Monday , April 29 2024

پيپلزپارٽي پاران پي ڊي ايم جي ڌرڻن ۽ جلسن واري سياست کان پاسيرو ٿيڻ جو فيصلو

ڪراچي(رپورٽ: اصغر آزاد     سنڌسماءَچار) حڪومت مخالف اتحاد پاڪستان ڊيموڪريٽڪ موومينٽ جي مک اتحادي ۽ پارلياماني طاقت رکندڙ پيپلزپارٽي پاران جلسن ۽ ڌرڻن واري احتجاج کان پاسيرو ٿيڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي، پ پ پ جي قيادت ۽ سينئر اڳواڻن جي صلاح مشورن بعد حڪومت خلاف ڌرڻن ۽ احتجاجي جلسن بدران پارليامينٽ اندر ئي حڪومت جو مقابلو ڪرڻ تي اتفاق ڪري ورتو آهي. ان سلسلي ۾ پيپلزاپارٽي جي ذريعن وٽان سنڌسماءَچار کي مليل ڄاڻ موجب، پارٽي جي گذريل سينٽرل ايگزيڪيوٽو ڪميٽي جي 28 ڊسمبر واري اجلاس ۾ شريڪ ڪجهه سينئر اڳواڻن ۽ اجلاس ۾ شرڪت نه ڪندڙ سي اي سي جي هڪ ميمبر ۽ پارٽي جي سينئر اڳواڻ پاران موڪليل تجويز تي غور ڪيو ويو هو، جنهن تجويز ۾ پارليامينٽ مان استعيفائن جي سخت مخالفت ڪئي وئي هئي، انهن اڳواڻن جو موقف هو ته، ”حڪومت خلاف پارليامينٽ وارو پليٽفارم خالي ڪرڻ سواءِ نقصان جي ٻيو ڪجهه به هڙ حاصل نه ٿيندو، نون ليگ کاسنواءِ پي ڊي ايم ۾ شامل ڪنهن به ٻي جماعت جي پارليامينٽ ۾ ذڪر جوڳي ڪا به نماندگي ناهي، انهن کي استعيفائن سان ڪو به فرق نه پوندو، انڪري استعيفائن واري عمل جو حصو ٿيڻ کان پاسو ڪيو وڃي، پارليامينٽ ۾ ويهي ئي حڪومت جو مقابلو ڪيو وڃي“. پ پ ذريعن جو چوڻ آهي ته، ان ئي اجلاس ۾ اهو طئي ڪيو ويو هو ته ” هاڻي پي ڊي ايم جي جلسن يا ريلين ۾ پارٽي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري شرڪت کان پاسو ڪري، پي ڊي ايم جي عوامي سرگرمين ۾ پارٽي جا ٻيا اڳواڻ شرڪت ڪندا پر ڪهڙن جلسن ۽ ريلين ۾ ڪهڙا اڳواڻ شرڪت  ڪندا ان جو فيصلو به آصف علي زرداري، بلاول ڀٽو زرداري ۽ پنج ٻيا سينئر اڳواڻ ڪندا، اڳواڻن جي شرڪت بابت به جتي احتجاج ٿيندو ان صوبي جا ٻه اڳواڻ ۽ باقي سينئر مرڪزي اڳواڻن مان ٽي اڳواڻ شامل هوندا، اُهي ئي طئي ڪندا”.

ان سلسلي ۾ اهو به معلوم ٿيو آهي ته، پيپلزپارٽي پي ڊي ايم قيادت سميت اتحاد ۾ شامل جماعتن جي قيادت تي ان ڳالهه تي راضي ڪيو ويندو ته پارليامينٽ مان نڪرڻ بدران اتي ويهي حڪومت کي ٽف ٽائيم ڏجي ان لاءِ، جيڪي به آئيني طريقا موجود آهن اُهي استعمال ڪيا وڃن، پارٽي جي اڳواڻن کي ان سلسلي ۾ نه رڳو اتحاد اندر پر عوامي سطح تي به اها راءِ جوڙڻ جي ذميواري ڏني وئي، جنهن جي شروعات بلاول ڀٽو زرداري ڪندو، جنهن بعد يوسف رضا گيلاني، قمر الزمان ڪائرا ۽ ٻيا اڳواڻ ان هائوس حڪمت عملين بابت پي ڊي ايم قيادت سان بيڪ ڊور ڳالهيون ڪندي.

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ جي تاريخي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي زمين تي والار جاري

ٺٽو ( خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) سنڌ جي تاريخي ورسي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *