Sunday , April 28 2024

شڪارپور ۾ امتياز شيخ لاءِ ڏکيا ڏينهن وري شروع ٿي ويا؟ غوث بخش مهر پٽن سوڌو پ پ ۾ شامل

ڪراچي( رپورٽ: اصغر آزاد   سنڌ سماچار) جي ڊي اي ايم اين غوث بخش مهر ٻن پٽن سوڌو پيپلزپارٽي ۾ شامل ٿيڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو، وڏي وزير مراد علي شاهه، ناصر شاهه، شرجيل ميمڻ ۽ نثار کهڙو جي غوث بخش مهر جي ڪراچي واري رهائشگاهه تي آمد، امتياز شيخ ۽ آغا سراج دراني شريڪ نه ٿيا. عام چونڊن کان اڳ سنڌ جو سياسي ماحول تبديل ٿيڻ شروع ٿي ويو آهي، وڏي وزير جي اڳواڻي ۾ پ پ پ جي وفد آصف زرداري ۽ بلاول ڀٽو زرداري جي هدايت تي جي ڊي اي اڳواڻ ۽ شڪارپور مان چونڊيل ايم اين اي غوث بخش مهر جي گهر  پهچي ساڻن ملاقات ڪئي، ملاقات دوران غوث بخش مهر پنهنجي ايم پي اي شهريار مهر ۽  اڳوڻي ضلعي ناظم عارف مهر پيپلزپارٽي ۾ شموليت جو اعلان ڪري ڇڏيو. شهريار مهر ملڪ کان ٻاهر هجڻ سبب ملاقات ۾ موجود نه هو. ملاقات دوران گڏجاڻي ۾طئي ٿيو ته محرم الحرام بعد وزيرآباد ۾ جلسو ٿيندو، جنهن ۾ پ پ قيادت به شرڪت ڪندي.

ان سلسلي ۾ ذريعن کان اهو به معلوم ٿيو آهي ته خانڳڙهه جي مهر سردارن جا پ پ ۾ شموليت بابت معاملا اڃا طئي نه ٿي سگهيا آهن، پ پ قيادت ۽ مهر سردارن وچ ۾ ٻن صوبائي سيٽس واري معاملي تي ڳالهيون رولڙي جو شڪار آهن، پر ڪجهه ڏينهن ۾ سردار علي گوهر مهر ۽ راجا خان مهر به پ پ ۾ شامل ٿي ويندا. وڏي وزير جي اڳواڻي ۾ غوث بخش مهر جي رهائشگاهه تي شڪارپور سان تعلق رکندڙ پ پ اڳواڻ ۽ سنڌ اسيمبلي جو اسپيڪر آغا سراج دراني ۽ صوبائي وزير امتياز شيخ موجود نه هئا، جنهن بابت سياسي حلقن ۾ سوال اٿي رهيا آهن ته آغا سراج دراني کي ڇڏي شڪارپور جي سياست ۾ امتياز شيخ لاءِ هڪ وڏو چئلينج بڻجي ويو آهي، پر آغا سراج دراني لاءِ به ڪا سهنجائي نه هوندي.

ان موقعي تي غير رسمي ڳالهه ٻولهه ڪندي چيو ته آصف زردراري ۽ بلاول ڀٽو زرداري جي حڪم تي، هُو صوبائي وزيرن ۽ پارٽي اڳواڻن سان گڏجي غوث بخش مهر وٽ آياسين، غوث بخش مهر پهريان به پيپلزپارٽي ۾ هو پر ڪجهه وقت لاءِ پري ٿي ويو هو، اڄ غوث بخش مهر، شهريار ۽ عارف مهر پ پ ۾ شامل ٿيا آهن. وڏي وزير چيو ته غوث بخش مهر جي آصف زرداري ۽ بلاول ڀٽو سان به ملاقات ٿيندي، اسان وزيرآباد وينداسين جتي جلسي ۾ سڀ پ پ شموليت جو اعلان ڪندا.

About Ahmedbilal

Check Also

سنڌ جي تاريخي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي زمين تي والار جاري

ٺٽو ( خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) سنڌ جي تاريخي ورسي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *