Sunday , April 28 2024

سڀ ڪجهه ڪري ڏيندڙ پيپلزپارٽي لاءِ ايندڙ اليڪشن ۽ ايندڙ سيٽ اپ جو امتحان

ڪراچي ( رپورٽ: اصغر آزاد   سنڌسماءَچار) گذريل 15 سالن دوران اسٽبلشمينٽ لاءِ هر قسم جون خدمتون سرانجام ڏيندڙ پاڪستان پيپلزپارٽي لاءِ اسٽبلشمينٽ ايندڙ عام اليڪشن ۾ سخت شرط رکي ڇڏيا، نگران حڪومتون، ايندڙ اليڪشن ۽ ايندڙ سيٽ پريشانين جي نئين دور جي شروعات ٿي وئي. ملڪ  آئين مطابق پارليامينٽ جا 5 سال مڪمل ٿيڻ کان اڳ ئي قومي اسيمبلي ٽوڙڻ بعد نگران وزيراعظم جي نامزدگي اپوزيشن ليڊر معرفت طاقتور ڌرين ڪئي. قومي اسيمبلي ٽوڙڻ بعد پيپلزپارٽي ۽ ن ليگ نگران وزيراعظم جي نالن تي غور ڪري پنهنجي پنهنجي پسند جا نالا تجويز ڪيا. ان سلسلي ۾ سنڌسماءَچار کي ذريعن کان مليل ڄاڻ مطابق قومي اسيمبلي ٽوڙڻ کان هڪ ڏينهن اڳ وزيراعظم شهباز شريف ڪيترائي ڀيرا اپوزيشن ليڊر راجا رياض سان فون تي رابطو ڪري ملاقات لاءِ چيو، اسيمبلي ٽوڙڻ لاءِ سمري صدر کي موڪلڻ بعد به وزيراعظم، اپوزيشن ليڊر کي ملاقات ڪرڻ لاءِ چيو پر راجا رياض، وزيراعظم شهباز شريف سان ملاقات نه ڪئي، اذريعن موجب پيپلزپارٽي جي اهم اڳواڻن آصف زرداري جي هدايتن تي راجا رياض سان ملاقات جي ڪوشش ڪئي پر هن انهن کي به ملاقات جو وقت نه ڏنو.

ان سلسلي ۾ ذريعن کان مليل ڄاڻ مطابق راجا رياض مقتدر ڌرين سان مسلسل رابطي ۾ رهيو، انهن جي ئي چوڻ تي هن وزيراعظم توڙي پ پ اڳواڻن سان ملاقات نه ڪئي، ان دوران مقتدر قوتون ۽ بلوچستان عوامي پارٽي رابطي ۾ رهيا ۽ نگران وزيراعظم جي چونڊ ڪرڻ ۾ رڌل رهيا، ان دوران ئي سينيٽ چيئرمين صادق سنجراڻي معرفت وزيراعظم شهباز شريف ۽ مولانا فضل الرحمان کي پيغام پهچايو ويو هو ته نگران وزيراعظم مقتدر قوتون پنهنجو آڻينديون، وزيراعظم ۽ اپوزيشن ليڊر ڪو به نالو انائونس نه ڪن.

ساڳئي طرح جڏهن سنڌ جي نگران وڏي وزير جي نالي تي غور هلندڙ آهي، جنهن لاءِ وڏي وزير مراد علي شاهه ۽ اپوزيشن ليڊر رعنا انصار وچ ۾ ڇنڇر ڏينهن ڪجهه گهڙين جي ملاقات ٿي، ذريعن جو چوڻ آهي ته اپوزيشن ليڊر رعنا انصار پاران نگران وڏي وزير لاءِ ڪو به نالو پيش نه ڪيو ويو، صرف رسمي ملاقات ڪئي وئي آهي. سنڌسماءَچار کي مليل ڄاڻ مطابق نگران وڏي وزير لاءِ ڇنڇر 12 آگسٽ ۽ آچر13 آگسٽ جي وچ واري رات جو دير تائين چئن شخصيتن جا انٽرويو ڪيا ويا آهن، جن ٻن ڄڻن کي شارٽ لسٽ ڪيو ويو آهي، امڪان ظاهر ڪيو پيو وڃي ته سنڌ جي نگران وڏي وزير جي نالي جو 13 آگسٽ آچر ڏينهن يا رات دير تائين اعلان ڪيو ويندو. (ايندڙ اليڪشن ۾ ڇا ٿيڻ وڃي رهيو آهي/ ڊولپنگ اسٽوري)

About Ahmedbilal

Check Also

سنڌ جي تاريخي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي زمين تي والار جاري

ٺٽو ( خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) سنڌ جي تاريخي ورسي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *