي وئي آهي ته 20 هين مارچ تي پيش ٿي بيان رڪارڊ ڪرايو وڃي. نيب اختيارين جعلي بئنڪ اڪائونٽس ذريعي ڪروڙين رپين جي ڏيتي ليتي ۽ مني لانڊرنگ ڪيس جي جاچ ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر تيزي اچي وئي آهي. مني لانڊرنگ ۽ جعلي بئنڪ اڪائونٽس ڪيس اسلام آباد منتقل ٿيڻ کانپوءِ نيب راولپنڊي پهريون آصف زرداري ۽ بلاول ڀٽو زرداري کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا آهن. اڳوڻي صدر آصف زرداري ۽ پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري کي نوٽيس جاري ڪندي 20 مارچ تي پيش نيب هيڊڪوارٽرز لاهور ۾ پيش ٿي بيان قلمبند ڪرائڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي. سنڌسماءَچار کي ذريعن کان مليل ڄاڻ مطابق آصف زرداري ۽ بلاول ڀٽو زرداري کي نيب طرفان سوال نامو پيش ڪيو ويندو. نيب ذريعن جو چوڻ آهي ته آصف زرداري ۽ بلاول ڀٽو مان جيڪو به نيب ٽيم جي سوالن جا مطمئن ڪندڙ جواب نه ڏئي سگهيو. اهڙي صورت ۾ مطمئن نه ڪندڙ ماڻهو کي گرفتار ڪرڻ جا امڪان آهن.

About Asghar Azad

Check Also

سائين جي ايم سيد جي 118 هين سالگرهه اڄ ملهائي پئي وڃي

Share this on WhatsApp حيدرآباد (  رپورٽر  سنڌسماءَچار) اڄ سائين جي ايم سيد جي 118هين …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *