Saturday , April 27 2024

پيپلزپارٽي جا مخصوص سيٽن تي سنڌ مان چونڊيل پارليامينٽرينز فنڊ پنجاب ۾ خرچ ڪن: محمد خان ابڙو

ڪراچي (رپورٽ: اصغر آزاد  سنڌسماءَچار) صوبائي وزير سعيد غني جي پيپلزپارٽي جي ڪالم نگار محمد خان ابڙو؛ پيپلزپارٽي مخصوص سيٽن تي سنڌ مان چونڊيل پارليامينٽرينز فنڊ پنجاب ۾ خرچ ڪفرڻ جي صلاح ڏئي ڇڏي آهي، رٽائرڊ ڪاموري ۽ پيپلزپارٽي جي سينيئر اڳواڻ ۽ صوبائي وزير سعيد غني جي ڪوآرڊينيٽر طور مشهور محمد خان ابڙو، هڪ اردو اخبار ۾ پنهنجي  لکيل هڪ مضمون ۾ پيپلزپارٽي جي قيادت کي صلاح ڏني آهي ته اها سنڌ مان مخصوص سيٽن تي چونڊيل عورت پارليامينٽيرنز، سنڌ مان چونڊيل سينيٽرز سميت مخصوص سيٽن تي چونڊيل سمورن پارلامينٽيرنز کي حڪومت پاران ملندڙ فنڊز پنجاب ۾ خرچ ڪري، جيئن پيپلزپارٽي پنجاب ۾ مضبوط ٿئي.

محمد خان ابڙو پنهنجي لکيل مضمون ۾ چيو آهي ته،“ منهنجي بلاول ڀٽو زرداري ۽ آصف علي زرداري کي گذارش آهي ته سنڌ مان جيڪي عورت ايم اين ايز مخصوص سيٽن تي اچي رهيون آهن، انهن کي چيو وڃي ته اهي پنهنجا فنڊ حسن مرتضيٰ، قمر زمان ڪائره ۽ ٻين انهن حلقن ۾ مختص ڪن، جتي جيالن جو مضبوط ووٽ بئنڪ آهي. اهو ڪم سنڌ مان چونڊيل سينيٽر به ڪري سگهن ٿا، ڇاڪاڻ ته پنجاب ۾ جتي پيپلز پارٽي مسلسل ڪاميابي ماڻي آهي، جيڪڏهن وفاق جي ايم اين ايز ۽ سينيٽرن ڪجهه ڪيو ته ان جو اثر پاڙيسري حلقن تي به پوندو.”

اردو جي ڪالم وارو اوريجنل حصو

“میری بلاول بھٹو زرداری اور آصف علی زرداری سے گزارش ہے کہ مخصوص نشستوں پر آنے والے سندھ سے خواتین ایم این ایز سے کہا جائے کہ ہنجاب میں حسن مرتضی، قمر زمان قائرہ سمیت دیگر حلقوں میں جہاں جیالوں کا ووٹ بینک مضبوط ہے وہاں وہ اپنے فنڈز سے کام کروائیں، یہ کام سندھ سے منتخب سینیٹرز بھی کر سکتے ہیں کیوں کہ پنجاب میں جہاں جہاں پیپلز پارٹی مسلسل جیتی آئی ہے وہاں اگر وفاق کے ایم۔این ایز اور سینیٹرز کچھ کام کروادیں تو ساتھ کے حلقوں پر بھی اس کا آثر پڑھے گا ”

About Ahmedbilal

Check Also

سنڌ جي تاريخي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي زمين تي والار جاري

ٺٽو ( خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) سنڌ جي تاريخي ورسي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *