Saturday , April 27 2024

ڳالھيون پيٽ ورن ۾ _ ذلفي ميراڻي

ڳالھيون پيٽ ورن ۾ _ ذلفي ميراڻي

ذوالفقار علي ڀٽو، رسول بخش پليجو ۽ قادر بخش مگسي سنڌ ديس جي سياسي افق تي نھايت مشھور، نھايت مختلف بلڪ سياسي طور تي نھايت تڪراري ڪردار پئي رھيا آھن!

ھنن ٻيو جيڪو ڪجھه به ڪيو اھو سندن ساٿين کي معلوم ھوندو پر ھنن سنڌ جي قومي تحريڪ جي ارتقاءُ، واڌ ويجھه ۽ جدوجھد آڏو رڪاوٽون پيدا ڪرڻ ۾ زبردست ڪردار ادا ڪيو.

پھرين ٻن اڳواڻن جي مقابلي ۾ ڊاڪٽر قادر مگسي گھڻو ننڍو ڪردار قرار ڏئي سگھجي ٿو پر ان  ذريعي ھنيل چوٽ به ھر لحاظ کان ڪاپاري چوٽ سڏي سگھجي ٿي.

پنجاب، پختون خواهه ۽ بلوچستان جي مملڪت خداداد ۾ شموليت جو قصو گھڻو مختلف آھي باقي  بنگالي به سنڌين جيان ئي مملڪت جي قيام لاءِ خوشيءَ سان پتوڙيندا رھيا ۽ سندن قيادت جنھن اڳتي ھلي اوڀر پاڪستان کي بنگلاديش بڻائڻ واري عمل جي قيادت ڪئي اھا به حضرت جناب جناح صاحب سان ايئن متاثر ھئي جيئن ڪوٽ لکپت جيل کان واپسي بعد مرحوم پليجو صاحب متاثر نظر اچي ٿو.

شيخ مجيب الرحمان ته ھڪ دفعي ڪلڪتي کان نئين دھلي تائين جناح صاحب ۽ مسلم ليگ سان محبت جي اظھار طور پيرين پنڌ سفر ڪيو ھو. مطلب مسلمان بنگالين جو مملڪت خداداد جي قيام ۾ نھايت اھم ۽ بنيادي ڪردار رھيو ۽ ان حوالي سان ھنن جون سنڌين جي مقابلي ۾ تمام وڏيون قربانيون رھيون پر اڳتي ھلي پنھنجو قومي تشخص ۽ قومي وجود خطري ۾ محسوس ڪندي پاڻ کي الڳ ڪري بطور بنگالي پنھنجو تعارف بحال ڪري ورتو. بنگالي سنڌين جي مقابلي ۾ خوش نصيب ھئا جو ھنن جي قوم ۾ ڪو شھيد ڀٽو، ڪو مرحوم پليجو ۽ ڪو قادر بخش مگسي جھڙو ڪردار موجود نه ھو. يقين سان ٿو چوان جي بنگالين ۾ به اھڙا قائد ۽ مزاحمت ڪار موجود ھجن ھا ته بنگلاديش اڄ به اوڀر پاڪستان ئي ھجي ھا پر ھنن پنھنجي قومي سماج ۾ اھڙن ڪردارن کي پيدا ٿيڻ يا اسرڻ ئي نه ڏنو.

ان لحاظ کان ھنن ٽنھي اڳواڻن جو ڪردار تاريخ جي ڪٽھڙي ۾ آڻڻ جوڳو آهي ۽ تاريخ کين پنھنجي ڪٽھڙي ۾ آڻيندي به ضرور ڇو ته تاريخ کي ان ڳالھ سان ڪا به دلچسپي ناھي ھوندي ته ڪير ڪيڏو وڏو جاگيردار ھو، ڪير ڪھڙي عھدي تي موجود رھيو يا ڪير قائد انقلاب يا مزاحمتي جنگ جو سرواڻ ھو.

تاريخ کي بس پنھنجو ڪم سڌو ڪرڻو ھوندو آھي جيڪو ھر حال ۾ ڪري گذرندي آهي. جيتوڻيڪ آءٌ ذوالفقار علي ڀٽو صاحب کي پليجو صاحب مرحوم ۽ قادر بخش مگسي جي قد ڪاٺ توڙي علمي تناظر ۾ گھڻو مٿانھون ٿو ڏسان پر بہ ٽنھي قائدين جا مقصد ساڳيا ئي ھئا ۽ ٽئي منزل جا راھي ھڪ ئي ٻيڙي جا  سوار مسافر ھئا. شين کي غير روايتي نھج تي وڃي ڏسڻ سان معلوم ٿئي ٿو ته اھي ٽيئي ڪردار ھڪٻئي جو تسلسل ھئا ۽ سندن مقصد شعوري يا لاشعوري طور تي ساڳيا ئي ھئا. ھنن وڏن مشھور ٽرائيڪا سياستدانن بابت اھي ڳالھيون محض سچ کي سامھون آڻڻ لاءِ آھن، ڪير به اھڙين ڳالھين سان اختلاف ڪري سگھي ٿو.

جيتوڻيڪ ذوالفقار علي ڀٽو صاحب، رسول بخش پليجي ۽ قادر بخش مگسي جو مملڪت خداداد جي قيام جي سلسلي ۾ سڌي ريت ڪو سياسي عمل يا سياسي ڪردار شامل نه رھيو سواءِ ھڪ مبالغي يا غير تصديق ڳالھ جي تہ پليجو صاحب مرحوم پاڻ کي فخر سان “پليجو پاڪستاني” سڏرائيندو ھو ۽ آل انڊيا مسلم اسٽوڊنٽس فيڊريشن جو حصو رھيو پر مملڪت جي قيام پڄاڻان ھنن ڪردارن مملڪت خداداد کي سگھارو ڪرڻ توڙي تاريخي قومن جي ڌار تاريخي سڃاڻپ، فڪر ۽ جدوجھد کي ناقابل فراموش نقصان پھچايو.

ھنن ٽنھي مشھور ڪردارن بابت باقي سچايون جيڪي گھڻو ڪري ون يونٽ جي نفاذ کان ايم آر ڊي ھلچل تائين ۽ سنڌ ۾ لساني فسادن تائين وارن واقعن تي آڌاريل ھونديون، ٻي ڀيري   پيش ڪندس ته جيئن ديس جي ماڻھن خاص طور تي نئين نسل کي ھنن مشھور ڪردارن جي جدوجھد جي اصليت بابت معلوم ٿي سگھي.

About Ahmedbilal

Check Also

سنڌ جي تاريخي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي زمين تي والار جاري

ٺٽو ( خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) سنڌ جي تاريخي ورسي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *