Saturday , April 27 2024

خانپور مهر واسي پورهيت جي معصوم پٽ چمڙي جي بيماري ۾ مبتلا، والدين علاج ڪرائڻ کان لاچار بڻيل

خانپور مهر (سنڌ سماءَ چار  نيوز) ميراڻي پاڙي جي رهواسي پورهيت محمد حسن ميراڻي جي 4 ورهين جو پٽ چمڙي جي خطرناڪ بيماري ۾ مبتلا ٿي وي آهي، جنهن جو علاج ڪرائڻ باوجود صحت ۾ سڌارو ناهي آيو. پورهيت محمد حسن ميراڻي جي نياڻي جي وارثن چيو آهي ته، نياڻي گذريل وڏي عرصي کان چمڙي جي مرض ۾ ورتل آهي. پٽ جي علاج لاءِ الهه تلهه وڪڻي ڇڏيو آهي پر سندس طبعيت ۾ ڪو به سڌارو ناهي اچي سگهو. هنن چيو ته هاڻي هُو غربت سبب معصوم پٽ جو علاج ڪرائڻ کان لاچار بڻيل آهن، سنڌ حڪومت يا سرندي وارا سندس علاج ڪرائي سندن مرض مان جان ڇڏائين جيئن هوءَ به سک جي زندگي گذاري سگهي.

About Asghar Azad

Check Also

خيرپور جي ڪچي مان شاگرد جو تشدد ٿيل لاش هٿ

خيرپور (خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) ڪنگري تعلقي جي ڳوٺ مگرجي واسي شاگرد جو ڪچي واري علائقي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *