Saturday , April 27 2024

پي ٽي آءِ چيئرمين جي گرفتاري؛ اتحادي حڪومت وڏو فيصلو ڪري ڇڏيو

ڪراچي( رپورٽ سنڌسماءَچار) اتحادي حڪومت پي ٽي آءِ چيئرمين کي في الحال گرفتار نه ڪرڻ جو فيصلو ڪري ورتو، سندس گرفتاري جي ذميواري نگران حڪومت حوالي ٿيندي. اڳوڻي وزيراعظم ۽ پي 9 مئي کانپوءِ پي ٽي آءِ ۽ پي ٽي آءِ  چيئرمين جي رستا روڪ ڪرڻ لاءِ وفاقي حڪومت سميت فيصلا ساز ادارن پاران پي ٽي آءِ چيئرمين، وائيس چيئرمين شاهه محمود قريشي، اسد عمر سميت ٻين اڳواڻن کي ايندڙ عام اليڪشن کان ٻاهر رکڻ جو اصولي فيصلو ڪيو ويو آهي، ان سلسلي ۾ ذريعن کان مليل ڄاڻ مطابق، موجوده اتحادي حڪومت پي ٽي آءِ  چيئرمين کي گرفتار نه ڪرڻ جو اصولي فيصلو ڪري ورتو آهي، جنهن لاءِ اسٽبلشمينٽ سميت لاڳاپيل ڌرين کي به راضي ڪيو ويو آهي، اتحادي حڪومت چاهي ٿي ته پي ٽي آءِ  چيئرمين جي گرفتاري سان مٿن سياسي انتقامي ڪارروائي جو الزام لڳندو انڪري سياسي طور پاڻ کي اهڙي الزام کان بچڻ لاءِ وزيراعظم شهباز شريف، مولانا فضل الرحمان ۽ آصف زرداري جي مختلف وقتن تي ٿيل ملاقاتن دوران پي ٽي آءِ  چيئرمين کي پنهنجي حڪومت دوران گرفتار نه ڪرڻ تي اتفاق ڪيو هو، ذريعن جي دعويٰ آهي ته اسٽبلشمينٽ کي راضي ڪرڻ جي ذميواري اڳوڻي صدر آصف زرداري حوالي ڪئي هئي، جنهن گذريل هفتي اسٽبلشمينٽ به راضي ڪري ورتو هو. ذريعن جو چوڻ آهي ته پي ٽي آءِ  چيئرمين جي گرفتاري لاءِ حتمي طور طئي ڪيو ويو آهي ته اها ذميواري نگران حڪومت دوران عمل ايندي.

About Ahmedbilal

Check Also

سنڌ جي تاريخي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي زمين تي والار جاري

ٺٽو ( خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) سنڌ جي تاريخي ورسي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *