Tuesday , February 7 2023
uren

ويل ڊن فيصل ايڌي _ الهه بخش راٺوڙ

الهه بخش راٺوڙrathore

امريڪي ناول نگار اليڪس هيلي جو ناول
Roots: The Saga of an American Family
جنهن تي فلم به ٺاهي وئي،ان ناول کي مون وري وري پڙهڻ جي ڪوشش ڪئي آهي.هن ناول ۾ ايترا ته اسٽرائڪنگ جملا ۽ ٿيمز آهن، جن کي پڙهڻ لاءِ وري وري دل چئي ٿي.مون جيئن ئي ناول کي کوليو ته ان جو سر سري جائزو وٺي رهيو هيس،ڪجهه جملن تان نظر ترڪندي وڃي، هڪ انتهائي ڏيل ڏاريندڙ جملي تي بيهي رهي.هن ناول جي مرڪزي ڪردار ڪنتي ڪانتا جي واتان اليڪس هي جملو چورايو…
Through this flesh, which is us, we are you, and you are us!”
(هي جو جسم جو گوشت،جيڪو اسان جي جسم جو حصو آهي،،اسان ان جو حصو آهيون ۽ تون اسان جي جسم جو حصو آهين)
مان اهو ٻڌايان ته ڪنتي ڪانتا جو حوالو ڇو پيو ڏيان، ان کان اڳ اهو ٻڌو ته مون کي ڪنتي ڪانتا ڇو ياد آيو؟ جي ها منهنجي نظر انساني خدمت گذار عبدالستار ايڌي جي فرزند ۽ اسان جي پياري دوست ڊاڪٽر فيصل ايڌي جي ڪجهه چبهندڙ جملن تي نظر پئي.
فيصل ايڌي جنهن لاءِ سندس والد پنهنجي حياتي ۾ چيو هو ته ”جيڪو مون انساني خدمت جو ڪنو چاڙهيو آهي، ان جو ڍڪ منهنجو هي پٽ (فيصل) لاهيندو“. ان وقت فيصل سان هلڪي ڦلڪي دعا سلام هئي،هن سان بلوچي جي مشهور شاعر عمران ثاقب جي ذريعي جڏهن لياري ۾ ملاقات ٿي ته فيصل ايترو ته جذباتي هو، جو مون کي محسوس ٿيو ته هي ڪنهن سنڌي جو خون ٿي سگهي ٿو.هو اصل ۾ واڳ ڌڻين جي حوالي سان هارڊ لائينر هو.هي چڱي ڳالهه آهي ته هو پنهنجي والد جيان اصل اقتدار جي ڌڻين جي افعالن کان واقف آهي. ايڌي صاحب هڪ ڀيري پاڻ کي اسٽالن ۽ لينن جو پوئلڳ سڏيندي، فيصل لاءِ ڪامريڊ فيصل جا لفظ اچاريا هئا.هاڻ جڏهن آدمشماري جي موسم آهي ته فيصل سان ڪجهه دوستن ملاقات ڪئي ۽ گذارش ڪئي ته هو ٻولي جي خاني ۾ سنڌي لکرائين، ته هو هڪ ڀيرو ٻيهر جذباتي ٿي ويو.
چوڻ لڳو ”مان سنڌي آھيان، منھنجا ابا ڏاڏا 1500سالن کان سنڌ ۾ آباد آھن.اسان پاڻ کي سنڌي چوڻ تي فخر محسوس ڪيون ٿا،منھنجا ابا ڏاڏا اصل ۾ ھالا جا آهن، 150 سال اڳ ھتان ھجرت ڪري ويا هئا سين پر اسان سنڌ ڌرتيَ جا احسان مند آهيون جنهن اسان کي ٻيهر قبوليو وري اچي پنهنجي ڌرتي امڙ سنڌ ۾ آباد ٿيا آھيون“.
هن پنهنجي ڳالهه جاري رکندي چيو ته ” مان پنھنجن دوستن ۽ برادري وارن کي چوان ٿو تہ اسان سڀ سنڌ ۾ رھڻ وارا سنڌي آھيون.آدم شماري ۾ پاڻ کي سنڌي لکرايو سنڌ ڌرتي اسانجي مآء آھي.اسان اڄ جيڪو ڪجھ بہ آھيون ته سنڌ امڙ جي ڪري آھيون .سنڌ ڌرتي سان وفاجو ثبوت اھو آھي تہ آدم شماري ۾ ٻوليء جي خاني ۾ پاڻ کي سنڌي لکرايو. مون کي فخر آھي تہ مان ھزارن سالن جي تھذيب رکندڙ سنڌ جو آھيان“.
فيصل جي ڄاڻايل جملن ۾ سنڌ ئي موجود آهي.مان فيصل جي درد کي سمجهي سگهان ٿو.هي به اليڪس جي ناول روٽس جو ڪنتي ڪانتا ڪردار لڳي ٿو.هن جي وڏڙن به ڏيڍ صدي کانپوءِ سنڌ ڏانهن واپسي ڪئي ۽ پنهنجي روٽس کي ٻيهر اسٽيبلش ڪري ورتو ۽ اهڙو ته اثرائتو ڪردار ادا ڪيو، جو سموري دنيا ايڌي کي سڄاڻي ٿي.ڪانتا به پنهنجن وڏڙن کي ڳولهڻ لاءِ آمريڪا کان آفريقا پهتو هو.جتان پنهنجي اصل نسل کي ڳولي آيو ، پر فرق ايترو آهي ته ايڌي صاحب کي ڪانتا جيتري تڪليف نه ڪرڻي پئي هوندي.
اينٿروپالاجي جي مضمون جي ڊيولپ ٿيڻ کانپوءِ هاڻ جيڪي انسانن ۽ جانورن سان گڏ سمورين حياتي رکندڙ ۽ مٽجي ويل جيوت جي ڄمار ۽ اصليت جي باري ۾ معلومات حاصل ڪري سگهجي ٿي ته اسان کي به پنهنجا روٽس ڳولڻ لاءِ گهڻي محنت جي ضرورت نه پوندي.
پنهنجن ابن ڏاڏن کي ڳولهڻ جي تڪليف موريشس جي اڳوڻي بهاري وزير اعظم کي ضرور ٿي.هو موريشس کان ڀارت جي دوري تي آيو ۽ اتي اچي پچڻ لڳو ته الف خاندان بهار ۾ ڪٿي رهندو هو، ان بابت ڪو ٻڌائيندو؟ ان تي ڪو عالم کيس بهار جي ان خاندان تائين وٺي ويو، جنهن جو ان وزير اعظم جي ابن ڏاڏن سان واسطو هو.اتي پهچي هن پار پتا ڏنا ته سندس ابا ڏاڏا لڀي پيا.هن بهاري بابو کي يقين ئي نٿي آيو ته هو ائين پنهنجي اصليت کي ڳولي لهندو.!
تازوئي ڪراچي لٽريچر فيسٽيول جي موقعي تي مخلتف ٻوليون ڳالهائيندڙ دوستن سان ملاقاتون ٿيون ۽ ڪجهه گرم نرم بحث مباحثا به ٿيا.هڪ بلوچ دوستن جي ٽولي بيٺي هئي، ان مون کي هٿ مان پڪڙي بلوچي ۾ چوڻ شروع ڪيو.
”واجا هي اسان جا سنڌي دوست چون ٿا ته اسان ٻروچن کي گهروڀرو آدمشماري جي خاني ۾ سنڌي لکرائڻ گهرجي، هي ته زبردستي لکرائڻ جا حامي آهن، هي به ته آمريت آهي نه“؟
هن پنهنجي ڳالهه جاري رکندي چيو ته ” اسان جو جيئڻ ۽ مرڻ سنڌ سان آهي، سنڌ اسان جي ماءُ آهي، پر اسان کي پنهنجي ٻولي لکڻ جي اجازت هجڻ گهرجي“!
مان ٻه ٽنگيو ڦاٿل هيس. مون کين پيار واري انداز ۾ سمجهايو واجا، ڪير به ڪنهن کان ٻولي کسي نٿو سگهي،آدمشماريءَ ۾ جيڪڏهن توهان بلوچي لکندو ته وسيلن مان حصو سنڌ کي ملڻ بدران بلوچستان کي ملندو.توهان جو جيئن مرڻ سنڌ سان آهي.بلوچن کي سنڌ ۾ آئي ٽي سو سالن جو عرصو ٿي ويو آهي.هاڻ به جيڪڏهن توهان پاڻ کي سنڌي نه لکندو ته باقي دنيا وارن مان ڪهڙي اميد ڪري سگهجي ٿي؟
مون کين سمجهائڻ لاءِ انتهائي پاٻوهه مان پڇيو ڏسو واجا منهنجي مادري زبان سرائيڪي آهي، منهنجي گهر واريءَ جي بلوچي ۽ فارسي آهي.منهنجن ٻارن جي زبان به بلوچي ٿي.پر جيڪڏهن مون کي ٻولين وارو آپشن ڏنو وڃي ته مان ڪنهن به صورت ۾ سرائيڪي نه لکندس ۽ نه ئي بلوچي، ڇاڪاڻ ته مون کي سنڌ جا مفاد پنهنجي ٻولي جي تشخص کان به عزيز آهن.هاڻ ته خاندان به ڪاسموپوليٽن ٿي ويا آهن.هي خبر نٿي پئي ته ڪهڙي ٻولي کي پنهنجو ۽ ڌاريو سمجهجي.انڪري اسان کي ٿورو وسيع دل ۽ دماغ سان سوچڻ گهرجي.مون کي يقين آهي ته سنڌ ۾ رهندڙ بلوچ به ايترا ئي سنڌ جو موڀي اولاد آهي، جيترو سنڌي ڳالهائيندڙ ٿي سگهي ٿو.
منهنجي مسئلي کي ناليواري شاعر امداد حسيني حل ڪري ڇڏيو ڳالهين دوران چوڻ لڳو ته ”پنهنجي ۽ ڌارئي جو فرق هي آهي ته جيڪو سنڌ جي مفادن لاءِ وڙهي اهو پنهنجو جيڪو نه وڙهي اهو غير! ان ۾ ٻولي جو ڪوبه فرق ناهي “
اسان جي انهن سڀني دوستن کي ، جيڪي گهر ۾ ڪابه ٻولي ڳالهائين ٿا، انهن کي سنڌي لکرائڻ گهرجي. جيڪڏهن اسان سنڌ جي مفادن کي عزيز سمجهو ٿا.ان حوالي سان فيصل ايڌي جو مثال شاندار آهي، هو گهر ۾ گجراتي ڳالهائين ٿا،پر کين سنڌ وڌيڪ عزيز آهي.

About Asghar Azad

Check Also

غربت جو خاتمو چاهيون ئي نه ٿا،سکڻيون دانهون ڪرڻيون آهن

Share this on WhatsAppغربت جو خاتمو چاهيون ئي  نه ٿا،سکڻيون دانهون ڪرڻيون آهن! – اصغر …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *